Wednesday, May 22, 2019

محبت جو ڪيميائي تجزيو.




شفيق الرحمان شاڪر
محبت ازلي ۽ ابدي حقيقت آهي.سمورا انسان ان بنيادي انساني جذبي کي زندگيء جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾پنهنجي ذات جي لڪيل خانن ۾ ضرور محسوس ڪن ٿا.دنيا جي هر تهذيب ۽ ثقافت ۾ انساني محبت جا داستان اسان کي ان حقيقت جي خبر ڏين ٿا ته قدرت اهو انساني جذبو سڀني انسانن ۾ برابر انداز ۾ ورهايو آهي.صدين کان شاعر محبت جا گيت ڳائيندا رهيا آهن،داستان ٻڌائيندڙ محبت جا داستان ٻڌائيندا آيا آهن.فلسفي محبت جي جذبي جي عقلي وضاحت ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي سائنسدان محبت جي جي جذبي جي اثر هيٺ  انساني دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ عصبي ۽ ڪيميائي تبديلين کي پنهن جي کوجنا جو موضوع بنائي رهيا آهن ته جيئن ان ڳالهه جي وضاحت ٿي سگھي ته سچ پچ ۾محبت ڇا آهي؟
”هيلن فيشر“ اسان جي دور جي هڪ ناليواري انساني ثقافت جي سماجي ماهر آهي.هن پنهنجي عمر جو هڪ وڏو حصو ان ڳالهه ۾ گذاريو آهي ته محبت جي جذبي جي اثر هيٺ انسان اندر ڪهڙيون ڪهڙيون حياتياتي ۽ ڪيميائي تبديليون جنم وٺن ٿيون.”محبت“ کي مختلف حوالن ۽ سطحن تي بيان ڪيو ويندو آهي.مثال،محبت خاص جنسي جذبي جي اظهارطور جنهن کي ڪڏهن هوس سان به تعبير ڪيو وڃي ٿو.محبت رومان طور،محبت وابستگي طور ۽ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ وقتي ڪشش ۽ ميلاپ.فيشر اٽڪل ڏهه سال ان ۾ گذاريا ته اها ايم آر آئي مشين ذريعي محبت جي جذبي جي اثر هيٺ انساني دماغ ۾ ٿيندڙ تبديلين جو مشاهدو ڪري.فيشر معلوم ڪيو ته جڏهن محبت ڪندڙ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسن ٿا ته انهن جي دماغ جا اهي حصا متحرڪ ٿي وڃن ٿا جن جو تعلق لذت ۽ جزا سان آهي.انهن جا نالا ”وينٽرل سيگمينٽل ايريا“ ۽ ” ڪاڊيٽ نيوڪلس“ آهن.ان ۾ جيڪا ڳالهه وڌيڪ ڇرڪائي ٿي سا اها ته ڪاڊيٽ نيوڪلس ۾ هڪ ڪيميائي مادو ٿئي ٿو جنهنجو ڪم دماغ ۾ عصبي ترسيلات کي بحال رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.ان عصبي ترسيلي مادي جو نالو ” ڊوپامين“ آهي. ڊوپامين اهو عصبي ترسيلي مادو آهي جيڪو دماغ ۾ تمام گھڻي توانائي پيدا ڪري ٿو.اهو اسان کي ڌيان هڪ هنڌ ڄمائڻ  ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ زندگيء ۾ اڳيان وڌڻ لاء اڀاري ٿو.اهو ئي سبب آهي جوجڏهن ڪو نئون نئون محبت ۾ ڦاسي ٿو ته سندس جوش جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. هو ان جذبي جي اثر هيٺ آسمان جي بلندين کي ڇهڻ گھرندو آهي.سندس هلڻ ڦرڻ جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي.هڪ مستي،هڪ سرخوشي هن جي هر ڪم ۾ ڊوڙندي نظر ايندي آهي.محبت جو جذبو اوهان کي طاقتور بنائي ٿو.اوهان کي تازگي ۽ توانائي ڏيندو آهي،اوهان کي خطرناڪ ڪم ڪرڻ تي اڀاريندو آهي.اسان جي سماج ۾ ڪيئن هڪ سڌي سادي ڇوڪري پنهنجي محبوب جي محبت پائڻ لاء پنهن جي خاندان سامهون بيهي رهي ٿي.سماجي رسمون ٽوڙڻ جي جرئت منجھس پيدا ٿئي ٿي.ان ڳالهه جو جواب اسان کي محبت جي مٿي بيان ڪيل سائنسي وضاحت ۾ ملي ٿو.
محبت جي جذبي کي هڪ ٻئي نڪته نظر کان به سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اهو جذبوجنون جي شڪل ڪيئن اختيار ڪري ٿو.ان حوالي سان هڪ دماغي مرضن جي پروفيسر ”ڊونيٽيلا مارا ذيٽي“جي تحقيقتي ڪم گھڻا دلچسپ نتيجا ڏنا آهن.پروفيسر زيٽي ۽ سندس ساٿين تحقيق ڪئي ته محبت جي جذبي ۽ دماغ ۾ هڪ عصبي ترسيلي مادي ”سيروٽين“ جو ڪهڙو تعلق آهي.ان تحقيق ۾ انهن 24 اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو جيڪي گذريل ڇهن مهينن کان محبت جي جذبي ۾ ٻڏل هئا ۽ اهي روزانو چئن کان ڇهه ڪلاڪ محبت جي جذبي سان ڳنڍيل ڪنهن نه ڪنهن سرگرمي۾ شريڪ ٿيندا هئا.عصبي ترسيلي مادو سيروٽين اسان جي دماغ جي سرگرميء لاء تمام گھٽ آهي.پنهنجيء کوجنا ۾ پروفيسر زيٽي ماڻهن جا ٽي گروپ ورتا.پهريون گروپ انهن ماڻهن تي ٻڌل هو جيڪي محبت جي تجربي مان گذري رهيا هئا.ٻيو گروپ انهن ماڻهن جو هو جن ۾ هڪ خاص ذهني مرض خبط اجباري يعني او سي ڊي موجود هو.جڏهن ته ٽئين گروپ ۾ نارمل ماڻهو شامل هئا.جڏهن انهن ٽنهي گروپن جي ماڻهن جي دماغ ۾ سيروٽين جي سطح جو جائزو ورتو ويو ته معلوم ٿيو ته نارمل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ باقي ٻنهي گروپن جي ماڻهن ۾ چاليهه سيڪڙي تائين گھٽ سيروٽين مادو پاتو ويو.ان جو مطلب اهو ٿيو ته محبت ۽ خبط اجباري مرض ٻنهي ۾ هڪ جهڙيون ڪيميائي تبديليون پيدا ٿين ٿيون.ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته محبت هڪ قسم جو ذهني مرض آهي، محبت ڪرڻ وارا ان کان هوشيار رهن.
”تحصيل نفسي “ جي ماهرن محبت جي باري م ڪيترائي نظريا جوڙيا آهن.اهي نظريا ان ڳالهه جي وضاحت ڪن ٿا ته ڪي به ٻه ماڻهو هڪ ٻئي جي محبت ۾ ڇو مبتلا ٿين ٿا؟ ”سگمنڊ فرائيڊ“ جو موقف آهي ته ڇوڪري پنهنجي والد جي ۾محبت ۾ گرفتار ٿئي ٿي ۽ ڇوڪرو پنهنجي والده جي محبت ۾. فرائيڊ محبت جي جذبي کي انساني لاشعور ۾ موجود اڃايل خواهش سان ڳنڍي ٿو. اها محبت جنهن کان ٻار پنهنجي زندگيء جي شروعاتي سالن ۾ محروم رهي ٿو اهو نوجوانيء ۾ پنهنجي آسپاس موجود عورتن ۾ تلاش ڪري ٿو.سگمنڊ فرائيڊ جي ابتڙ ”ڪارل يونگ“ محبت جي حوالي سان انسان جي اجتماعي لاشعور  ۾ انهن فيڪٽرن کي اهميت ڏئي ٿو جن جو تعلق انساني نسل جي گڏيل نفسيات سان آهي.انهن ٻنهي جي ابتڙ اسان جي دور جو هڪ ماهر دماغي امراض ”ٿامس لوئيس“ جو نظريو هي آهي ته روحاني محبت جون پاڙون ماڻهوء جي ننڍپڻ جي تجربن ۾ هونديون آهن.اسان جڏهن پنهنجي ماء جو کير پيئندا هئاسين ته ڇا محسوس ڪندا هئاسين.جڏهن اسان پنهنجي ماء جي چهري ڏانهن ڏسندا هئاسين ته اسان کي ڪيئن لڳندو هو.اهي نقش ۽ نشان اسان جي دماغ ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا ۽ پوء اسان وڏا ٿي انهن ساعتن کي واپس آڻن گھرندا آهيون. ان نظريي مطابق محبت جو تعلق ان ڳالهه سان نٿو ٿئي ته اسان محبت ۾ ڇا حاصل ڪنداسين بلڪه ان ڳالهه سان هوندو آهي ته جيڪي ڪجهه ماضيء  ۾ اسان کي حاصل هو اسان ان کي واپس حاصل ڪرڻ گھرندا آهيون. يعني محبت هڪ ردعملي جذبو ٿئي ٿو نه وري ڪنهن عمل جي شروعات ڪرڻ وارو جذبو.اهو اسان کي ماضي طرف وٺي ويندو آهي.اسان کي مخالف صنف اندر ماضيء جي پنهنجي ڪنهن ويجھي هستيء جي جھلڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي يا آواز ٻڌڻ۾ ايندو آهي يا خوشبوء ايندي آهي يا ڪنهن ڇهاءجو احساس ٿيندو آهي ۽ ماضيء جون يادون اسان جي ذهن م تازيون ٿي وينديون آهن.
محبت جي موضوع ارتقائي نفسيات جي ماهرن کي به پنهنجي طرف مائل ڪيو آهي.انهن ماهرن مطابق محبت جو جذبو انساني بقا سان جڙيل آهي.ان نڪته نظر مطابق اسان انهن ماڻهن سان ويجھڙائي پسند ڪندا آهيون جيڪي اسان کي صحتمند ڏسڻ ۾ ايندا آهن.ارتقائي نفسيات جي ماهرن مطابق صحت جو ستر سيڪڙو تعلق عورت جي چيلهه ۽ ڪلهن جي تناسب ۾ آهي ۽ مردن ۾ مضبوط هاٺيء سان.جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته مرد ۾ مرداڻا هارمون گھڻي مقدار ۾ خارج ٿين ٿا.عورت ۾ چيلهه ۽ ڪلهن وچ ۾ تناسب صحتمند ٻار جي پيدائش لاء ضروري آهي ۽ اڀياسن ان طرف اشارو ڪيو آهي ته عورت جو اهو حصو سندس زرخيزيء جي حوالي کان به اهم آهي.ڪجهه ماهر ان ڳالهه تي به يقين رکن ٿا ته ساٿيء جي چونڊ ۾ انسان جو نڪ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.سوئزرلينڊ جي هڪ يونيورسٽي ۾ هڪ نهايت ئي دلچسپ تجربو ڪيو ويو.ان ۾ 29 سيڪڙو عورتن کي مردن جون لاٿل گنجيون سنگھڻ لاء چيو ويو.اهي گنجيون مختلف مردن استعمال ڪيون هيون.انهن مردن جو جينو ٽائيپ جدا جدا هو.جينو ٽائيپ مرد جي بوء ۽ مدافعتي نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.جڏهن عورتن گنجين کي سنگھي ورتو ته تحقيق ڪندڙن انهن کان پڇيو ته اهي ٻڌائين سڀ کان سٺي گنجي ڪهڙي آهي ۽ سڀ کان خراب ڪهڙي.ان اهو معلوم ڪيو ته گھڻين عورتن انهن مردن جي پاتل گنجين جي باري ۾ پسند جو اظهار ڪيو جن مردن جو جينو ٽائيپ سندن پنهنجي جينو ٽائيپ کان بلڪل مختلف هو.ان جو سبب اهو ٿي سگھي ٿو جو عورتن جي پسند ڪيل مردن جو مدافعتي نظام،انهن جي پنهنجي مدافعتي نظام کان بلڪل مختلف هو.اهڙيء طرح اهي ان امڪان کي وڌائي رهيون هيون ته سندن ٻار وڌيڪ صحتمند ۽ طاقتور هجن.
محبت جي جذبي جي لحاظ کان اها ڳالهه به ڌيان لائق آهي ته انهيء جي شدت سدائين ساڳي نٿي رهي.هڪ وقت هڪ شخص اوهان کي گھڻو پيارو هوندو آهي پر وقت گذرڻ سان گڏ اوهان جا جذبا بدلجڻ لڳندا آهن.محبت جي شادي ڪندڙ ڪيئي جوڙا ڪجهه مهينن يا سالن بعد هڪ ٻئي کان جدا ٿي وري پنهنجي ڪا نئين زندگي شروع ڪندا آهن.سائنسي کوجنا به ان ڳالهه کي پسند ڪري ٿي ته جذبا مري وڃن ٿا. ڪجهه ماهرن ان عرصي جو تعين به ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ سراسري طور تي ۾محبت جو تعلق شروع ٿي ختم ٿي ويندو آهي.ان حوالي سان ٿيندڙ کوجنا ان طرف اشارو ڪري ٿي ته سراسري طور تي ڪو روحاني تعلق چئن سالن تائين هلي ٿو.حياتياتي سطح تي ان جي وضاحت اسان جي دماغ جي ڪارڪردگي جي لحاظ کان به ڪري سگھجي ٿي ته ڊوپامين ۾ تبديلي اسان جي جذبن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.محبت ۾ پهرين سطح ڪشش جي آهي.لاشعوري طور تي جسم جي زبان اسان جي راضپي جو اظهار ڪري ٿي.هڪ جوش ڀريل مرڪ،اکين ۾ ڏسڻ، محبت جي سچي جذبي جي ڳولا به ٿي سگھي ٿي ۽ وقتي جنسي تعلق جي خواهش پڻ.
محبت جي موضوع تي تحقيق ڪندڙ محبت کي مختلف سطحن ۾ ورهائين ٿا.محبت ۾ پهرين سطح ڪشش آهي.ڪشش بعد روحاني محبت جي منزل اچي ٿي.ماڻهو محبوب جي ڪنن ۾ چوندو آهي ته آئون تنهن جي لاء آسمان مان تارا به ٽوڙي آڻي سگھان ٿو. مٺيون مٺيون ڳالهيون،تحفا عام طور تي روماني محبت جي جذبي ۾ اضافو ڪن ٿا پر حياتياتي ڪيميادان اهو ٻڌائين ٿا ته روحاني محبت جو اهو جذبو به ڪجهه سالن بعد پنهنجو موت پاڻ مري وڃي ٿو.محبت جي ايندڙ سطح  اها هوندي آهي جنهن ۾ محبت ڪندڙ هڪ مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا آهن.شادي محبت ڪرڻ وارن کي هڪ ٻئي جي نهايت ئي ويجھڙائي مهيا ڪري ٿي.انهيء سان اسان کي پنهنجن جبلتن جي تسڪين جو موقعو ملي ٿو جن جو تعلق اسان جي قديم دماغ سان آهي.جبلت جي تسڪين سان گڏوگڏ  شادي اسان کي پنهنجو نسل وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.اسان جي ذات جي تسلسل جو ذريعو بڻجي ٿي.محبت ۾ آخري سطح شايد اها اچي ٿي جنهن کي اسان وابستگي يا اٽيچمينٽ چئون ٿا. جسماني تعلق کان اڳتي نسلي بقا جي تصور کان پري رڳو هڪ ٻئي جي وجود سان وابستگي، هيء محبت جي اها سطح آهي جيڪا پڪ سان ڪجهه سالن ۾ ختم نٿي ٿئي.
محبت هڪ اهڙو موضوع آهي جنهنجي باري م آخري حرف چوڻ ته ممڪن ڪونهي البت ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو ته محبت هڪ ازلي ۽ ابدي جذبو آهي جيڪو پوري زمين جي گولي تي وسندڙ انسانن ۾ موجود آهي.محبت جي جذبي نه رڳو انساني زندگيء کي رنگن سان سينگاريو آهي پر ان انساني نسل کي برقرار رکڻ ۽ اڳيان وڌائڻ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.محبت اهڙو انساني جذبو اهي جيڪو زندگيء جي هر حصي ۾ اسان سان گڏ هلي ٿو ۽ جنهن کان سواء انساني زندگيء جو وجود ناممڪن آهي!


(روزاني هلالپاڪستان)

Tuesday, May 7, 2019

ايڊز ڇا آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر

بدقسمتيء سان سنڌ ۾ ايڊز جو پکڙجندڙ مرض شدت اختيار ڪندو ٿو وڃي.خدا اسان جي حڪمرانن کي ساڃاهه ڏئي جو اهي سستي سياست مان منهن ڪڍي ڪجهه اهڙن اهم مسئلن طرف به ڌيان ڏين.ضروري معلوم ٿئي ٿو ته ان مرض متعلق ڪجهه ڄاڻ شيئر ڪجي ۽ هن مرض جي باري ۾ ڦهليل ڪجهه غلط خيالن جوبه تدارڪ ڪيو وڃي.
قدرت انساني جسم کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لاء هڪ نهايت ئي موثر دفاعي نظام سان نوازيو آهي جنهن هيٺ انساني جسم ۾ رت جا سفيد ذرا موجود ٿين ٿا جيڪي ان کي جراثيم کان محفوظ رکن ٿا.ايڊز جو سبب بڻجندڙ وائرس (Human Immune Deficiency Virus) آهي جيڪو جسم ۾ داخل ٿي انهن سفيد ذرن کي ڪمزور ايستائين جو تباهه ڪري ڇڏي ٿو.ان طرح متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ عام بيمارين خلاف وڙهڻ جي صلاحيت گھٽجي وڃي ٿي.اسان جي ماحول ۾ ڪيترين ئي بيمارين جا جراثيم موجود هوندا آهن پر تندرست ماڻهو پنهنجي مضبوط مدافعت (بچاء) واري قوت سبب انهن بيمارين کان بچي وڃن ٿا جڏهن ته جن ماڻهن جو دفاعي نظام ايڇ آئي وي سبب ڪمزور ٿي ويندو آهي انهن لاء اهي جراثيم سخت نقصان جو سبب بڻجن ٿا.جن ماڻهن ۾ مرض جا جراثيم ته موجود هجن پر اڃا انهن ۾ مرض جون نشانيون ظاهر نه ٿيون هجن انهن کي ”ايڇ آئي وي پازيٽو“ چيو ويندو آهي.عام طور تي ايڇ آئي وي کان متاثر ماڻهن ۾ مرض جون نشانيون هڪ سال يا وڌ ۾ وڌ ڇهن کان ڏهن سالن جي عرصي ۾ ظاهر ٿين ٿيون ان ڪري اڪثر صورتن ۾ مريض کي خبر ئي ناهي هوندي ته هو ان مرض ۾ ڦاسي چڪو آهي.علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ چيو ويندو آهي ته مريض کي ايڊز يعني (Acquired Immune Deficiency Syndrome) ٿي ويو آهي.اهو ايڇ آئي وي کان انفيڪشن بعد جو آخري مرحلو آهي جنهن ۾ مريض جي CD4 ذرن جو تعداد 200 کان به گھٽجي وڃي ٿو.ڪنهن صحتمند ماڻهوء ۾ عام طور تي CD4 ذرن جو تعداد 1000 يا ان کان مٿي هوندو آهي.جنهن شخص کي ايڊز ٿي وڃي ان ۾ هي نشانيون ظاهر ٿينديون آهن؛ هڪ مهيني تائين لاڳيتو بخار،سخت ٿڪاوٽ جو احساس،بغلن۽ ڄنگھن جي جوڙن يا نڙيء ۾ غدودن جي سوڄ،وات،زبان يا نڙيء ۾ اڇا يا غير معمولي داغ،چمڙي هيٺان،وات جي اندر،نڪ يا پلڪن تي ڳاڙها يا ڀوري رنگ جا داڻا نڪرڻ،هڪ مهيني کان لاڳيتي کنگهه ۽ ساهه منجھڻ،هفتي کان مٿي جاري رهندڙ لاڳيتا دست،ياداشت ڪمزور ٿيڻ،ڊپريشن ۽ ٻيون اعصابي بيماريون،ٿوري عرصي ۾ جسم جو وزن ڏهه سيڪڙو کان وڌيڪ گھٽجي وڃڻ.
هاڻي اچو ته اهو ڏسجي ته ايڊز ڪهڙن طريقن سان پکڙجي ٿو يعني هڪ ماڻهوء مان ٻئي ماڻهوء تائين پهچي ٿو.1.ايڊز کان متاثر سرنج،نشو ڪندڙ ماڻهن جي استعمال ڪيل سرنج يا سوئي استعمال ڪرڻ سان.2. ايڊز کان متاثر وڍ ڪٽ وارا اوزار ٻيهر استعمال ڪرڻ سان.3. ايڊز کان متاثر ماء مان پيدا ٿيندڙ ٻار کي.3.حمل دوران،زچگي دوران يا ماء جو کير پيئڻ سان نئين ڄاول ٻار کي.4. ايڇ آئي وي ۽ ايڊز کان متاثر ڪنهن مرد يا عورت سان جنسي لاڳاپن ذريعي.5.مريض کي رت چاڙهڻ ذريعي.6. استعمال ٿيل سرنج کي وري وري استعمال ڪرڻ سان.7. وڍ ڪٽ جي اوزارن ۽ ڏندن ڪڍرائڻ وارن اوزارن ذريعي.8. وائرس کان متاثر اوزار چمڙيء ۾ ٽنبجڻ سان9.حجامت جي ٻيهر استعمال ٿيندڙ بليڊن ذريعي.
اهو ضروري ناهي ته ايڊز جي هر مريض ۾ بيماريء جون علامتون به ظاهر ٿين.ڪيترائي ماڻهو جيڪي ان کان متاثر هوندا آهن پر سالن تائين انهن ۾ ان بيماريء جون علامتون ظاهر نٿيون ٿين.اهڙي صورت ۾ ايڇ آئي وي جي موجودگي معلوم ڪرڻ لاء واحد طريقو رت جي ٽيسٽ آهي.مريض کي گھرجي ته هو ڪنهن قابل اعتماد ڊاڪٽر سان رابطو ڪري کيس پنهنجي شڪ جو سمورو پس منظر ٻڌائي ۽ رت جي ٽيسٽ ڪرائي.ان لاء حڪومت جي قائم ڪيل مرڪزن سان سڌو رابطو به ڪري سگھجي ٿو جتي اهڙي ٽيسٽ مفت ۾ ڪئي وڃي ٿي.جيڪر ڪنهن شخص کي ايڇ آئي وي کان متاثر ٿيندي ٽن هفتن کان ڇهه مهينا ٿيا هجن ته ان جو ايڇ آئي وي اسڪريننگ نيگيٽو به اچي سگھي ٿو اهڙي صورت ۾ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي.ڪهڙن ماڻهن کي لازمي پنهنجي رت جي اها ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي؟ 1. غير ازدواجي جنسي لاڳاپا رکڻ وارا ماڻهو.2. هم جنس پرستي يا جنسي بي راه روي ۾ ڦاٿل ماڻهو.3. اهڙو شخص جنهن کي ڪنهن بيماريء سبب رت چڙهيو هجي. 4. نشي جا عادي يا اهڙا ماڻهو جن ڪنهن نشي باز جي سرنج يا سوئي استعمال ڪئي هجي.5. اهڙا ماڻهو جيڪي جنسي مرضن جو شڪار رهيا هجن.
توڙي جو اهڙيون دوائون موجود آهن جن جو باقائدگيء سان استعمال ايڊز جي مريضن کي نه رڳو ڊگھي عرصي تائين زندهه رکي سگھي ٿو بلڪه اهي سرگرم زندگي به گذاري سگھن ٿا پر اڃا تائين هن مرض جو مڪمل علاج دريافت نه ٿي سگھيو آهي.انهيء کان بچاء جو هڪڙو ئي رستو آهي سو آهي پرهيز. انهيء ڪري ضروري آهي ته هيٺين احتياطي اپائن تي عمل ڪيو وڃي.1. رت رڳو ان صورت ۾ چڙهائڻ گھرجي جڏهن ان جي سخت ضرورت هجي. 2. جيڪر زندگي بچائڻ لاء رت چڙهائڻ ضروري هجي ته اها پڪ ڪجي ته ان رت ۾ ايڊز جو وائرس ته موجود ناهي.3. جنسي لاڳاپن کي رڳو پنهنجي جيون ساٿيء تائين محدود رکجي.4. سدائين نئين ڊسپوزايبل سرنج استعمال ڪجي ۽ استعمال بعد سرنج ضايع ڪري ڇڏجي.5. جيڪر جنسي لاڳاپن وقت ڪوبه هڪ ماڻهو ان وائرس کان متاثر هجي ته ڪنڊوم جو صحيح استعمال ڪرڻ گھرجي.
گڏيل قومن جي صحت واري اداري جو چوڻ آهي ته ايڊز جو مرض پوري دنيا م نهايت تيزيء سان وڌي رهيو آهي جنهن سان اڄ تائين اٽڪل چار ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.رڳو هڪ سال اندر هڪ ڪروڙ ماڻهو ايڊز سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا.اڃا اٽڪل ٽي ڪروڙ ۽ ستر لک اهڙا آهن جيڪي ان وائرس جو شڪار آهن انهن مان ستر سيڪڙو افريڪا ۾ موجود آهن.ارڙهن لک ماڻهو اهڙا آهن جيڪي 2017ع ۾ متاثر ٿيا.هن مرض جي پکڙجڻ جي شروعات 1980ع ۾ ٿي هئي.هن مرض جي باري ۾ حڪومتن توڙي سول سوسائٽي کي جيڪا آگاهي ڦهلائڻ گھربي هئي سا آگاهي پيدا نه ٿي سگھي آهي.جنهن ڪري هن مرض جي باري ۾ ڪافي غلط خيال ۽ مفروضا به عام آهن. مثال اهو خيال ته ايڊز کان متاثر مريضن سان گڏ رهڻ سان اوهان کي به ايڊز ٿي پوندي.هڪ ڊگهي عرصي تائين اهو غلط تصور رهيو جنهن ڪري اهڙن مريضن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو هو.ان جي باوجود جو ان سلسلي ۾ آگاهي مهمون به هلايون وڃن ٿيون پر اهو خيال اڃا به ڪافي هنڌن تي موجود آهي.2016ع ۾ برطانيا ۾ ويهه سيڪڙو ماڻهو ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا ته ايچ آئي وي ايڊز ٿڪ يا متاثر مريض کي ڇهڻ سان به پکڙجي سگھي ٿو.پر حقيقت اها آهي ته ڪنهن کي ڇهڻ سان،ڳوڙهن سان،پگھر،ٿڪ يا پيشاب سان هي وائرس منتقل نٿو ٿئي.اهڙيء طرح ساڳي هوا ۾ ساهه کڻڻ،هٿ ملائڻ،ڀاڪر پائڻ يا چمڻ سان به هي مرض منتقل نٿو ٿئي.هڪ ٻئي جي کاڌي جا ٿانو استعمال ڪرڻ،هڪ ٻئي جو بچايل کاڌو کائڻ،ساڳيو غسل خانو يا ٽوائلٽ استعمال ڪرڻ،هڪ ٻئي جو ذاتي شيون استعمال ڪرڻ،دروازي جي هينڊل کي ڇهڻ،ايڪسرسائيز لاء ساڳي مشين استعمال ڪرڻ سان به هي مرض هڪ کان ٻئي کي هرگز نٿو لڳي.1991ع ۾ ليڊي ڊيانا ايڇ آئي وي ايڊز جي شڪار هڪ مريض سان ملي ته جيئن ان وائرس جي پکڙجڻ متعلق قائم ٿيل غلط سوچن کي ختم ڪري سگھجي.ياد رکڻ گھرجي ته ايڇ آئي وي ايڊز جسم ۾ موجود پاڻياٺن مادن ڪنهن ٻئي شخص جي جسم اندر داخل ٿيڻ سان ٿي سگھي ٿو جيئن رت،اندام نهاني جي پاڻياٺ يا عورت جي کير سان.اهڙيء طرح غير روايتي جنسي لاڳاپن مان فارغ ٿيڻ بعد ڪجهه قسم جون حفاظتي دوائون استعمال ڪرڻ سان به ايڊز کان بچي نٿو سگھجي.افريڪا،انڊيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ جيڪو اهو وهم موجود آهي ته جيڪر عورت جنسي لاڳاپن بعد پنهنجو پاڻ کي صاف ڪري وٺي ته ته ڪجهه به نٿو ٿئي اها نهايت ئي بي بنياد ۽ خطرناڪ سوچ آهي.توڙي جو اهو وائرس رت ذريعي منتقل ٿئي ٿو پر تحقيق سان ثابت ٿيو آهي ته جيڪر رت چوسيندڙ مخلوق جيئن مڇر وغيره ان وائرس کي پکيڙڻ جو سبب نٿا بڻجن.سو اوهان جيڪر هڪ اهڙي علائقي ۾ رهو ٿا جتي ان مرض کان متاثر گھڻا ماڻهو رهن ٿا ۽ اتي مڇر به گھڻا آهن ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.
صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ هر چئڻ ماڻهن مان هڪ ماڻهو جيڪو ايڊز ۾ ورتل آهي ان کي خبر ناهي ته هو مرض ۾ ورتل آهي.مطلب اهو ته نوي لک چاليهه هزار ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ موجود ان وائرس کان لاعلم آهن ۽ اهو وائرس ٻين ۾ منتقل ڪرڻ جو خطرو بنيل آهن.ان وائرس جو شڪار ٿيندڙ ڪو انسان ڏهن کان پندرهن سال تائين به زندهه رهي سگھي ٿو ۽ ٿي سگھي ٿو ته ان مرض جي ڪا به علامت سندس جسم ۾ ظاهر نه ٿئي.شروعاتي طور تي انفيڪشن جي منتقليء بعد شروعاتي ڪجهه هفتن ۾ مريض کي بخار محسوس ٿي سگھي ٿو،مٿي ۾ سور ٿي سگھي ٿو،جسم تي داڻا به نڪري سگھن ٿا ۽ نڙيء جو انفيڪشن به ٿي سگھي ٿو.ٻين نشانين ۾ اهو ٿئي ٿو جو جسم جو مدافعتي نظام نهايت ئي ڪمزور ٿي وڃي ٿو،جسم ۾ ڳنڍيون اڀري اچن ٿيون،وزن گھٽجڻ لڳي ٿو،کنگهه ٿئي ٿي ۽ پيٽ خراب رهي ٿو.جيڪر صحيح علاج نه ٿئي ته سلهه(ٽي بي) به ٿي پوي ٿي،دماغ ۽ ريڙهه جي هڌيء ۾ به مسئلو پيدا ٿئي ٿو،بيڪٽيريا انفيڪشن پيدا ڪن ٿا ۽ مريض مختلف قسم جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي سگھي ٿو.

(روزاني هلال پاڪستان 5 مئي 2019ع)