Tuesday, March 24, 2020

”اسٽرنگ ٿيوري“ جو انڪار ڇو نه؟



شفيق الرحمان شاڪر
ڪائنات جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مفاصلو 93 ارب نوري سال آهي ۽ اها لاڳيتو پکڙجي رهي آهي.روشنيء جي رفتار ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي.جيڪڏهن روشنيء جو ڪرڻو هڪ ڇيڙي کان سفر شروع ڪري ته اهو ڪڏهن به ٻئي ڇيڙي تائين نٿو پهچي سگھي يعني سائنس وٽ ڪو اهڙو طريقو موجود ناهي جنهن ذريعي ڄاڻي سگھجي ته ڪائنات جي ٻئي ڇيڙي تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ البت ”هائر ڊائمينشنز“ ۾ پهچ سان اهو ممڪن آهي.”اسٽرنگ ٿيوري“ مطابق وقت کي ملائي ڪل يارهن ڊائمينشنز ٿين ٿيون جن مان اسان رڳو ٽن ۾ قيد آهيون.اسان جي چوٿين ڊائمينشن ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي ان کي هڪ مثال ذريعي سمجهو.فرض ڪريو ته ڪا مخلوق ٻن ڊائمينشنز تائين محدود آهي يعني ڪاغذ جي هڪ ٽڪري اندر.جيڪڏهن اها ڪاغذ جي ٽڪري مان نڪري اوهان جي ڪمري ۾ اچي وڃي ته ان کي اوچتو ايتري قدر گھڻي ڊيٽا کي پنهنجي حسيات ۽ دماغ سان سنڀالڻو پوندو جو اهو مائوف بڻجي ڪري رهجي ويندو ۽ هوڏانهن اهڙن تجربن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ان لاء ممڪن نه رهندو.ساڳيو حال اسان جو ٿيندو جيڪر اسان چوٿين ڊائيمينشن ۾ هليا وڃون.ته اها ڳالهه آهي جيڪا سائنس به مڃي ٿي.پوء وري اهي ماڻهو آهن جيڪي سمهڻ مهل جسم مان آزاد ٿي روحاني سفرن جو تجربو ڪري چڪا آهن. جيڪي هوا ۾ ٽنگجي پاڻ پنهنجي ستل جسم کي ڏسي سگھن ٿا ۽ ٻين روحاني جسمن سان ملاقات ڪري سگھن ٿا ۽ مختلف مشقن ذريعي اها ڪيفيت پنهنجي مرضيء سان به پنهنجي مٿان طاري ڪري سگھن ٿا.ڄڻ ته هائير ڊائيمينشن ۾ وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا جنهن کي Out of body experience چئجي ٿو.
اهڙيء طرح اسان جو دين جڏهن معجزن،ڪرامتن،برزخ،آخرت،جنت،جهنم جي ڳالهه ڪري ٿو ته اهي سمجھو ته اهي ڊائيمينشنز آهن جن جي ڪيفيت اسان جي ٽن ڊائيمينشنز جي عادي ۽ انهن ۾ قيد عقل سمجھڻ کان لاچار آهي.هاڻي جيڪي ماڻهو عقل کي ڪسوٽي مڃين ٿا اهي انهن ”غيبي“ معاملن جو انڪار ڪري ڇڏين ٿا. اهي ماڻهو ٻئي قسم جي ماڻهن جي روحاني سفرن کي به سندن وهم قرار ڏيڻ لڳن ٿا ۽ نبين سڳورن جي ذاتي تجربن مثال معراج جي واقعي جو به مذاق اڏائڻ لڳن ٿا پر جڏهن” نيل ڊي گراس ٽائيسن “ جهڙو ملحد انهن کي اسٽرنگ ٿيوري پڙهائي رهيو هوندو آهي ته ڪنڌ لوڏڻ ۽ واه واه ڪرڻ لڳن ٿا.توڙي جو هو پاڻ مڃي رهيو هوندو آهي ته اسان جي فزڪس جا قانون هائير ڊائمينشنز ۾ لاڳو نٿا ٿين.جنهن بنياد تي اوهان مذهب جي غيبي معاملن جو انڪار ڪيو ٿا،روحاني سفر ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا.جنات سان تعلق پيدا ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا عين ان بنياد تي اسٽرنگ ٿيوري جو انڪار ڇو نٿا ڪريو؟جڏهن ڪو ملحد ناول نگار لکي ٿو ته فلاڻي ڪردار هڪ ”غير مرئي دروازي“ ( وارپ پوائنٽ) مان گذري چوٿين ڊائيميشن ۾ وڃي ڪري پنهنجن ساٿين کي ڏٺو ته ان کي سندن هڏين جو گودو به نظر نه اچي رهيو هو ته انهيء تي اوهين داد ڏيئي نچڻ ٽپڻ لڳو ٿا پر اها ئي ڳالهه جڏهن حديث ۾ جنت جي حورن جي باري ۾ اچي ٿي ته اوهان مذاق اڏائڻ لڳو ٿا.اصل سبب اهو آهي جو مذهب جي غيبي شين کي مڃڻ جي صورت ۾ انهن غيبي شين جي خبر ڏيندڙ خدا کي به مڃڻو پوي ٿو ۽ ان جي بندگي به اختيار ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوء ان جي هر ڳالهه کي مڃڻو پوي ٿو ۽ هن کي ناراض ڪندڙ هر ڳالهه کان به بچڻو پوي ٿو جڏهن ته اهي ماڻهو هن دنيا جو هر مزو حاصل ڪرڻ گھرن ٿا.بنان روڪ ٽوڪ جي عياشيون ڪرڻ گھرن ٿا،جيڪو جيء ۾ اچي سو ڪرڻ گھرن ٿا.بلڪل انهن ٻارن وانگر جن کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جي ڪا خبر نه هوندي آهي.جيڪي وڏن کي رڳو ان ڪري خراب سمجھن ٿا جو اهي کين روڪين ٽوڪين ٿا،مٿانئن ڪي پابنديون لڳائين ٿا،کين زوريء اسڪول موڪلين ٿا،خراب حرڪتون ڪرڻ کان روڪين ٿا،گنديون شيون کائڻ کان منع ڪن ٿا.توڙي جو انهن جي پنهنجي عقل مطابق نه اسڪول وڃڻ ضروري هوندو آهي ۽ نه اها ڳالهه خراب هوندي آهي جيڪا اهي پنهنجي دل سان ڪري رهيا هوندا آهن.نه وري سندن نظر ۾ اها شيء گندي هوندي آهي جيڪا اهي کائڻ پسند ڪندا آهن.ته پنهنجو پاڻ کي عقل ڪل سمجھندڙ ملحدين به اصل ۾ذهني طور تي اهڙا ئي بي سمجھه ٻار آهن جيڪي هر ان شيء کي رد ڪري ڇڏين ٿا جيڪا شيء سندن نابالغ ذهن ۾ سمائجي نه سگھي.
۔
(روزاني هلال پاڪستان)