Friday, April 24, 2020

گھٻراهٽ،فوبيا۽ پينڪ.



شفيق الرحمان شاڪر
گھٻراهٽ هڪ عام انساني احساس آهي.اسان سڀني کي ان جو تجربو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن اسان ڪنهن مشڪل يا سخت وقت مان گذرون ٿا.خطرن کان بچڻ،هوشيار رهڻ ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ عام طور تي خوف ۽ گھٻراهٽ فائديمند ثابت ٿين ٿا تنهن هوندي به جيڪڏهن اهي احساس سخت ٿي وڃن يا گھڻي عرصي تائين رهن ته اهي اسان کي انهن ڪمن کان به روڪي ڇڏين ٿا جيڪي اسان ڪرڻ گھرون ٿا ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي زندگي ڏکي بڻجي سگھي ٿي.
فوبيا ڪنهن اهڙي خاص صورتحال يا شيء جو خوف آهي جيڪا خطرناڪ نٿي ٿئي ۽ عام طور تي ماڻهن لاء پريشانيء جو سبب نه هوندي آهي.
گھٻراهٽ جون هيٺيون نشانيون ٿي سگھن ٿيون.دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ،وڌيڪ پگھر اچڻ،پٺن ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيڻ،ساهه جو تيز هلڻ،بيهوش ٿيڻ جو خوف هئڻ،بد هضمي،دست ۽ ذهني علامتن ۾ هر وقت پريشانيء جو احساس،ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ،ڪنهن شيء تي ڌيان نه ڄمڻ،طبيعت ۾ اجائي چڙ،ننڊ نه اچڻ وغيره شامل آهن.
گھٻراهٽ جو شڪار ماڻهو انهن نشانين سبب اهو سمجھندا آهن ته انهن کي ڪا  شديد جسماني بيماري ٿي ويئي آهي.گھٻراهٽ سان انهن نشانين ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو اچي ويندو آهي.گھٻراهٽ جا غير امڪاني اوچتا دورا پينڪ(Panic) سڏرائين ٿا.گھڻو ڪري گھٻراهٽ ۽ پينڪ سان گڏ ڊپريشن به ٿيندو آهي.جڏهن اسان اداس ٿيندا آهيون ته اسان جي بک ختم ٿي ويندي آهي ۽ مستقبل اونداهون نظر اچڻ لڳندو آهي.ڪو اهڙو شخص جنهن کي فوبيا هجي ان ۾ مٿي بيان ڪيل گھٻراهٽ جون سخت نشانيون پاتيون وينديون آهن پر اهي ان وقت ظاهر ٿينديون آهن جڏهن اهو شخص ڪنهن خاص صورتحال ۾ هجي جنهن ۾ هن کي سخت گھٻراهٽ ٿيندي هجي.ٻين موقعن تي ان کي ان قسم جي گھبراهٽ نٿي ٿئي.جيڪڏهن اوهان کي ڪتن جو خوف هجي ته ان وقت اوهان بلڪل ٺيڪ هوندا جڏهن اوهان جي آسپاس ڪتا موجود نه هجن.جيڪڏهن اوهان کي بلنديء کان خوف ايندو هجي ته اوهان زمين تي بلڪل نارمل رهندا.جيڪڏهن اوهان هجوم کي منهن نه ڏيئي سگھندا هجو ته اڪيلائيء ۾ اوهان کي ڪو مسئلو نه ٿيندو.فوبيا ۾ ڦاٿل شخص اهڙي صورتحال کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪا کيس گھٻراهٽ ۾ ڦاسائي سگھي ٿي پر اصل ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فوبيا سخت کان سخت ٿيندي ويندي آهي.ان جو مطلب اهو به ٿي سگھي ٿو ته متاثر ٿيل شخص جي زندگي انهن احتياطي تدبيرن جي محتاج ٿي وڃي جيڪي کيس انهيء صورتحال کان بچڻ لاء اختيار ڪرڻيون پون ٿيون.انهيء بيماريء ۾ ورتل ماڻهوء کي معلوم هوندو آهي ته اهڙو ڪو حقيقي خطرو موجود ناهي.هن کي پنهنجو خوف بيوقوفاڻو لڳندو آهي پر ان جي باوجود هو انهيء کي قابوء ۾ آڻي نٿو سگھي.اهڙي فوبيا جيڪا ڪنهن پريشان ڪندڙ واقعي يا حادثي جي نتيجي ۾ شروع ٿي هجي ان جي ختم ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ چٽا هوندا آهن.هر ڏهن مان هڪ ماڻهو زندگيء ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن تڪليف ڏيندڙ گھٻراهٽ يا فوبيا جو شڪار ضرور ٿئي ٿو تنهن هوندي به گھڻا ماڻهو ان جو علاج نٿا ڪرائين.هاڻي اچو ته ان جي سببن تي سوچيون. اسان مان ڪجهه ماڻهن جي طبيعت ان قسم جي هوندي آهي جو اهي هر ڳالهه تي پريشان ٿي ويندا آهن.جاچ مان خبر پيئي آهي ته ان قسم جي طبيعت جينز ذريعي ورثي ۾ ملي ٿي تنهن هوندي به جيڪي ماڻهو قدرتي طور تي هر وقت پريشان  نٿارهن جيڪر انهن تي به لاڳيتو دٻاء پوندو رهي ته اهي به گھٻراهٽ جو شڪار ٿي سگھن ٿا.ڪڏهن ڪڏهن گھٻراهٽ جو سبب نهايت چٽو ۽ واضح هوندو آهي ۽ جڏهن مسئلو حل ٿي وڃي ته گھٻراهٽ به ختم ٿي ويندي آهي پر ڪجهه واقعا ۽ حالتون ايتريون ته تڪليف ڏيندڙ ۽ خوفناڪ هونديون آهن جن سبب پيدا ٿيندڙ گھٻراهٽ واقعن جي ختم ٿيڻ کان ڊگھي عرصي بعد به جاري رهي ٿي.اهي عام طور تي ان قسم جا واقعا هوندا آهن جن مان انسان جي جان کي خطرو هجي.مثال،ڪار يا ريل جا حادثا ۽ باهه وغيره.انهن واقعن ۾ شامل ماڻهو مهينن ۽ سالن تائين گھٻراهٽ ۽ پريشانيء جو شڪار رهي سگھن ٿا.توڙي جو انهن کي ڪا جسماني چوٽ نه لڳي هجي.اهي نشانيون Post Traumatic Stress Disorder ۾ پاتيون وڃن ٿيون.ڪڏهن ڪڏهن نشي وارين شين جهڙوڪ ايمفيٽا مائينز،ايل ايس ڊي يا ايڪسٽيسي جي استعمال سبب به گھٻراهٽ ٿي سگھي ٿي ايستائين جو ڪافي ۾ موجود ڪيفين به اسان مان ڪجهه ماڻهن کي تڪليف ڏيندڙ حد تائين گھٻراهٽ جو شڪار ڪري سگھي ٿو.تنهن هوندي به ٻئي پاسي اهو واضح ناهي ته ڪو خاص شخص ڪهڙي سبب گھٻراهٽ ۾ ڦاٿل آهي.ان ڪري جو اهو ان جي شخصيت،ان تي گذرندڙ واقعن ۽ زندگيء جي تبديلين جي سبب ٿي سگھي ٿو.جيڪڏهن اسان کي گھڻو دٻاء ۾ رهڻو پوي ته اسان گھڻو وقت پريشان ۽ ڊنل رهنداسين. اسان عام طور تي انهن ڪيفيتن جو مقابلو ڪري به وٺندا آهيون ڇو ته اسان کي انهن جي سببن جي خبر هوندي آهي ۽ اهو معلوم هوندو آهي ته اها صورتحال ڪڏهن ختم ٿيندي.مثال ڊرائيونگ ٽيسٽ کان پهرين اسان مان گھڻا ماڻهو گھٻراهٽ جوشڪار ٿين ٿا پر اسان ان تي قابو پائي وٺون ٿا ڇو جو اسان کي خبر هوندي آهي ته ٽيسٽ ختم ٿيڻ بعد گھٻراهٽ ختم ٿي ويندي.پر گھڻا ماڻهو تمام گھڻي وقت تائين ان گھٻراهٽ ۽ خوف جي احساس جو شڪار رهن ٿا.انهن کي ناهي خبر هوندي ته کين ڪهڙي سبب پريشاني ٿي رهي آهي ۽ اها گھٻراهٽ ڪڏهن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي.انهيء تي قابو پائڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ عام طور تي ڪنهنجي مدد جي گھرج هوندي آهي.گھڻو ڪري ماڻهو ان موقعي تي مدد حاصل ڪرڻ ناهن گھرندا جو انهن کي لڳندو آهي ته ماڻهو کين چريو سمجھندا.جڏهن ته حقيقت اها آهي ته گھٻراهٽ ۽ خوف ۾ ورتل ماڻهو مشڪل سان ئي ڪنهن سخت ذهني بيمارين جو شڪار ٿين ٿا.جيترو جلد ممڪن ٿئي مدد حاصل ڪرڻ بهتر هوندي آهي.
گھڻا ٻار به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن سبب ڊڄي ويندا آهن.اوسر دوران اها معمول جي ڳالهه آهي.ڪجهه ٻار اوندهه يا فرضي وجودن جهڙوڪ جنن ڀوتن کان ڊڄندا آهن.اهو خوف عام طور تي وڏي ٿيڻ بعد ختم ٿي ويندو آهي.گھڻا ٻار ادسڪول جي پهرئين ڏينهن نهايت ئي هيسيل رهن ٿا ۽ بعد ۾ اهو خوف ختم ٿي وڃي ٿو.نوجوانن جي طبيعت اڪثر بدلبي رهبي آهي.انهن جي پريشانين جا سبب مختلف ٿي سگھن ٿا.مثال؛ اهي ڪيئن لڳي رهيا آهن،ٻيا ماڻهو انهن جي باري ۾ ڇا ٿا سوچين وغيره. انهن پريشانين تي ڳالهه ٻولهه ذريعي قابو پائي سگھجي ٿو تنهن هوندي به جڏهن پريشانيون حد کان وڌي وڃن ته ڊاڪٽر سان مشورو لازمي آهي.جڏهن پريشاني ڪنهن خاص مسئلي سبب پيدا ٿي هجي ته مائٽن ۽ دوستن سان گفتگو ذريعي ڪافي مدد ملي سگھي ٿي.بنيادي ڳالهه اها آهي ته گھبراهٽ ۽ پريشانيء کي منهن ڏيڻ لاء پرسڪون رهڻ جو طريقو سکڻ گھرجي.اهو گروپ جي صورت ۾ به ٿي سگھي ٿو،ماهرن جي مدد سان به ۽ ان کان سواء مختلف ڪتابن ۽ وڊيوز جي مدد سان پڻ.انهيء کان سواء سائيڪو ٿراپي ڳالهه ٻولهه جو هڪ وڌيڪ جامع ۽ ڪارگر طريقو آهي جنهن سان گھٻراهٽ جي سببن کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي.گھٻراهٽ ۽ فوبيا ۾ ورتل ماڻهن جو علاج دوائن ذريعي به ڪيو وڃي ٿو.عام سڪون ڏيندڙ دوائوم جهڙوڪ ويليم وغيره گھٻراهٽ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون پر اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته انهن دوائن جي گھڻي استعمال سان انسان انهن جو عادي بڻجي سگھي ٿو جن کي ڇڏڻ جي صورت ۾ اڻ وڻندڙ علامتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو ان ڪري انهن دوائن جو استعمال ڪنهن به مستند ڊاڪٽر جي مشوري سواء هرگز نه ڪرڻ گھرجي.
 (روزاني مهراڻ)





Tuesday, March 24, 2020

”اسٽرنگ ٿيوري“ جو انڪار ڇو نه؟



شفيق الرحمان شاڪر
ڪائنات جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مفاصلو 93 ارب نوري سال آهي ۽ اها لاڳيتو پکڙجي رهي آهي.روشنيء جي رفتار ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي.جيڪڏهن روشنيء جو ڪرڻو هڪ ڇيڙي کان سفر شروع ڪري ته اهو ڪڏهن به ٻئي ڇيڙي تائين نٿو پهچي سگھي يعني سائنس وٽ ڪو اهڙو طريقو موجود ناهي جنهن ذريعي ڄاڻي سگھجي ته ڪائنات جي ٻئي ڇيڙي تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ البت ”هائر ڊائمينشنز“ ۾ پهچ سان اهو ممڪن آهي.”اسٽرنگ ٿيوري“ مطابق وقت کي ملائي ڪل يارهن ڊائمينشنز ٿين ٿيون جن مان اسان رڳو ٽن ۾ قيد آهيون.اسان جي چوٿين ڊائمينشن ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي ان کي هڪ مثال ذريعي سمجهو.فرض ڪريو ته ڪا مخلوق ٻن ڊائمينشنز تائين محدود آهي يعني ڪاغذ جي هڪ ٽڪري اندر.جيڪڏهن اها ڪاغذ جي ٽڪري مان نڪري اوهان جي ڪمري ۾ اچي وڃي ته ان کي اوچتو ايتري قدر گھڻي ڊيٽا کي پنهنجي حسيات ۽ دماغ سان سنڀالڻو پوندو جو اهو مائوف بڻجي ڪري رهجي ويندو ۽ هوڏانهن اهڙن تجربن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ان لاء ممڪن نه رهندو.ساڳيو حال اسان جو ٿيندو جيڪر اسان چوٿين ڊائيمينشن ۾ هليا وڃون.ته اها ڳالهه آهي جيڪا سائنس به مڃي ٿي.پوء وري اهي ماڻهو آهن جيڪي سمهڻ مهل جسم مان آزاد ٿي روحاني سفرن جو تجربو ڪري چڪا آهن. جيڪي هوا ۾ ٽنگجي پاڻ پنهنجي ستل جسم کي ڏسي سگھن ٿا ۽ ٻين روحاني جسمن سان ملاقات ڪري سگھن ٿا ۽ مختلف مشقن ذريعي اها ڪيفيت پنهنجي مرضيء سان به پنهنجي مٿان طاري ڪري سگھن ٿا.ڄڻ ته هائير ڊائيمينشن ۾ وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا جنهن کي Out of body experience چئجي ٿو.
اهڙيء طرح اسان جو دين جڏهن معجزن،ڪرامتن،برزخ،آخرت،جنت،جهنم جي ڳالهه ڪري ٿو ته اهي سمجھو ته اهي ڊائيمينشنز آهن جن جي ڪيفيت اسان جي ٽن ڊائيمينشنز جي عادي ۽ انهن ۾ قيد عقل سمجھڻ کان لاچار آهي.هاڻي جيڪي ماڻهو عقل کي ڪسوٽي مڃين ٿا اهي انهن ”غيبي“ معاملن جو انڪار ڪري ڇڏين ٿا. اهي ماڻهو ٻئي قسم جي ماڻهن جي روحاني سفرن کي به سندن وهم قرار ڏيڻ لڳن ٿا ۽ نبين سڳورن جي ذاتي تجربن مثال معراج جي واقعي جو به مذاق اڏائڻ لڳن ٿا پر جڏهن” نيل ڊي گراس ٽائيسن “ جهڙو ملحد انهن کي اسٽرنگ ٿيوري پڙهائي رهيو هوندو آهي ته ڪنڌ لوڏڻ ۽ واه واه ڪرڻ لڳن ٿا.توڙي جو هو پاڻ مڃي رهيو هوندو آهي ته اسان جي فزڪس جا قانون هائير ڊائمينشنز ۾ لاڳو نٿا ٿين.جنهن بنياد تي اوهان مذهب جي غيبي معاملن جو انڪار ڪيو ٿا،روحاني سفر ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا.جنات سان تعلق پيدا ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا عين ان بنياد تي اسٽرنگ ٿيوري جو انڪار ڇو نٿا ڪريو؟جڏهن ڪو ملحد ناول نگار لکي ٿو ته فلاڻي ڪردار هڪ ”غير مرئي دروازي“ ( وارپ پوائنٽ) مان گذري چوٿين ڊائيميشن ۾ وڃي ڪري پنهنجن ساٿين کي ڏٺو ته ان کي سندن هڏين جو گودو به نظر نه اچي رهيو هو ته انهيء تي اوهين داد ڏيئي نچڻ ٽپڻ لڳو ٿا پر اها ئي ڳالهه جڏهن حديث ۾ جنت جي حورن جي باري ۾ اچي ٿي ته اوهان مذاق اڏائڻ لڳو ٿا.اصل سبب اهو آهي جو مذهب جي غيبي شين کي مڃڻ جي صورت ۾ انهن غيبي شين جي خبر ڏيندڙ خدا کي به مڃڻو پوي ٿو ۽ ان جي بندگي به اختيار ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوء ان جي هر ڳالهه کي مڃڻو پوي ٿو ۽ هن کي ناراض ڪندڙ هر ڳالهه کان به بچڻو پوي ٿو جڏهن ته اهي ماڻهو هن دنيا جو هر مزو حاصل ڪرڻ گھرن ٿا.بنان روڪ ٽوڪ جي عياشيون ڪرڻ گھرن ٿا،جيڪو جيء ۾ اچي سو ڪرڻ گھرن ٿا.بلڪل انهن ٻارن وانگر جن کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جي ڪا خبر نه هوندي آهي.جيڪي وڏن کي رڳو ان ڪري خراب سمجھن ٿا جو اهي کين روڪين ٽوڪين ٿا،مٿانئن ڪي پابنديون لڳائين ٿا،کين زوريء اسڪول موڪلين ٿا،خراب حرڪتون ڪرڻ کان روڪين ٿا،گنديون شيون کائڻ کان منع ڪن ٿا.توڙي جو انهن جي پنهنجي عقل مطابق نه اسڪول وڃڻ ضروري هوندو آهي ۽ نه اها ڳالهه خراب هوندي آهي جيڪا اهي پنهنجي دل سان ڪري رهيا هوندا آهن.نه وري سندن نظر ۾ اها شيء گندي هوندي آهي جيڪا اهي کائڻ پسند ڪندا آهن.ته پنهنجو پاڻ کي عقل ڪل سمجھندڙ ملحدين به اصل ۾ذهني طور تي اهڙا ئي بي سمجھه ٻار آهن جيڪي هر ان شيء کي رد ڪري ڇڏين ٿا جيڪا شيء سندن نابالغ ذهن ۾ سمائجي نه سگھي.
۔
(روزاني هلال پاڪستان)

Tuesday, November 19, 2019

ڌرتيء جي وڌندڙ گرمي پد بابت هڪ سوال!



ڌرتيء جي وڌندڙ گرمي پد بابت هڪ سوال!
شفيق الرحمان شاڪر
الله رب العالمين زمين تي حياتيء جي پيدا ٿيڻ،مخلوق جي اسرڻ ۽ زندهه رهڻ لاء هڪ مناسب ٽيمپريچر مقرر ڪري رکيو آهي.جيستائين خالق ڪائنات زمين تي حياتي برقرار رکڻ گھرندو اها هرگز تبديل نه ٿيندي.زمين ڪروڙين سالن کان هڪ خاص گرميء جي ضابطي ۾ آهي.ان جو ٽيمپريچر سراسري طور تي گھٽ وڌ ٿيندو رهي ٿوپر هڪ خاص حد جي اندر رهندي. ٽيمپريچر جي انهن حدن کي مستقل برقرار رکندڙ ڪيترائي عمل ڪم ڪري رهيا آهن.انهن عملن کي خالق نهايت ئي باريڪ بيني،نازڪ حساب ڪتاب،غلطيء کان پاڪ اندازن ۽ تبديل نه ٿيندڙ اصولن سان مقرر ڪيو آهي ۽ پوء انهن کي لاڳيتو برقرار رکڻ جي ذميداري به پنهنجي ذات تي کنئي آهي.انهن عملن ۾ سج جو خاص مايو،سج جو زمين کان مفاصلو،سج جي گرمي،زمين جي محوري گردش،پاڻي ۽ خشڪيء جي نسبت،پاڻيء سان گھيريل خشڪي،سامونڊي ڪنارن  جي وڍ ڪٽ،هيٺاهيون ۽ مٿانهيون، هوائون،سامونڊي لهرون،برساتون،اس ۽ ڇانو،محوري جھڪاء،مقناطيسي ميدان،اوزون جو تهه۽گرين هائوس جو اثر وغيره شامل آهن.
اڄ ڪلهه دنيا عالمي گرمائش يعني گلوبل وارمنگ جي بنياد تي موسمي تبديلين کان گھڻو پريشان آهي.چيو وڃي ٿو ته ڌرتيء جي گرميء جو درجو وڌي رهيو آهي جنهن ڪري حياتيء کي خطرو آهي.گھڻن کي ياد هوندو ته اڄ کان اٽڪل چاليهه سال اڳ ان وارمنگ جو گھڻو چرچو هو.ماڊل ۽ نقشا جوڙيا ويا هئا.انهن جو چوڻ هو ته ويهن سالن ۾ زمين ايتري گرم ٿي ويندي جو ڪيترائي ملڪ سمنڊ ۾ دفن ٿي ويندا.مالديپ ته ان خطري جي پيش نظر پنهن جي آباديء کي منتقل ڪرڻ لاء ٻيٽ  خريد ڪري ورتو هوپر ٻه ڀيرا ويهه سال گذرڻ باوجود اهڙو ڪجهه به نه ٿيو.اهو صحيح آهي ته موسمي تبديليون اچي رهيون آهن پر اهو قدرتي عمل آهي ان کي روڪڻ انسان جي وس جي ڳالهه ناهي.اتر قطب قطب تاري جي بدران ارسا مائينز طرف جھڪي رهيو آهي ۽ زمين جو گولائي مدار (سرڪيولر آربٽ)  مان بيضوي مدار( اليپٽيڪل آربٽ) ۾ بدلجي رهيو آهي.ايئن هر ڪجهه هزار سالن بعد خاص وقفي سان وري وري ٿيندو آهي.اهڙي موسمي تبديليء جي حساب سان انسان کي پاڻ تبديل ٿيڻو آهي.


ڌرتيء جي ماهرهڪ جديد  سائنسدان گريگ بريڊن اتر ۽ ڏکڻ قطب جي گليشيئرز جي تهن مان نمونا حاصل ڪيا ۽ ان مان خالص سائنسي طريقي تي چار لک ويهه ڪروڙ سالن جو زمين جي گرمائش جو ريڪارڊ ڪڍيو پوء ٻن هزار سالن جو هڪ گراف جوڙيو.ان گراف کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڌرتيء جو هڪ وچون درجو ٽيمپريچر آهي جنهن کان گرميء جو درجو ڪڏهن نهايت ئي مٿي ۽ ڪڏهن نهايت ئي هيٺ اچي وڃي ٿو،اهي لاها چاڙها هڪ سر (رڌم) سان هيٺ مٿي ٿين ٿا.هن وقت ان جو ٽيمپريچر وچين درجي کان ٿورو ئي مٿي آهي،ها،اڃا مٿي وڃڻ جو خطرو ضرور آهي پر ٽي ڀيرا گرمائش وڌي به وڃي جيڪا تاريخ ۾ ڪئين ڀيرا وڌي چڪي آهي ته ترت ڪو خاص خطرو ناهي.اهو گراف اهو به ظاهر ڪري ٿو ته گرمائش پهرين وڌي ٿي پوء ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ. جڏهن ڪاربان جي نسبت وڌيڪ هوندي آهي ته گرمائش گھٽ هوندي آهي.اهو ڇو ٿو ٿئي خدا ٿو ڄاڻي.غور ڪجي ته هن وقت ڪاربان ڊاء آڪسائيد جي نسبت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي پر گرميء جو درجو وچئين درجي کان ٿورو ئي چڙهيل آهي.سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪر ڪاربان جي بنياد تي گرمائش وڌي ٿي ته هن وقت زمين جي گرميء جو درجوپنهن جي بلند ترين سطح تي ڇو ناهي؟

(روزاني ڪلياڻ 18 نومبر 2019ع)

Thursday, October 10, 2019

اوهان ڪهڙي گرهه تي وڃڻ پسند ڪندا؟



شفيق الرحمان شاڪر
اوهين فرض ڪريو ته اسان انسانن گھربل خاص اوزارن سواء خلا ۾ ساهه کڻڻ سکي ورتو آهي ۽ شمسي نظام جي ڪنهن به گرهه تي وڃڻ جو طريقو به ڄاڻي ورتو آهي توڙي جوويجھي مستقبل ۾ ايئن ٿيڻ ممڪن نظر نٿو اچي تنهن هوندي به ڪهڙي خبر ته خلا ۾ عام ماڻهن جو سفر اسان جي سوچ کان پهرين ئي جاري ٿي وڃي.اچو ته ڏسون ته حفاظتي اوزارن سواء شمسي نظام جي مختلف گرهن تي پهچڻ جي صورت ۾ انسان ڪيئن محسوس ڪندو؟ جيڪر اوهان کي نظام شمسيء جي گرهه ”عطارد“ جو دورو ڪرڻ جو ڪڏهن موقعو ملي ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاء وقت جي ڌار سان گڏ هلڻو پوندو.عطارد ۾ گرميء جو درجو نهايت ئي تيزيء سان بدلبو آهي.ڏينهن جو گرميء جو درجو6. 426 سينٽي گريڊ تائين وڌي سگھي ٿو ۽ رات جي وقت اهو منفي 8. 178 سينٽي گريڊ تائين ڪري سگھي ٿو.عطارت سست رفتاريء سان گھمندو آهي ان ڪري بچاء جو رستو اهو آهي ته ان جڳهه تي رهجي جتي ڏينهن ۽ رات جي اچڻ جي وچ ۾ گرميء جو درجو وچثرو رهي ٿو.اها جڳهه بدلبي رهندي ۽ وچثري علائقي ۾ ترسڻ لاء اوهان وٽ رڳو نوي سيڪنڊ هوندا.
جيڪر اوهان کي ٻئي گرهه ”زهرا“ تي پير گھمائڻ جو موقعو ملي وڃي ته اوهان وٽ ان مان مزو حاصل ڪرڻ لاء رڳو هڪ سيڪنڊ هوندو.هتي ”مزو وٺڻ“ جو لفظ ڀوڳ طور استعمال ڪيو ويو آهي نه ته يقين سان نٿو چئي سگھجي ته هڪ سيڪنڊ ۾ ڪهڙي شيء اوهان کي موت جي واديء ۾ وٺي وڃي.ان گرهه جي اٺانوي سيڪڙو فضا ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ گئس تي مشتمل آهي ۽ زمين جي ڀيٽ ۾ ان جو داٻ نوي سيڪڙو وڌيڪ آهي.ان جو پورو مٿاڇرو گھاٽن ڪڪرن سان ڍڪيل آهي جيڪي سلفيورڪ ايسڊ جي برسات وسائيندا آهن.مطلب ته اهو تمام گھڻو گرم آهي جتي سراسري طور تي ٽيمپريچر 426 سينٽي گريڊ  جي لڳ ڀڳ آهي.
خلا ۾ انسانن کي اباد ڪرڻ جو پهريون اميدوار ”مريخ“ آهي تنهن هوندي به اتي اوهان رڳو 80 سيڪنڊن تائين رهي سگھو ٿاان جي فضا ۾ پنجانوي سيڪڙو ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ آهي.مريخ نهايت ئي ٿڌو آهي.ان جي گرميء جو درجو ڪاٽو 153 کان 20 سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهي ٿو.
نظام شمسيء جو سڀ کان وڏو گرهه ”مشتري“ اوهان سان فقط هڪ سيڪنڊ ئي نڀائي سگھي ٿو، اهو ڳرو جسم رکندڙ گھرهه اوهان کي سندس هوائن ۽ طوفانن سان سنهڙو ۽ هلڪڙو ڪري ڇڏيندو. انهن جو مقابلو ڪرڻ انساني جسم جي وس جو روڳ ناهي.هي گرهه بنيادي طور تي هائيڊروجن ۽ هيليم سان ٺهيل گئسن سان گھيريل آهي.ان کان سواء اتي ايندڙ ڀنور گرم گئسن کي گرهه جي مٿاڇري تي آڻي امونيا جا ڄميل ڪرسٽل ٺاهي ٿو.اهو سوچڻ ئي محال آهي ته ان حد تائين خطرناڪ ۽ زهريلي ماحول ۾ ڪو زندهه رهي به سگھندو.
”زحل، به شمسي نظام جو هڪ وڏو گرهه آهي ۽ اهو اوهان کي پنهنجي مٿان هڪ سيڪنڊ کان به گھٽ وقت ترسڻ جي اجازت ڏيندو.گئسن جي ڪڪرن سواء اتي نهايت ئي تيز هوائون لڳن ٿيون جيڪي 1800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تي پهچي وڃن ٿيون.انهيء جي مٿاڇري تي ايترا ته خطرناڪ الا بڻجن ٿا جو اک ڇنڀڻ کان اڳ اوهان پاڻ ڌوڙ بڻجي اڏامي ويندا.
”يورينس“ به هڪ گرهه آهي جنهن کي پاڻي،ايمونيا ۽ ميٿين جي گرم مرڪبن وڪوڙي رکيو آهي.اوهان کي شايد ان تي قدم رکڻ جو ئي موقعو نه ملندو،اوهان ان وقت ئي ان مرڪب ۾ ڳري ويندا.هتان جي زمين به اهڙي ناهي جو ان تي اوهان پير ڄمائي سگھو.
”نيپچون“ نالي گرهه تي زندهه رهڻ لاء انسان وٽ وقت هڪ سيڪنڊ کان به گھٽ آهي،هتان جون خوفناڪ حالتون هڪڙي ساعت اندر ڪنهن به شيء کي تباهه ڪري سگھن ٿيون.ان جو سبب هتان جون نهايت ئي تيز رفتار هوائون آهن.نيپچون جي خوفناڪ هوائن جي رفتار ڪڏهن ڪڏهن آواز جي رفتار کان به وڌي وڃي ٿي.                                                                                                                          
جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن سائنسدان اسان جي شمسي نظام ۾ سفر ڪرڻ ۽ سمورين زهريلي گئسن،خوفناڪ هوائن ۽ سخت گرميء جي درجي سان مقابلو ڪرڻ جو حل تلاش ڪري وٺن ٿا ته پوء اوهان ڪهڙي گرهه تي وڃڻ پسند ڪندا؟ڪنهن کي خبر ته ڪڏهن اهو ممڪن بڻجي.ڪجهه سال پهرين تائين ته انسانن جي مريخ تي وڃڻ جي باري ۾ به سنجيدگيء سان غور نه ڪيو ويو هو پر هاڻي لڳي ٿو ته ايئن ممڪن ٿي سگھي ٿو.ان ڪري شايد اسان کي اهو نه چوڻ کپي ته ”اهو ناممڪن آهي.“ بلڪه اهو چوڻ گھرجي ته ”في الحال اهو ممڪن ناهي!“

(روزاني هلال پاڪستان 9 آڪٽوبر 2019ع)

Thursday, September 19, 2019

ڪائنات بابت ڪجهه اهم سوال!



شفيق الرحمان شاڪر

هيء ڪائنات جنهن ۾ اسان رهون ٿا ڏينهون ڏينهن پکڙجي رهي آهي،اسان اهو ڄاڻون ٿا ڇو ته اسان جو مشاهدو آهي ته ڪهڪشائون ۽ انهن جا گروهه تيزيء سان هڪ ٻئي کان پري سفر ڪندا ٿا وڃن.اها پکيڙ ان وقت کان جاري آهي  جڏهن کان هيء ڪائنات وجود ۾ آئي آهي يعني اڄ کان اٽڪل چوڏهن کرب سال پهرين هڪ نهايت ئي گرم ۽ ڪثيف عمل ذريعي جنهن کي اسان ”بگ بينگ“ جي نالي سان ڄاڻون ٿا.هاڻي اسان ڪائنات جي حوالي سان ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشس ڪيون ٿا جيڪي سوال عام طور تي پڇيا ويندا رهيا آهن.
پهريون سوال اهو ته هن ڪائنات جو مرڪز ڪٿي آهي؟ان سوال جو جواب اهو آهي ته هن ڪائنات جو مرڪز آهي ئي ڪونه ڇو ته هن ڪائنات جو ڪو ڪنارو ڪونهي.هڪ محدود ڪائنات ۾ خلا مڙيل آهي ته جيڪر اوهان هڪ سڌي ليڪ ۾ کربن نوري سالن جو سفر طيء ڪيو ٿا ته اوهين واپس ان جڳهه تي پهچي ويندا هتان اوهان شروعات ڪئي هئي.اهو به عين ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات لامحدود هجي.ٻنهي مثالن ۾ ڪهڪشائڻ جا جھرمٽ جيڪي ڪائنات کي ڀرين ٿا اهي هڪٻئي کان پري ٿيندا ٿا وڃن ۽ جنهن سان ڪائنات پکڙجندي ٿي وڃي.ان لاء ڪنهن تصوير تي غور ڪجي جنهن ۾ هڪ تمام ننڍڙي ڪائنات جو مثال ڏنل هجي جنهن ۾ رڳو 48 تارا آهن.ڪو خلائي جهاز جيڪو انهن تارن جي وچ ۾ اڏامي رهيو هجي اهو ڪائنات جو ڪنارو ڳولهي نه سگھندو جيڪر اهو خلائي جهاز ڪائنات جي هڪ طرف کان روانو ٿيندو ته ٻئي طرف کان وڃي ظاهر ٿيندو.جهاز ۾ موجود ماڻهو پنهنجن طرفن ۾ لامحدود ستارن کي ڏسي سگھندا.هن ڪائنات جي ڪا سرحد يا مرڪز نه آهي. ٻيو سوال اهو ته ”بگ بينگ“ ڪائنات ۾ ڪهڙي جڳهه تي ٿيو؟هڪ عام مفروضو اهو آهي ته بگ بينگ هڪ ڌماڪو هو جيڪو خالي خلا ۾ ٿيو جڏهن ته اها ڳالهه غلط آهي.خلا ۽ وقت ٻئي بگ بينگ کان بعد وجود ۾ آيا.ڪائنات جي شروع ۾ خالي خلا مادي سان پوريء طرح ڀريل هو.اهو مادو گرم هو ۽ نهايت ڪثيف پڻ جيڪو پکڙيو ۽ ٿڌي ٿيڻ تي جنهن ستارن ۽ ڪهڪشائن کي جنم ڏنو جن کي اسان اڄ ڏسون ٿا.جيتوڻيڪ خلا بگ بينگ وقت ممڪنه طور تي هڪڙي هنڌ مرتڪز ٿي ويو هوندو.اهو هڪجهڙي طور تي ممڪن آهي ته بگ بينگ وقت خلا لامحدود هجي.ٻنهي منظر نامن ۾ خلا پوريء طرح مادي سان ڀريل هئي جيڪو پکڙجڻ شروع ٿيو.ان پکيڙ جو ڪو مرڪز نه هو.هيء ڪائنات سادن لفظن ۾ سمورن طرفن ۾ پکڙجي رهي آهي.مشاهدو ڪندڙن اهو ڏٺو آهي ته سموريون ڪهڪشائون هڪ ٻئي کان پري ٿينديون ٿيون وڃن.اهو سوال ته بگ بينگ ڪٿي ٿيو هوجو جواب اهو آهي ته اهو ڪائنات ۾ هر جڳهه ٿي ٿيو هو.
ٽيون سوال اهوته ڇا زمين به ڪائنات سان گڏ پکڙجي رهي آهي؟جواب اهو ته زمين ڪائنات سان گڏ نه پکڙجي رهي آهي ۽ نه ئي سورج منڊل پکڙجي رهيو آهي ۽ هيء اسان جي ملڪي وي ڪهڪشان به نه پيئي پکڙجي.اهي شيون ڪشش ثقل جي اثر سبب وجود ۾ آيون ۽ پوء جن الڳ الڳ ٿيڻ ڇڏي ڏنو.ڪشش ثقل،ڪهڪشائن کي به گروهن ۽ جھنڊ جي شڪلين ۾ جوڙي رکي ٿي.اهي خاص طورتي ڪهڪشائن جا گروهه ۽ جھنڊ ئي آهن جيڪي هڪٻئي کان پري وڃي رهيا آهن.
چوٿون سوال اهو ته ڇا هن ڪائنات کان ٻاهر به ڪجهه آهي؟جيئن ته خلا بگ بينگ سان گڏ ئي وجود ۾ آئي.اسان جي ڪائنات جو ڪو ڪنارو يا حد ناهي.ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات ٻين ڪيترين ئي لامحدود ڪائناتن مان هڪ هجي پر ضروري ناهي ته انهن ڪائناتن کي وجود رکڻ لاء ڪنهن خلا جي ضرورت هجي.
پنجون سوال اهو ته بگ بينگ کان اڳ ڇا موجود هو؟وقت بگ بينگ سان گڏ وجود ۾ آيو.اسين نٿا ڄاڻون ته اهو ان کان اڳ موجود هو يا نه.اهو سوال ان ڪري به گھڻو ڏکيو آهي. ڪجهه نظرين مطابق اسان جي ڪائنات لامحدود ڪائناتن جو هڪ حصو آهي جنهن کي ملٽي يونيورس جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ جيڪي لاڳيتو پيدا ٿي رهيون آهن.اهو ممڪن ته آهي پر ان کي ثابت ڪرڻ مشڪل آهي. جيڪر ڪائنات چوڏنهن بلين سال پراڻي آهي ته ڪهڪشائون ڪهڙيء طرح چوڏهن بلين سالن کان مٿي سفر ڪري چڪيون آهن؟اهو ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات لامحدود هجي ۽ بگ بينگ کان اڳ هر طرف کان مادي سان ڀريل هجي پر پڪ سان اهڙو ڪجهه به نه هو جيڪو ڪائنات کي روشنيء جي رفتار سان تيز پکڙجڻ سان روڪي ها.جيتوڻيڪ ڪائنات جي اندر ڪنهن خاص جڳهه تي ڪابه اهڙي شيء ناهي جيڪا روشنيء کان وڌيڪ تيزيء سان سفر ڪري سگھي.اها ڳالهه سڄي ڪائنات لاء صحيح ڪانهي.ان ڳالهه جي ڪا حد ناهي ته ڪائنات ڪيتري تيزيء سان پکڙجي ٿي.اسان اهو تصور ڪري سگھون ٿا ته ڪهڪشائون ڪنهن بال جيان آهن جيڪو رٻڙ شيٽ تي موجود هجي ۽ جيڪا خلا جي ترجماني ڪندي هجي.جيڪر اسان شيٽ کي پکيڙيون ته بال هڪٻئي کان پري ٿي ويندا.اهي بال جيڪي هڪٻئي جي ويجھو هوندا اهي سستيء کان هڪٻئي کان پري هوندا،اهي بال جيڪي همه گير طريقي سان هڪٻئي کان پري ٿيا هئا  اهي نهايت تيزيء سان هڪ ٻئي کان پري ٿيندا ويندا.ڪنهن به بال تي رهندڙ ماڻهو پنهنجي بال کي ساڪن محسوس ڪندا.اهي ڏسندا ته پري جي بالن جو مفاصلو نهايت تيزيء سان وڌي رهيو آهي جڏهن ته ويجھا بال سست رفتاريء سبب فاصلو وڌائي رهيا آهن.گھڻو پري وارا بال روشنيء جي رفتار کان به تيز پري وڃي رهيا هوندا پر ماڻهو انهن کي ڏسي نه سگھندا.مقامي طور تي انهن جي پنهنجن ڪهڪشائن ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي جيڪو روشنيء جي رفتار سان سفر ڪندو هجي.



(روزاني هلال پاڪستان 18 سيپٽيمبر 2019ع)

Friday, September 13, 2019

قرآن ۽ سائنسي راز؛ برسات،ڪڪر ۽ ڳڙا.



شفيق الرحمان شاڪر
پاڻيء جا بخار نهايت ئي بلنديء تي پهچي آلاڻ جي ذرن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا جن کي ڪڪر چيو ويندو آهي.ڪڪرن جو ڪو رنگ ناهي ٿيندو،اهي صاف ۽ شفاف ٿيندا آهن.سج جي روشني انهن کي وڌيڪ سفيد ۽ چمڪندڙ بنائي ٿي ۽ جڏهن اهي آسمان تي تري رهيا هوندا آهن ته انهن مان مختلف تصويرون ۽ شڪليون جڙيل معلوم ٿينديون آهن.ڪڏهن ڪڏهن ننڍن ننڍن ڪڪرن جا ڪيترائي تهه هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا آهن ته سج جا ڪرڻن کي زمين تائين پهچڻ ۾ رنڊڪ پوي ٿي ۽ اهڙي ڏينهن کي ”جھڙالو ڏينهن “ چئبو آهي. اهڙو اتفاق به ٿيندو آهي جو ڪڪر آسمان تي نهايت ئي گھڻي بلنديء تي هليا ويندا آهن جتي گھڻي سردي هوندي آهي،اتي اهي آبي بخار ڄمي ويندا آهن تڏهن اهي ذرڙا هوا ۾ هيٺائين طرف لاڳيتو ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا جنهن کي ”برفباري“ يا ”ڳڙا پوڻ“ چئبو آهي.پاڻيء جا اهي ئي ننڍڙا ذرڙا جڏهن آسمان جي بلندين کي ڇهڻ لڳن ته ڪڪر سڏائين ٿا پر جيڪر اهي زمين جي سطح تائين پهچي وڃن ته انهن کي ”ڌنڌ“ چئبو آهي.مطلب ته جڏهن اسان ڌنڌ ۾ هلي رهيا آهيون ته ڄڻ ته ڪڪرن جي اندر گھمي رهيا آهيون.آبهوا ئي موسم ۾ تبديليون آڻي ٿي ۽ سردي يا گرميء جي فرق کي واضح ڪري ٿي.جڏهن ڪڪر هٽي ويندا آهن ته آبهوا موسم جي گرميء جي درجي ۾ معمولي واڌارو ڪري ڇڏي ٿي،پاڻيء جا بخار جيڪي هوا ۾ تري رهيا هوندا آهن توڙي جو اهي ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن،جيئن ئي هوا ٿڌي ٿئي ٿي آبي بخار پاڻيء جي وڏن وڏن ڦڙن ۾ بدلجي وڃن ٿا ۽ جڏهن اهي گھڻو ڳرا ٿي پون ٿا ته هوا ۾ ٽنگجي زمين طرف اچڻ شروع ڪري ڏين ٿا.پاڻيء جي لکن ڪروڙن ڦڙن جي زمين طرف اچڻ جي ان عمل کي ”برسات“ چئبو آهي.ڪجهه شيون اهڙيون به آهن جيڪي آسمان ۾ بنجڻ وقت ڪنهن ٻي شڪل ۾ هونديون آهن پر زمين تائين پهچندي پهچندي انهن جي شڪل ۽ صورت بدلجي ويندي آهي انهن ۾ ”ڳڙا“ به شامل آهن.ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڳڙا به ڏٺا ويا جيڪي بيس بال جيترا وڏا هئا.جيڪر انهن ڳڙن کي وچان ڪپي ڏٺو وڃي ته انهن ۾ ڪيترا ئي تهه هڪٻئي مٿان چڙهيل نظر ايندا جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ ڳڙي کي زمين تائين پهچڻ کان پهرين ڪيئي ڀيرا فضا جي بلندين ۾ هيٺ مٿي ٿيڻو پوي ٿو تڏهن اهي وڃي زمين تي ڪرن ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه هوا جي سبب ٿئي ٿو.
موسمي ريڊار جي ايجاد بعد ئي اهو معلوم ڪرڻ ممڪن بڻيو ته اهي ڪهڙا مرحلا آهن جن مان گذري برسات اها شڪل اختيار ڪري ٿي.ان کوجنا مطابق برسات ٽن مرحلن مان گذري ان شڪل ۾ اچي ٿي.پهريون مرحلوهوا جي جوڙجڪ جو آهي،ٻيو مرحلو ڪڪرن جي ٺهڻ ۽ ٽيون مرحلو پاڻيء جي ڦڙن جي ڪرڻ جو آهي.قرآن ۾ جيڪي ڪجهه برسات جي جوڙجڪ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ان کوجنا ان جي تصديق ڪئي آهي.جڏهن هوائون ڪڪرن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي ڌڪي پاڻ ۾ گڏين ٿيون ته اهي وڏن وڏن ڪڪرن جي جبلن ۾ بدلجي وڃن ٿا ۽ پوء انهن جي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سان آسماني بجلي پيدا ٿئي ٿي ۽ نيٺ مينهن وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو.انهيء حقيقت طرف هيٺين آيتن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي؛
”ڇا اوهين نٿا ڏسو ته الله ڪڪرن کي آهستي آهستي هلائي ٿو پوء ڪڪرن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو پوء انهن کي تهن مٿان تهن ۾ بدلائي ٿو پوء تون ڏسين ٿو ته انهن جي وچان مينهن جا ڦڙا ڳڙن ٿا ۽ هو آسمانن مان انهن جبلن ذريعي جيڪي انهيء ۾ بلنديء تي آهن انهن مان ڳڙا وسائي ٿو.پوء جنهن کي گھري انهن مان نقصان پهچائي ٿو ۽ جنهن کي چاهي انهن کان بچائي ٿو.ان جي بجليء جي روشني اکين کي خيرو ڪريو ڇڏي.“ (سوره نور)
هڪ ٻئي هنڌ الله ربالعزت جو ارشاد آهي ته؛
”الله اهو آهي جيڪو هوائون موڪلي ٿوجيڪي ڪڪرن کي کڻي اچن ٿيون پوء جيئن گھري ٿو انهن ڪڪرن کي آسمان ۾ پکيڙي ڇڏي ٿو پوء انهن کي ٽڪڙيون بنائي ڇڏي ٿو پوء تون ڏسين ٿو ته برسات جا ڦڙا ان مان نڪرندا اچن ٿا.پوء الله پنهنجن بندن مان جن تي چاهي برسات وسائي ٿوته اهي خوش ٿي وڃن ٿا.“
انهن آيتن مان معلوم ٿيو ته هوائون الله جي حڪم سان ڪڪرن کي فضا ۾ پکيڙين ٿيون ۽ جتي الله جو حڪم ٿئي ٿو انهن علائقن ۾ پاڻي وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو.گمندڙ اهي ڪڪر جڏهن ڪنهن نهايت ئي ٿڌي فضائي علائقي ۾ پهچن ٿا جيڪو آبي بخارن کي واپس پاڻيء ۾ بدلائي سگھي ته اتي به ڪڪرن جو سمورو پاڻي هڪ ئي ڌڪ سان زمين تي نٿو ڪري بلڪه ڦڙو ڦڙو ٿي وسي ٿو.ان پاڻيء کي ڪثير مقدار ۾ ان انداز سان نازل ڪرڻ جو اهو خلق خدا وڻن ۽ زمين لاء نقصانڪار ثابت ٿيڻ بدران فائديمند ثابت ٿئي،اهو نيٺ ڪهڙن بيجان طبعي قانونن جو نتيجو آهي؟پڪ سان ان ۾ الله جون وڏيون حڪمتون آهن.ان کان سواء اسان جو مشاهدو آهي ته هر سال هڪجهڙي برسات نٿي پوي.ڪنهن سال نهايت گھڻي برسات ٿئي ته ته ڪنهن سال بلڪل ئي برسات نٿي پوي پوء انهن طبعي قائدن ۾ اها واڌي گھاٽي ڇو ٿي ٿئي؟آخر انهن ڳالهين مان اهو نتيجو ڇو نه ڪڍجي ته ڪا اهڙي زبردست ۽ مٿانهين هستي به موجود آهي جيڪا انهن بيجان قائدن جي نتيجن ۾ تبديليء جو پورو اختيار رکي ٿي.
علم موسميات جي ماهرن معلوم ڪيو آهي ته ڪڪرن جا اهي ٽڪرا جيڪي ڳڙا وسائين ٿا اهي 7.6 کان 9 ڪلوميٽر مٿانهان ٿين ٿا،ڪڪرن ۾ گوڙ ۽ وڄ جو پيدا ٿيڻ اصل ۾ بجليء جو پيدا ٿيڻ آهي.ڪڪر جڏهن هڪٻئي سان ٽڪرائين ٿا ته انهن ۾ گاٺ پيدا ٿئي ٿي ۽ گاٺ سبب آواز ۽ بجلي ٺهن ٿا.ڪڪرن ۾ جيڪر آلاڻ يا پاڻيء جا ڦڙا موجود نه هجن ته ڪڏهن به بجلي پيدا نه ٿئي.ڪڪرن ۾ پاڻيء جا ڦڙا گھمندي جڏهن هڪٻئي سان ٽڪرائين ٿا ته انهن ۾ برقي ڪرنٽ پيدا ٿئي ٿو.چارج ٿيل هڪڙو ڪڪر جيڪر ٻئي چارج ٿيل ڪڪر سان ٽڪرائجي ٿو ته آواز سان گڏ بجلي پيدا ٿئي ٿي جيڪا ٽپا ڏيندي زمين تائين پهچي ويندي آهي.جڏهن اها زمين تي ڪري ٿي ته ڌماڪي سان گڏ هڪ وڏو ڀنڀٽ پيدا ڪري ٿي.چمڪ پيدا ٿيڻ سان هوا گرم ٿي پکڙجي ٿي.ان لهر سان پيدا ٿيندڙ گرجدا آواز اسان کي ڪجهه سيڪنڊن بعد ٻڌڻ ۾ ايندو آهي جيئن ته روشنيء جي رفتار آواز جي رفتار کان تيز آهي ان ڪري ڪڪرن جي پاڻ ۾ تڪرائڻ وقت پهريائين روشني ۽ بعد ۾ آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.
برسات وسائيندڙ ڪڪرن جي لاء گھٽ ۾ گھٽ بلندي 1200 ڪلوميٽر هوندي آهي.ڪجهه اهڙا ڪڪر به آهن جيڪي 10000 ميٽرن جي بلنديء تان پاڻي وسائين ٿا.انهيء کان سواء قرآن ڪريم اسان جو ڌيان برسات جي مٺي پاڻي طرف به ڇڪائي ٿو؛
 (اَفَرَئَ یْتُمُ الْمَآءَ الَّذِیْ تَشْرَبُوْنَ ۔ ئَ اَنْتُمْ اَنْزَلْتُمُوْہُ مِنَ الْمُزْنِ اَمْ نَحْنُ الْمُنْزِلُوْنَ ۔ لَوْنَشَآءُ جَعَلْنٰہُ اُجَاجًا فَلَوْ لَا تَشْکُرُوْنَ)
” ڪڏهن اوهان اکيون کولي ڏٺو آهي ته هي پاڻي جيڪو اوهان پيئو ٿا ان کي اوهان ڪڪرن مان وسايو آهي يا اسان ان جا وسائيندڙ آهيون؟اسان چاهيون ته ان کي سخت کارو بنائي ڇڏيون پوء اوهين شڪرگزار ڇو نٿا بڻجو؟“(سوره واقعه آيت 68 کان 70)
زمين کي پاڻي مهيا ڪرڻ سواء جيڪا جاندارن جي هڪ اهڙي ضرورت آهي جنهن سواء زندگي جو تصور ڪري نٿو سگھجي،برسات جو هڪ هڪ ڦڙو هڪ ٻيو اثر ”زرخيزي“ پيدا ڪري ٿو.برسات جا اهي ڦڙا جيڪي سمنڊن مان بخارن جي شڪل ۾ اٿن ٿا انهن ۾ گھڻو اهڙو مواد هوندو آهي جيڪو مئل زمين کي زنده ڪري ٿو.
ڪڪرن جا قسم؛ ڪڪرن جا هيٺ ڏنل چار قسم بيان ڪيا ويا آهن.
1.ڪمولس(Cumulus)؛ اهي اڇي رنگ جا ڪڪر آهن جيڪي آسمان تي ٿلهن تهن جي ڍيرن ۾ نظر ايندا آهن.جڏهن اهي آسمان تي ڇاننئيل هوندا آهن ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته انهيء تي ڪپهه جي جبلن نهايت ئي سهڻو سلسلو موجود هجي.ان قسم جا ڪڪر عام طور تي گرميء جي مند ۾ ٻنپهرن کان پوء ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ عام طور تي 4000 کان 5000 فٽن جي بلنديء تي هوندا آهن.جڏهن اهي پاڻيء سان ڀرجن ٿا ته گرجڻ ۽ وسڻ وارا بڻجي وڃن ٿا.
2.سائرس (Cirrus)؛ انهن جي شڪل اڇن گھنگرودار پرن جيان هوندي آهي.اهي ڪڪر نهايت ئي بلنديء تي هوندا آهن.اهي عام طور تي خشڪ موسم ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ اسان جي زمين کان ڇهن کان اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هوندا آهن.اهي هوائن جي رخ تي اڏامندا آهن ۽ عام طور تي طوفانن جي خبر ڏيندا آهن.
3.اسٽريٽس (Stratus)؛ اهي ڪڪر آسمان تي هر طرف پکڙيل ٿين ٿا ۽ ڌنڌ جيان نظر ايندا آهن.اهي گھڻو مٿي نه هوندا آهن.عام طور تي 2000 کان 7000 فٽن جي بلنديء تي ٿين ٿا.ظاهر ۾ اهي ڪڪر خاموش نظر ايندا آهن تنهن هوندي به اهي خراب موسم جي نشاني سمجھيا ويندا آهن.
4.نمبس (Nimbus)؛ انهن مان مراد برسات جو طوفان آهي.انهن کي مينهن جا ڪڪر به چيو ويندو آهي.انهن جو رنگ گهاٽو سليٽي ٿيندو آهي.انهن جي ڪا واضح شڪل ۽ صورت نٿي ٿئي.موسميات جا ماهر انهن ئي ڪڪرن جو مشاهدو ڪري موسم جي باري ۾ ڪا اڳڪٿي ڪندا آهن.
 

(روزاني مهراڻ 13 سيپٽيمبر 2019ع)

Sunday, August 25, 2019

سينيما جي تاريخ.



شفيق الرحمان شاڪر
اوڻويهين صدي کي سائنسي ايجادن جي صديء طور ڄاتو وڃي ٿو.ان صديء ۾ دنيا گھڻين ئي ايجادن جو مشاهدو ڪيو.سينيماٽو گراف Cinematograph جنهن کي مختصر طور تي عام طور تي سينيما Cinema چئجي ٿو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.سينيما جي ايجاد ڪنهن جادوئي ڪرشمي کان گھٽ نه هئي جنهن بيجان تصويرن کي زندهه ڪري ڇڏيو ۽ بي زبان ڪردارن کي زبان ڏني.زندگيء جي مختلف پاسن کي هلندڙ ڦرندڙ تصويرن ۾ قيد ڪرڻ جو تجربو پڪ سان نهايت دلچسپ ۽ نرالو هو.ان خوبصورت ايجاد جو سهرو فرانس جي لوميئر برادرس تي آهي جن 1895ع ۾ سينيما ماٽوگراف مشين جوڙي سينيما ۾ پنهنجي اوليت داخل ڪرائي توڙي جو انهن ٻنهي ڀائرن کان اڳ امريڪا جي ٿامس ايڊيسن 1891ع ۾ڪنٽوگراف مشين ايجاد ڪري ورتي هئي پر فني  خامين سبب ان مشين کي تاريخ ۾ اوليت جو درجو نه ملي سگھيو.بهرحال سينيما جا خالق لوميئر برادرس ئي آهن تنهن هوندي به اڄ جنهن شڪل ۾ سينيما اسان تائين پهتي آهي ان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ڪيترين ئي صدين جي ڪوشش ۽ تجربن جو عمل دخل رهيو آهي.سينيما گرافي اصل ۾ فوٽوگرافي جي وڌيل شڪل آهي ان ڪري سينيما جي اوسر واري سفر کي سمجھڻ لاء فوٽوگرافي جي ايجاد ۽ ان جي اوسر وارا مرحلا سمجھڻ ضروري آهن.فوٽوگرافي جي حيرت ۾ وجھندڙ خوبين کي ڏسندي روبرٽ رولج ان کي اوڻويهين صديء جي سڀ کان خوبصورت،مقبول ۽ لائق ساراهه ايجاد قرار ڏنو آهي.فوٽوگرافيء جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته ان جي ايجاد ۾ به ڪيترين ئي صدين ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي ڪوششن جو حصو رهيو آهي.ڪيترن ئي تجربن ۽ مرحلن مان گذري اها قيمتي ايجاد اسان تائين پهتي آهي.ڪجهه مورخن جو خيال آهي ته فوٽوگرافي ۾ اسلامي دور جي مشهور سائنسدان ابو علي حسن ابن الهيثم شروعات ڪئي هئي.اولهه جي دنيا ۾ الهيزن جي نالي سان مشهور ابن الهيثم بصريات Optics جو وڏي باريڪ بينيء سان مطالعو ڪيو ۽ ان بابت ڪجهه نظريا به پيش ڪيا جيڪي اڄ تائين بصريات متعلق ڪيترن ئي سائنسي نظرين جو بنياد مڃيا وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ هن ڪتاب ”ڪتاب المناظر“ نالي لکيو جنهنجو ترجمو  Book of Opticsجي نالي سان موجود آهي جيڪو سترهين صديء تائين اولهه جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل رهيو ۽ ڪيترن ئي سائنسي تجربن ۾ ان جي مدد ورتي ويئي.ابن الهيثم بصريات متعلق پنهن جا تجربا ڪندي  پهرين سنهڙي سوراخ واري ڪيميراPinhole Camera  تيار ڪئي  ۽ بعد ۾ ان جي خامين کي دور ڪندي اونداهين ڪيميرا  Obscure Camera جوڙي جنهن کي عربيء ۾ ”بيت المظلم“چيو وڃي ٿو.اها ڪاٺ يا ڌاتوء مان پيتيء جيان ٺاهي ويندي آهي جنهن جو اندريون حصو مڪمل اونداهون ۽ ٻاهريئين حصي تي هڪ ننڍڙو سوراخ هوندو آهي جيڪو ٻاهرين منظرن کي سوراخ دار ّاني ۾ موجود ڪاري پردي تي منعڪس ڪندو آهي.ابن الهيثم جي ان ايجاد کي فوٽو گرافي يا سينيماٽو گرافي جو پهريون نمونو سمجھيو وڃي ٿو.ڪجهه ماڻهو ان ڳالهه جا به قائل آهن ته ڪنهن اونداهين خاني ۾ هڪ سنهڙي سوراخ يا شٽر ذريعي ٻاهرين منظرن کي اندرئين ڪاري پردي تي منعڪس ڪرڻ جو تصور ارسطو وٽ به موجود هو.نائين صدي عيسوي ۾ عرب جي مشهور فلسفي ابو يوسف يعقوب الڪندي پڻ ان نظريي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي   پر انهن ماڻهن مان ڪنهن به ان نظريي کي عملي صورت نه ڏني.ابن الهيثم اهو پهريون سخص آهي جنهن ان جو عملي تجربو ڪيو.ان ڪري گھڻا ابن الهيثم کي ئي پن هول ڪيميرا جو باني سمجھن ٿا.اونداهين ڪيميرا سان رڳو عارضي تصوير ڏسي سگھبي هئي،ان سان مستقل تصوير ٺاهڻ اڃا تائين ممڪن نه بڻيو هو.ڏهين صدي کان پندرهين صديء تائين عام مشاهدي يا سج گرهڻ کي سڌو ڏسڻ جي نقصانن کان بچڻ لاء ان ڪيميرا کي استعمال ۾ آندو ويندو رهيو،سورهين صديء اٽليء جي سائنسدان جيام بيٽيسٽا ان ڪيميرا تي وڌيڪ کوجنا ڪئي ۽ صلاح ڏني ته فنڪار ان ڪيميرا جي عڪس کي ڪاغذ تي اڀاري نقاشي Painting ۾ مدد وٺي سگھن ٿا ان طرح سورهين صديء کان ارڙهين صديء تائين اونداهين ڪيميرا نقاشن لاء هڪ مددگار اوزار طور ڪم ڪندي رهي ۽ نيٺ اهو ڏينهن آيو جڏهن هنرمندن ان اوزار مان مستقل تصوير ڪڍڻ جو حل ڳولهي ورتو.ارڙهين صديء ۾ ڪيترا ئي سائنسدان ان ڪيميرا جي پردي تي منعڪس ٿيندڙ تصويرن کي دائمي شڪل ڏيڻ لاء ڪوشش ۾ رهيا،آخر ڪار هڪ ٻئي جي تجربن مام مدد حاصل ڪندي  1972ع ۾ جرمنيء جي سائنسدان ڊاڪٽر جان سولزي هڪ ڏينهن اتفاق سان سلور نائيٽريٽ ۽ کڙيل مٽيء جي مرڪب تي اهو مشاهدو ڪيو ته سج جي روشني پوڻ سان ان مرڪب جو رنگ آهستي آهستي ڪارو ٿي وڃي ٿو.جنهن بعد انهن ان مشاهدي ڪيترائي تجربا ڪيا ۽ نيٺ ان نتيجي تي پهتا ته سلور نائٽريٽ  کڙيل مٽيء جي ان مرڪب تي سج جي روشني اثر انداز ٿئي ٿي.ڊاڪٽر سولزي جي ان کوجنا کي بنياد بنائي مغربي ملڪن ۾ وڌيڪ تجربا ڪيا ويا.انهن سائنسدانن ۾ انگلنڊ جو ٿامس ريجووڊ  به شامل آهي جنهن سندس ساٿي ڪيميادان همفري ڊيوي سان گڏجي ان فارمولي تي عمل ڪندي ڪيميرا جي تصوير کي دائمي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي،انهن ڪوششن ۾ انهن کي ڪاميابي به ملي پر ان ۾ خامي اها هئي تصوير تي جيئن ئي سج جي روشني پيئي ٿي ته ان تي ڪارا داغ پئجي ٿي ويا. فرانس جو جوزف نائسوفور اهو پهريون شخص آهي جنهن تصوير کي دائمي شڪل ڏيڻ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن لاء هن جديد طريقو اختيار ڪيو جنهن کي هيلوگرافي Heliography  چئجي ٿو.1829ع ۾ جوزف فرانس جي هڪ آرٽسٽ لوئس ڊگير سان گڏجي ان طريقه ڪار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوزف جي ان دوران وفات ٿي ويئي جڏهن ته لوئس ان عمل تي ڪم جاري رکيو ۽ نيٺ 1839ع ۾ پتل ۽ چانديء جي پليٽ سان آيوڊين ويپر جو استعمال ڪري ان دريافت ۾ بهترين اضافو ڪيو.دگير جي ان طريقي ڪار کي دگير ٽائيپ چيو وڃي ٿو.انهيء دوران برطانيا ۾ هڪ ٻي کوجنا سامهون آئي جتي 1841ع ۾ هنري فوڪس هڪ نئون طريقو ڳولهي ڪڍيو۽ هن ان کي سندس نالي سان پينٽ به ڪرايو.هنري جي اها کوجنا ڪيلو ٽائيپ سڏجي ٿي.دگير ۽ تالبوت جو طريقي ڪار تصوير ڇڪڻ جي لحاظ کان بلڪل ابتڙ هو.دگير جو طريقو مثبت Positive تصوير معڪس ڪندو هو جنهن جي ڪاپي ٺاهڻ ممڪن نه هو ڇو ته ڪاپي ٺاهڻ جي صورت ۾ تصوير ابتي ٿي ويئي ٿي جڏهن ته تالبوت جو طريقو منفي تصوير ڪڍڻ هو جنهن جون ڪيتريون ئي ڪاپيون جوڙي سگھبيون هيون ڇو ته ڪاپيء ۾ اها تصوير بلڪل سڌي ٿي ويئي ٿي.اهو ئي سبب آهي جو دگير جو طريقو ديرپا ثابت نه ٿي سگھيو جڏهن ته تالبوت وارو طريقو اڄ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.فوٽو گرافي جي باقائدي شروعات بعد ماڻهن متحرڪ تصويرن کي ڪيميرا ۾ قيد ڪرڻ جي طريقن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ ئي سينيماٽوگرافي ايجاد ٿي.ميجڪ لينٽرن کان ويندي هاڻوڪي سينيما تائين دريافت ۽ تجربي جون بيشمار ڪهاڻيون تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهن.جون 1873ع ۾ ايڊورڊ مائي برج نالي شخص 24 ڪيميرن جي مدد سان هڪ ڊوڙندڙ گھوڙي کي فلمائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان کان ٺيڪ نو سال پوء فرانس جي سائنسدان ايٽين جوليس ميري 1882ع ۾ Chrono photographic Gun ٺاهي جيڪا هڪ سيڪنڊ ۾ ٻارهن فريم تصويرون ڪڍڻ جي صلاحيت رکندي هئي.ان باري ۾ ٿامس ايڊسن جو ڪارنامو سڀ کان اهم آهي.1891ع ۾ ايڊسن ڪنٽوگراف مشين ايجاد ڪئي.ان مشين ۾ 35 ملي ميٽر ويڪري سيلولائيڊ جو ٽرانسپيرنٽ ريل استعمال ڪري متحرڪ تقويرن کي رڪارڊ ڪيو ويندو هو.پڪ سان اها وڏي دريافت هئي پر ان ۾ خامي اها هئي جو انهن تصويرن کي هڪ ئي وقت صرف هڪڙو ماڻهو ئي ڏسي سگھيو ٿي. 1895ع ۾ فرانس جي لومئير ڀائرن سينيماٽو گراف مشين ايجاد ڪري سينيما باب ۾ ڪمال حاصل ڪيو.سينيماٽوگراف جي خوبي اها هئي جو ان سان نه رڳو متحرڪ تصويرون رڪارڊ ٿي سگھيون ٿي پر پردي تي ماڻهن جي سامهون انهن جي نمائش به ڪري سگھبي هئي.28 ڊسمبر 1895ع تي لوميئس ڀائرن پيرس هي گرانڊ ڪيفي هال ۾ پنهنجي پهرين نمائش پيش ڪئي.ان نمائش ۾ ڪل ڏهه مختلف فلمون شامل هيون جن ۾ اسٽيشن تي بيهندڙ ٽرين،سمنڊ ۾ اٿندڙ لهرون،کيڏندڙ ٻار ۽ ٻيااهڙا دلچسپ منظر ڏيکاريا ويا هئا.ڏسڻ وارن لاء پردي تي اصل زندگيء جو نقل ڏسڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ نه هو.ان حيرت انگيز ڪارنامي کي ڏسڻ لاء پيرس شهر جي ماڻهن جو هجوم اٿلي پيو ۽ نيٺ تمام مختصر عرصي ۾ سينيما پيرس جي گھٽين مان نڪري دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي. خود اسان جي هندستان ۾ 7 جولائي 1899ع ۾ بمبئي جي واٽسن هوٽل ۾ فلمن جي نمائش ڪئي ويئي.
(روزاني مهراڻ 24 آگسٽ 2019ع)