Saturday, June 25, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز؛ قرآن جي تلاوت جي آواز جون لهرون


۔قرآن مجيد ۾ اللھ تعاليٰ ارشاد فرامايو ته
(وَ اِذَا قُرِیَٔ الۡقُرۡاٰنُ فَاسۡتَمِعُوۡا لَہٗ وَ اَنۡصِتُوۡا لَعَلَّکُمۡ تُرۡحَمُوۡنَ)
(سوره الاعراف آيت 204)
(۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي)
روزانو ٽن ڪلاڪن تائين قرآن شريف جي تلاوت ٻڌڻ  توهان جي اميونز سسٽم کي وڌائي ٿو،توهان جي دل ۽ دماغ جي حفاظت ڪري ٿو ۽ توهان جي جسم جي جيو گھرڙن جي ري پروگرامنگ ڪري ٿو.
قرآن مجيد جي تلاوت جي آواز جون لهرون جسم جي جيو گھرڙن کي ايڪٽيويٽ ڪن ٿيون ۽ جسم کي خطرناڪ بيمارين خاص طور تي دل جي دوري ۽ ڪينسر کان بچائين ٿيون.
جيئن اللھ تعاليٰ فرمايو ته
(۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي)

هاڻي اچو ته ڪجھه سائنسي حقيققتن تي غور ڪريون.
1839ع ۾ هڪ سائنسدان “ انرڪ وليم ڊوو ” اهو دريافت ڪيو ته جيڪر دماغ کي آواز جي لهرن سامهون آڻجي ته اهي لهرون دماغ تي سٺا ۽ خراب،ٻنهي قسمن جا اثر وجھن ٿيون.جڏهن هن مختلف آوازن جي لهرن کي ڪنن ۾ داخل ڪيو ته هن ڏٺو ته دماغ انهن لهرن تي مختلف ردعمل ڏيکاري ٿو.هن اهو ه ثابت ڪيو ته دماغ جا سيل هروقت لرزش ۾ رهن ٿا ۽ مختلف آوازن جون لهرون انهيء لرزش کي متاثر ڪن ٿيون.معلومات حاصل ڪرڻ ۽ منتقل ڪرڻ جو مڪينزم انهن سيلن جي لرزش  ۽ انهي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ   برق مقناطيسي ميدانن تي دارومدار رکي ٿو. جڏهن به ڪو منفي واقعو يا ان وڻندڙ  آواز دماغ جي سيلن تائين پهچي ٿو ته اهو انهن تي دٻاء وجھي ٿو.اهڙن منفي اثرن کان دماغ کي بچائڻ لاء جيڪا دوا ڳولهي لڌي ويئي آهي سا آهي قرآن ڪريم جي تلاوت. اها رڳو دعويٰ نه پر تجربن ذريعي ثابت ٿيل حقيقت آهي.اهو ان ڪري جو قرآن ٻڌڻ سان نه صرف دماغي سيلن ۾ توازن پيدا ٿئي ٿو پر ان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به وڌي ٿي.



Wednesday, June 22, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز : 40 سالن جي عمر


۔قرآن مجيد ۾ اللھ تعاليٰ ارشاد فرامايو ته
(وَ وَصَّیۡنَا الۡاِنۡسَانَ بِوَالِدَیۡہِ اِحۡسٰنًا ؕ حَمَلَتۡہُ اُمُّہٗ کُرۡہًا وَّ وَضَعَتۡہُ کُرۡہًا ؕ وَ حَمۡلُہٗ وَ فِصٰلُہٗ ثَلٰثُوۡنَ شَہۡرًا ؕ حَتّٰۤی اِذَا بَلَغَ اَشُدَّہٗ وَ بَلَغَ اَرۡبَعِیۡنَ سَنَۃً ۙ قَالَ رَبِّ اَوۡزِعۡنِیۡۤ اَنۡ اَشۡکُرَ نِعۡمَتَکَ الَّتِیۡۤ اَنۡعَمۡتَ عَلَیَّ وَ عَلٰی وَالِدَیَّ وَ اَنۡ اَعۡمَلَ صَالِحًا تَرۡضٰہُ وَ اَصۡلِحۡ لِیۡ فِیۡ ذُرِّیَّتِیۡ ۚؕ اِنِّیۡ تُبۡتُ اِلَیۡکَ وَ اِنِّیۡ مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ    ۤ)
(سوره الحج آيت 46)
(۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سنديس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جواني کي پُھتو ۽ چاليھن ورھن کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ ته (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ توڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان)
سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته انساني جسم جي واڌ ويجهه 21 سالن تي ختم ٿي نٿي وڃي پر اهو دريافت ڪيو آهي ته دماغ جي واڌ ويجهه 40 سالن جي عمر تائين جاري رهي ٿي. ٻين لفظن ۾ انسان جي واڌ ويجهه مڪمل ئي تڏهن ٿي ٿئي جڏهن هو 40 سالن جو ٿئي ٿو.اها ئي حقيقت آهي جنهن جي طرف اللھ تبارڪ و تعاليٰ  قرآن مجيد ۾ هنن لفظن ۾ اشارو ڪيو آهي ؛
“ جڏهن هو جوانيء کي پهچي ٿو ۽ جڏهن هو چاليهن سالن جي عمر کي پهچي ٿو ته چوندو آهي ته اي منهن جا پاليبدڙ! مون کي توفيق ڏي ته تنهن جو شڪر ادا ڪريان،،،،،”

قرآن ڪريم اها حقيقت اڄ کان چوڏهن سو سال اڳ بيان ڪري چڪو آهي!

Sunday, June 19, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز؛ دل به سوچي ٿي!


۔قرآن مجيد ۾ اللھ تعاليٰ ارشاد فرمايو ته
(اَفَلَمۡ یَسِیۡرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ فَتَکُوۡنَ لَہُمۡ قُلُوۡبٌ یَّعۡقِلُوۡنَ بِہَاۤ)
(سوره الحج آيت 46)
(پوءِ زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن؟)


سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته دل سوچي ٿي، دل سياڻپ سکي ٿي ۽ اها  بي شمار عصبي مرڪزن Neurological Cells  تي مشتمل آهي جيڪي معلومات Data محفوظ رکڻ جي صلاحيت رکن ٿا.دل ۾ 40000  تنتي سيلز Neurons  آهن جيڪي هڪ “حقيقي دماغ ”Real Brain ٺاهين ٿا.انهيء کي دل جو ننڍڙو دماغ The little brain in the Heartبه چيو وڃي ٿو.
قرآن ڪريم اها حقيقت اڄ کان چوڏهن سو سال اڳ بيان ڪري چڪو آهي!