Thursday, April 28, 2016

سائنس ڊاڪومينٽريز؛ اسان کي ورثي ۾ ڇا مليو؟



Our Inheritance.




سائنس ڊاڪومينٽريز؛ اسان کي ورثي ۾ ڇا مليو؟

سائنس ڊاڪومينٽريز؛ خطري جي گھنٽي

A Bell Of Danger.




سائنس ڊاڪومينٽريز؛ خطري جي گھنٽي

سائنس ڊاڪومينٽريز؛ ايٽم کان زندگيء تائين.

From Atom to Life.




سائنس ڊاڪومينٽريز؛ ايٽم کان زندگيء تائين.

سائنس ڊاڪومينٽريز؛ ڪائنات جي شروعات.

Beginning of the Universe.






سائنس ڊاڪومينٽريز؛ ڪائنات جي شروعات.

سائنس ڊاڪومينٽريز؛ ڪشش ثقل هڪ پراسرار طاقت

Gravity an Attractive Fact







سائنس ڊاڪومينٽريز؛ ڪشش ثقل هڪ پراسرارطاقت

سائنس ڊاڪومينٽريز؛ خلا جو اڃايل مسافر.


The Space Traveler.





سائنس ڊاڪومينٽريز؛ خلا جو اڃايل مسافر.

سائنس ڊاڪومينٽريز؛ اينٽي ميٽر جي تلاش

Quest of Anti Matter.








سائنس ڊاڪومينٽريز؛ اينٽي ميٽر جي تلاش

سائنس ڊاڪومينٽريز؛ قسمت جا ستارا؟

Science and the Astrologer








سائنس ڊاڪومينٽريز؛ قسمت جا ستارا؟   

سائنس ڊاڪومينٽريز؛ زمين ڪيتري پراڻي آهي؟

 How Old is the Earth?







سائنس ڊاڪومينٽريز؛ زمين ڪيتري پراڻي آهي؟








سائنس ڊاڪومينٽريز؛سج جو موت

The Death of Sun




سائنس ڊاڪومينٽريز؛ سج جو موت

Sunday, April 24, 2016

دنيا جا عظيم سائنسدان ؛ ارشميدس (حصو ٻيو)


هٿن مان بيمارين جو پتو لڳائڻ


ڇا واقعي نظام شمسيء ۾ نائون سيارو موجود آهي؟


دنيا ۾ فزڪس جي سڀ کان وڏي تجربي گاھ


گھڻو وقت ويهي گذارڻ جا نقصان


دنيا جا عظيم سائنسدان ـ جالينوس ( حصو پهريون)


ڪتن لاء مائيڪروچپ ضروري!


پنهن جن ٻچن کي پاڻ سان ٻڌي رکندڙ مخلوق!


گھٽ پاڻي پيئڻ سان ڇا ٿو ٿي سگھي؟


نيوٽران تارا جن جي ٽڪرائڻ سان سون ٺهندو آهي.


واٽس ايپ طرفان پيعامن کي محفوظ بنائڻ جو اعلان


دنيا جا عظيم شائنسدان ؛ جالينوس.


برقي مقناطيسي لهرون جن جي ڪري دنيا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي.


دنيا عظيم سائنسدان ؛ بطليموس


موبائيل فون ڪهڙيء رييت ڪم ڪن ٿا؟


قدرت ۽ جيوگرافي وڊيوز؛مست جانورن جي لڙائي.



 قدرت ۽ جيوگرافي وڊيوز؛مست جانورن جي لڙائي.

قدرت ۽ جيوگرافي وڊيوز؛اڻ لڀ جانور.



 قدرت ۽ جيوگرافي وڊيوز؛اڻ لڀ جانور.

سائنسي وڊيوز؛ منجھائيندڙ سائنس .

Puzzling Science





سائنسي وڊيوز؛ منجھائيندڙ سائنس 

وڊيوز ؛ پن بال مشينون چقمقي ميدان ڪيئن ٺاهين ٿيون؟

How Ball Machines make Magnetic Fields?




وڊيوز ؛ پن بال مشينون چقمقي ميدان ڪيئن ٺاهين ٿيون؟

ڪائنات جي ڪتاب ۾ وائڙو انساني عقل!



ڪائنات جي ڪتاب ۾ وائڙو انساني عقل!
شفيق شاڪر
علم ۽ سائنس جي موجوده دنيا ۾ انسان کي اهو گمان آهي ته هو گھڻو ڪجھ ڄاڻي ٿو پر حقيقت پسند سائنسدان اڄ به اهو اعتراف ڪن ٿا ته اهي ڪائنات جي ڪيترن ئي رازن جي باري ۾ بلڪل ئي ڪورا آهن يا جن شين جي باري ۾ اهي جيڪي ڪجھ ڄاڻن ٿا اهو علم به تمام ٿورو ۽ محدود آهي.اوڻويهين صديءجي خاتمي تائين گھڻا سائنسدان ان خيال جا هئا ته اهي علم جي عروج کي پهچي چڪا آهن پر بعد ۾ جڏهن مشهور سائنسدان آئن اسٽائن پنهن جا نظريا پيش ڪيا ته ماضيء جي انساني تصورن جون ڪيتريون ئي اچيون عمارتون چڪنا چور ٿي وييون.هڪ دفعو وري نون نظرين جون نيون عمارتون جڙڻ لڳيون ۽ انسان وري پنهن جي علم جا گھوڙا ڊوڙائڻ لڳو پر ڪيترن ئي معاملن ۾ اڄ به هن کي پنهنجي علمي بيوسي ئي پلئه پيئي آهي.اسان ڏٺو ته بليڪ هول ته اسان جي تصورن کان هٽي ڪم ڪري رهيا آهن.اهڙا ٻيا به ڪيترائي اڻ حل ٿيل سوال اسان جي سامهون آهن جن جو ڪو تسلي بخش جواب انساني عقل جي ديويء وٽ موجود ڪونهي.شايد اسان کي پنهن جي وجود جي بنيادي تصورن جي باري ۾ به  ٻيهرنوان نظريا لکڻا پون. جيئن هڪ سائنسدان جو خيال آهي ته اسين ڪنهن هولوگرام جيان زندگي گذاري رهيا آهيون جنهن کي ڪائنات جي ڪناري کان ڪو پروجيڪٽر جي مدد سان هلائي رهيو آهي.پڪ سان اهو ڪو ٺوس خيال ناهي پر اهو به ته پڪ سان نٿو چئي سگھجي ته ايندڙ وقت ۾ اهو خيال صحيح ثابت ٿي نٿو سگھي!اهڙيون ٻيون به ڪيئي عجيب ۽ غريب حقيقتون جن ڪا تسلي بخش وضاحت عقل انسانيء کان اڃا تائين آزاد آهي. مثال؛ اسان خواب ڇو ڏسندا آهيون؟جيتري پراڻي انساني تاريخ آهي اوتري ئي پراڻي خوابن جي حقيقت.! هر رات اربين انسان جڏهن ننڊ جي ديويء کي ڀاڪر پائيندا آهن ته خوابن جي هڪ جادوئي نگريء ۾ پهچي ويندا آهن.پر اهي خواب اسان ڏسون ڇوٿا ان جو جواب پنهن جي سموري علم ۽ عقل هوندي ڳولهي نه سگھيا آهيون.ان جي جواب ۾ اڃا تائين صرف اندازا ۽ گمان آهن.سائنسدانن ان راز جو ڪو سرو صرف ان حد تائين حاصل ڪيو آهي جو انهن مطابق خواب مستقبل جي اندازن ۽ اشارن جي هڪ ڌنڌلي تصوير آهن.پر اهوان سوال جو ڪو مڪمل جواب ناهي.اهڙيء طرح موت جي واضح ۽ اڻ ٽر حقيقت به اڃا تائين علم جي پرواز کان پري آهي.ان جي حقيقت ۽ ان کان بچڻ جي ڪا تدبير ته پري رهي ان جو مقرر وقت  معلوم ڪرڻ به انسان جي دسترس کان دور آهي.عظيم سائنسدان ۽ فلسفي پنهن جي سوچن جون سڀ توانائيون خرچ ڪري جنهن نتيجي تي پهتا سو صرف اهو ته انساني جسم  جي رئيس عضون جي ناڪاره بڻجڻ يا انساني پنجن حواسن جي ڪم ڇڏي وڃڻ جي عمل کي موت چئجي ٿو. پر اهي عضوا ۽ حواس پنهن جو ڪم ڇڏي ڇو ٿا ڏين ۽ اهو ڪم ڪهڙي خاص وقت تي ڇڏيندا انهيء جي جواب ۾ اهي سڀ بيوسيء وچان مٿو کنهڻ لڳن ٿا.مصيبت اها جو جڏهن اهي انهن سوالن جي جواب ۾ ڪا حقيقت اسان جي سامهون کڻي به ٿا اچن ته اها اهو سٽ سلجھائڻ جي بدران ان کي وڌيڪ الجھايو وجھي!موت جو شڪار ٿيندڙن سان پيش آيل واقعن ۽ تجربن مان اسان کي ڪو حصو اڄ تائين نصيب ٿيو هجي اهو ته پري رهيو اسان ته موت جي منهن ۾ ويندڙن کي پنهنجن پورين طبي مهارتن باوجود بچائڻ کان اڄ به بلڪل بيوس بڻيل آهيون. جيڪي ڪائنات کي صرف هڪ حادثو سمجھن ٿا تن کان صرف هڪڙو سوال پڇيو وڃي ته اربين جيو جيڪي موت جو شڪار بڻجي ويا انهن مان ڪو هڪڙو به موت جي حادثي کان ڇو نه بچي سگھيو؟ اهڙيء طرح قرآن ۾ زندگيء جي شروعات جي باري ۾ صاف نظريو موجود آهي پر جن سائنسدانن پنهن جي عقل جي بنياد تي ان معاملي ۾ پنهن جي عقل ۽ علم جا جوهر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي تن کي اڄ تائين اوندھ ۾ داڦوڙا هڻڻ ئي سريو آهي.سائنس اسان کي اهو ٿي ٻڌائي ته ٽي کان چار ارب سال پهرين زمين تي موجود ڪجھ ماليڪيولن ۾ اهڙو ڪيميائي ردعمل پيدا ٿيو جيڪو آر اين اي جي شڪل اختيار ڪري زندگيء جي روپ ۾ بدلجي ويو.پر جڏهن انهن کان اهو پڇجي ٿو ته ان ڪيميائي رد عمل آخر زندگيء جي ئي شڪل ڇو اختيار ڪئي ته ان جو انهن وٽ ڪو جواب ناهي.صدين جي علمي جستجو کان پوء به  انسان پنهن جي زندگيء کان ايئن ئي اڻ ڄاڻ آهي جيئن هو ماء جي پيٽ ۾ هو.
اهو ئي حال اسان جي علم جو ڪائنات جي باري ۾ آهي.اسين ڄاڻون ٿا ته وقت جي گذرندڙ هر لمحي سان گڏ ڪائنات لڳاتار ڦهلبي ٿي وڃي.پر ان کان وڌيڪ اسان کي ان باري ۾ ڪجھ به معلوم ڪونهي.گھڻا سائنسدان پنهن جي ان بيوسيء جو سمورو الزام اونداهين شڪتي (بليڪ هول) ۽بليڪ مادي تي وجھي پنهنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪو مادو ڪائنات ۾ جڳھ جڳھ موجود آهي پر ان مادي جي اندر ڇا آهي انهي تي ساڳي چپ لڳي پيئي آهي.هاڻي چيو پيو وڃي ته ان جو جواب ڪوانٽم ڪشش ثقل ۾ ڳولهي سگھجي ٿو پر اهو به صرف ڌڪو آهي.
اهو ئي حال تاريخ جي باري ۾ آهي.اسان سڀ تاريخ ۾ دلچسپي رکندا آهيون پر تاريخ جي ذريعي اسان تائين پهتل سڀ واقعا ۽ ڳالهيون واقعي مستنند آهن؟اهو اهم سوال آهي جنهن جو اسان وٽ تسلي بخش جواب نه آهي.ايئن واقعي ٿيو به هو جيئن اسان تاريخي ڪتابن ۾ پڙهون ٿا يا انهن ۾ گھڻيون شيون صرف ماڻهن جا اندازا ۽ مفروضا آهن؟ان دور جي باري ۾ اسان حتمي يقين سان ڪا شيء ڪيئن ٿا چئي سگھون جيڪو دور اسان کان صدين جي فاصلي تي آهي.اهڙيء طرح ڪنهن مصور،فنڪار،شاعر يا فنون لطيفه سان دلچسپي رکندڙ انسان کان پڇيو وڃي ته هو اهو ڪم ڇو ٿو ڪري ته گھڻو ڪري هڪ جهڙو جواب ملندو ته اها شيء هن جي اندر ۾ آهي جيڪا ٻاهر نڪرڻ گھري ٿي.غارن جي ديوارن تي تصويرون بنائڻ انسان جي ڪا بنيادي ضرورت نه هئي پوء به انسان ايئن ڇو ڪندو رهيو آهي؟ٻين شين وانگر آرٽ به اهڙو شعبو آهي جنهن جي باري ۾ انساني عقل ڪو اطمينان بخش جواب نه ڳولهي سگھيو آهي.
ساڳيو مسئلو اسان جي خيالي ڪهاڻين ، ديومالائي دنيا ۽ مافوق الفطرت مخلوق جو به آهي.جن، پريون،ديو،راڪاس،فرشتا ۽ ڏائڻون وغيره جن جي باري ۾ انساني عقل ڪا تسلي بخش وضاحت ڪرڻ کان عاجز آهي.ٻيو ته ٺهيو پر اسان ڊائناسورس جي باري ۾ گھڻو ڪجھ ٻڌو آهي ۽ گھڻن ٽي ويء تي انهن جا ڍانچا به ڏٺا هوندا پر انهن جي باري ۾ اسان جيڪي ڪجھ ٻڌون ٿا اهو سڀ سچ آهي؟انهن سمورين شين جي  بيان ٿيندڙ تصويرن ۾ حقيقت جو رنگ ڪيترو ۽  باقي ڪيترو تصوراتي وڌاء آهي اهو اڃا تائين سائنس جي دسترس کان ٻاهر آهي.ها سائنسدانن جي لاء آسان رستو اهو آهي جو اهي هر ان شي جيڪا سندن علم ۽ تجربن جي پهچ کان ٻاهر آهي ان جو انڪار ڪري ڇڏين ٿا پر انهيء سان اهو راز ته وري به راز ئي رهجي وڃي ٿو.
ادب جي باري ۾ به ڪيترائي سوال اڻ حل ٿيل رهيل آهن.مثال اسان کان  پنهن جي دور جي ئي ڪنهن اديب جي باري ۾ پڇيو وڃي ته شايد اسان مان ڪي ان اديب جي نالي کان ته واقف هجن پر ان جي زندگيء ۽ سندس ڪتابن جي باري ۾ گھڻو نه ڄاڻندا هجن.ته اهڙو ادب جيڪو اسان کان صدين جي پنڌ تي پوئتي رهجي ويو ان جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ڇا ان دور جي اديبن جا سڀ ڪتاب اصلي صورت ۾ اڄ اسان تائين پهتا آهن يا انهن ۾ به قصاخواني، وڌاء ۽ ڏند ڪٿائن جي ڪنهن ملاوت جو ڪو به امڪان آهي؟ ان سوال جو جواب به انساني عقل وٽ ناهي.
آخري ڳالھ اها ته سائنسدانن مطابق هن ڪائنات ۾ ڪشش ثقل جو مستقل فطري قائدو هر وقت ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي  Universal Law of Gravitation چيو وڃي ٿو.جيڪر سادن لفظن ۾ بيان ڪجي ته ڪشش ثقل انهن چئن بنيادي طاقتن مان هڪ آهي جيڪا پنهن جي وجود جي بلڪل مخالف ڪم ڪري ٿي.پهرين ته چيو ويو ته ڪشش ثقل ئي انسان کي زمين تي بيهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي پر شايد سائنسدانن کي هاڻي اهو احساس ستائي رهيو آهي ته اهي ڪشش ثقل جي باري ۾ به گھڻو ڪجھ نٿا ڄاڻن!

.