Wednesday, June 27, 2018

انٽرنيٽ جي آکاڻي.


شفيق الرحمان شاڪر
اڄوڪو دور طلسماتي ٽيڪنالاجيء جو دور آهي جنهن ٽيڪنالاجيء ۾ انٽرنيٽ جي خدمتن کان انڪار ڪري نٿو سگھجي جنهنجي ذريعي پوري پکڙيل دنيا سڪڙجي هڪڙو گلوبل ڳوٺ بڻجي ويئي آهي.هاڻي ڪابه ڄاڻ انسان جي پهچ کان ٻاهر نه رهي آهي.پنهنجن پيارن سان ڳالهيون ڪرڻ،لکيل نياپا موڪلڻ،وڊيو ڪالون ڪرڻ،تصويرون ۽ مختلف فائيل موڪلڻ،خبرون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ،ڪتابن،تصويرن ،گانن،فلمن ۽ وڊيوز جا ڍير ڊائون لوڊ ڪرڻ،ريڊيو ٻڌڻ  ۽ آن لائين رانديون کيڏڻ سواء واپار وڻج،ّ خريداري ۽ وڪرو،مطلب ته انٽرنيٽ جو اهو ننڍڙو اسڪرين “آل ان ون “ آهي صرف بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي.پر ڇا اسان ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته اهي رڳو ڪجھه بٽڻ دٻائڻ سان معلومات جو ڇوليون هڻندڙ ايڏو وڏو سمنڊ سيڪنڊن ۾ ڪيئن اچي اسان سامهون حاضر ٿئي ٿو؟  جيئن ته انهن سمورين سهوليتن جو واحد، بهترين ۽ تيز ترين ذريعو انٽرنيٽ آهي سو اسان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته انٽرنيٽ آخر آئي ڪٿان؟اهو سچ پچ ڏاڍو دلچسپ سوال آهي.حقيقت اها آهي ته انٽرنيٽ جنهن کي اڄ اسان بنان ڪنهن تڪليف جي استعمال ڪيون ٿا اها دراصل ڪيترن ئي ذهين انسانن جي محنتن ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهي.
انٽرنيٽ جي تاريخ ايتري پراڻي به ناهي،رڳو 56 سال اڳ جي ڳالهه آهي.1962ع ۾ “جي سي آر لڪيڊر ” نالي سائنسدان ان جو بنياد “انٽرنيٽ گليڪٽنگ“ نالي هڪ نيٽ ورڪ جوڙي رکيو هو.هن جو تعلق “ڊي اي آر پي “ يعني ڊفينس  ايڊوانس ريسرچ پروجيڪٽ نالي ايجنسيء سان هو جنهنجو بنيادي مقصد پوري دنيا جي ماڻهن کي ڪمپيوٽر استعمال ڪندي هر قسم جي معلومات تائين پهچ کي ممڪن بنائڻ هو.اهو ئي خواب اکين ۾ سجائي جي سي آر لڪيڊر ميدان ۾ لٿو. سندس ٻه پٽ “وينٽ ڪرف” ۽ “ بوب کين” جن 1974ع ۾ انٽرنيٽ گليڪٽنگ جو نالو ڪوٽو ڪري صرف “انٽرنيٽ” رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي پيء جي مشن کي اڳتي وڌائيندي “ٽي سي پي” يعني ٽرانسميشن ڪنٽرول پروٽوڪول جو نظام متعارف ڪرايو.ان کان پوء 1976ع ۾ ڊاڪٽر “رابرٽ ڪلف” هڪڙي تار ايجاد ڪئي جنهن کي “اٿرنيٽ ڪو ايڪسيل ڪيبل ” جو نالو ڏنو ويوجنهن ذريعي هڪڙي ڪمپيوٽر مان ٻئي ڪمپيوٽر ۾ ڦيٽا منتقل ڪري سگھبي هئي جهڙوڪ فائيل، ٽيڪسٽ وغيره پر اهو محدود جڳهه ۾ ڪم ڪري سگھندو هو.جيئن رڳو ڪنهن اسڪول،آفيس يا ڪنهن عمارت جي اندر. وري 1983ع ۾ وينٽ ڪرف ۽ بوبکين “ڊي ارپا” جو نالو بدلائي “ارپا نيٽ ” رکي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ اهو شرط به رکيو ته جنهن کي به انٽرنيٽ جي سهوليت گھربل هوندي انهيء کي “ٽي سي پي”وٺڻي پوندي.اها ته اڃا شروعات هئي.وڌيڪ ترقي 1984ع ۾ ٿي جڏهن ڊاڪٽر “جوهن پوسٽل” باقائدي “ويب ” جو بنياد وڌو.اهڙيء طرح مختلف ادارن لاء جدا جدا طريقن سان“ سرچ” ڪري سگھبي هئي جهڙيء طرح اڄ اسان com..org.edu..gov وغيره لکي سرچ ڪندا آهيون پر اها ته اڃا انٽرنيٽ جي ڏکئي سفر جي شروعات هئي.1989ع ۾ هڪ ڀيرو وري جي سي آر لائيڪ جي ٻنهي پٽن هڪ اهم قدم کنيو ۽ هڪڙي ڪمپني “آئي ايس پي” جو بنياد وڌويعني “انٽرنيٽ سروس پرووائيڊر”.ان جا ٻه فائدا ٿيا،هڪ ته انهن جي پيء جو خواب پورو ٿيو ۽ ٻيو ته سندن سالن جي محنت هاڻي ڪاروبار ۾ بدلجڻ واري هئي ڇو ته انٽرنيٽ ڪنيڪشن هاڻي گھر گھر وڃي سگھيو ٿي.بلڪل ٽيليفون تار وانگي ۽ ان سان گڏ هڪڙو رسيور به ڏنو ويندو هوجنهن کي اسان “موڊيم” جي نالي سان سڃاڻون ٿا. اهڙيء طرح ڪنهن به صارف جو ڪمپيوٽر انٽرنيٽ سان ڳنڍجي سگھيو ٿي ۽ ڪمپني ان جو بل وصول ڪندي هئي.اهو “ڊائل اپ  سسٽم” سڏائي ٿو.
1991ع ۾ ٽم هرنلس www  يعني “ورلڊ وائيڊ ويب” ايجاد ڪئي جنهن جي ايجاد بعد ڪيترائي ڪم آن لائين ٿي سگھيا ٿي.انهيء ڪاميابيء جو نتيجو ڪيترن ئي حيرت ۾ وجھندڙ انقلابن جي راهه جوڙڻ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيو.سڀني کان اڳ “پيزا هٽ” وارن آن لائين سروس استعمال ڪندي پيزا بڪ ڪرائڻ نهايت ئي آسان بنائي ڇڏيو تنهن هوندي به اڃا گھڻيون خاميون ۽ گھٽتايون موجود هيون.1996ع اهو سال هو جو پهرين اي ميل ميل سروس “هاٽ ميل” لائونچ ٿي جنهن ذريعي انٽرنيٽ رستي برقي ٽپال دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ موڪلجڻ لڳي.1998ع ۾ اسان جي ڄاتل سڃاتل سرچ انجن “گوگل “ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جنهن جي ايجاد جو سهرو ليري پيچ ۽ سرجي برين جي سر وڃي ٿو.
1999ع ۾ انٽرنيٽ جي تارن مان تنگ ٿيندي هڪ نوجوان ڪجهه الڳ نموني سان سوچڻ شروع ڪيو،انهيء سوڇ جو بنياد اهو هو ته جيڪر آواز بنان تارن جي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين وڃي سگھي ٿو ته پوء ڊيٽا ڇونه! انهيء جاکوڙ ۾ “وائي فائي“ جو جنم ٿيو يعني “ وائرليس فڊيليٽي ” جنهن سان موڊيم تي وڏو فرق پيو.اهو هڪ اهڙو اهم واقعو هو جيڪو اڄ ڪلهه اسان جي لاء انٽرنيٽ جو نهايت ئي بنيادي ۽ ڪارگر ذريعو بنيل آهي.انهيء ڪارنامي کي سرانجام ڏيندڙ جو نالو “نيپيسٽر” آهي. 2001ع ۾ “وڪيپيڊيا“ نالي ويب سائيٽ جڙي جنهن کي تعليم ۽ ڄاڻ جو ڪوبه مسئلو،سوال ۽ معاملو حل ٿيڻ لڳو پر انٽرنيٽ جي منزل اڃا اڳتي هئي ۽ وقت جي گذرندڙ هر لمحي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي هئي، 2003ع جو سال ايندي ئي انٽرنيٽ تي تفريح ۽ وندر جو سامان مهيا ٿيڻ لڳو.انهيء دوران ايپل ڪمپني “ آئي ٽيون ”  نالي ويب سائيٽ تي ٻه لک گانا اپلوڊ ڪيا.
2004 ع “جي ميل ” سروس شروع ٿيڻ جو سال هو جنهن ۾ صارف کي ڊيٽا اسٽور ڪرڻ جي سهوليت “ 1000ايم بي ” مهيا ڪئي ويئي جڏهن ته ان کان اڳ “ياهو” ۽ “هاٽ ميل” وارا اها سهوليت صرف 2 ۽ 4 ايم بي تائين ڏيندا هئا،هاڻي وارو آيو انٽرنيٽ تي وڊيوجو. اهو مسئلو 2005ع ۾ “يو ٽيوب” اچڻ تي حل ٿي ويو.اها مهرباني به گوگل وارن ڪئي. يو ٽيوب جي لائونچ ٿيڻ جو اضافي فائدو اهو جو وڊيو ڊائون لوڊ توڙي اپلوڊ ڪري سگھبيون هيون.انهيء کان به دلچسپ ڪم 2006ع ۾ ٿيو جو “مارڪ زڪر برگ” ۽  “جيڪ ڊار سي” فيسبڪ ۽ ٽويٽر جوڙيو جن جا فائدا ٻڌائڻ جي ضرورت  نه آهي !

Monday, June 25, 2018

“ڊيجا وو ” ۽ ڪجهه سائنسي مفروضا.


شفيق الرحمان شاڪر
اسان مان گھڻن کي “ ڊيجا وو“  (deja’ vu)   جو تجربو ٿيندو رهندو آهي.اهو اصل ۾ هڪڙو ڌنڌلو احساس هوندو آهي ته اسان هن جڳهه تي پهرين به اچي چڪا آهيون يا فلاڻي شيء اسان پهريان به ڏسي چڪا آهيون.مثال؛ اسان ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ وياسين۽ اسان کي اوچتو محسوس ٿيو ته اسان سان جيڪي ڪجهه پيش اچي رهيو آهي اهو پهرين به ٿي چڪو آهي.اها اسان جي ياد ته ٿي نٿي سگھي جو اسان ان هوٽل ۾ پهريون ڀيرو ويا آهيون ۽ اسان جنهن ڊش جو آرڊر ڏنو آهي اهو به اسان پهريون دفعو ڏنو آهي ته پوء آخر اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟
“ڊيجا وو” جي ڪا اڪيلي وضاحت ممڪن ناهي،ان قسم جو تجربو عام طور تي اوچتو ٿيندو آهي ۽ انهيء جو وقفو تمام تورڙو هوندو آهي جنهن ڪري سائنسدانن لاء ان تجربي کي ريڪارڊ ڪرڻ ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ناممڪن هوندي آهي.سائنسدان سڄو سڄو ڏيهن ليبارٽريء ۾ ويهي ان تجربي ۽ ڪيفيت جو انتظار ڪري نٿا سگھن،ايئن ڪرڻ ۾ ممڪن آهي ته سال لڳي وڃن. ان جون ڪي جسماني علامتون نه هونديون آهن.ماڻهو انهيء کي فقط هڪڙو احساس ئي ٻڌائين ٿا.ڇوته ان جا سائنسي ثبوت موجود ناهن هوندا ان ڪري انهيء ڪري ان تي ڪيترين ئي قياس آرائين جا گھوڙا ڊوڙايا ويا آهن.
“اميل بوراڪ” نالي سائنسدان سڀني کان اڳ اسان کي “ڊيجاوو” جي ترڪيب کان واقف ڪرايو.اصل ۾ “ڊيجا وو” فرانسي زبان جو هڪ لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي “پهريان کان ڏٺل”.هن وقت تائين ان جي حق ۾ چاليهه کان وڌيڪ مفروضا پيش ٿي چڪا آهن.نيورو سائنس،دماغ جي تصور جي ٽيڪنالاجي ۽ سائيڪالاجيء ۾ ترقيء سبب هاڻي ڪيترن ئي مفروضن کي رد ڪري ڇڏيو ويو آهي.اچو ته ان ريسٽورانٽ جو مثال استعمال ڪندي انهن ٽن مفروضن تي سوچ ويچار ڪيون جيڪي هن وقت نهايت ئي اهم ۽ قابل اعتبار سمجھيا وڃن ٿا.
پهرئين مفروضي کي “ڊبل ڪراسنگ” چيو وڃي ٿوفرض ڪيو ته ريسٽورانٽ ۾ ويٽر جي هٿن مان ڪا ٽري ڪري پوي ٿي.انهيء نظاري جي باري ۾ جڏهن معلومات توهان جي ڪنن تائين پهچي ٿي ته دماغ جا مختلف حصا ان معلومات جي پراسيس ڪن ٿا.اوهان ويٽر جون ٻانهون ڏسو ٿا،ان جو مدد لاء پڪارڻ يا ٿانو ڪرڻ جو آواز ٻڌو ٿا ۽ کاڌي جي خوشبوء سنگھو ٿا.اها سموري معلومات سيڪنڊ جي هزارهين حصي ۾ دماغ جي مختلف رستن تان گذري ٿي جنهن کي دماغ پراسيس ڪري انهيء جون ڪڙيون پاڻ ۾ جوڙي شعور کي هڪ مڪمل ۽ باترتيب تجربو فراهم ڪري ٿو.عام طور تي دماغ مختلف حسن کي جوڙي انهن کي مربوط لمحن ۾ سمائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن دماغ جي ڪنهن هڪڙي رستي کان گذرندڙ معلومات جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي جنهن ڪري  شعور ۾ اها معلومات ان سان لاڳاپيل  باقي ٻي معلومات جي ڀيٽ ۾دير سان پهچندي آهي جنهن ڪري دماغ انهيء کي غلطيء سان هڪ الڳ واقعو سمجھڻ لڳندو آهي.جڏهن اها رهيل معلومات ٻين رستن کان پهتل معلومات کان پوء شعورتائين پهچندي آهي  ته شعور ۾ اهو احساس پيدا ٿيندو آهي ته اها معلومات دماغ ۾ پهرين به موجود هئي.
ٻيو مفروضو انهيء کي حال جي غلطيء بجاء ماضيء جو مونجھارو قرار ڏئي ٿو.انهيء کي “هولوگرام ٿيوري” چيو وڃي ٿو.انهيء کي بيان ڪرڻ لاء اسان ميز تي پيل ميزپوش جو مثال وٺون ٿا.جڏهن اوهان ان ڪپڙي تي جڙيل ڊزائين ڏسو ٿا ته انهيء ڊزائين سان ملندڙ جلندڙ خاڪو ياد جي صورت ۾ اوهان جي دماغ ۾ جاڳي پوي ٿو.اهو مفروضو ان جو سبب اهو ٻڌائي ٿو ته دماغ ۾ يادون هولوگرام جي صورت ۾ هونديون آهن.هولوگرام جي هڪڙي ننڍڙي حصي ۾ به پوري تصوير ڏسي سگھجي ٿي.ٿي سگھي ٿو ته اوهان جي دماغ ميزپوش سان اوهان جي ڏاڏي امان جي گھر سان جڙيل ڪنهن پراڻي ياد سان ناتو قائم ڪري ورتو هجي.البت ياد جو ڪنيڪشن ڪمزور آهي ان ڪري اهو ته توهان کي ياد اچي پيو ته اها ڊزائين مون اڳ ۾ ڪٿي ڏٺي آهي پر شايد اهو ياد نه اچي ته اها ڊزائين اوهان ڪٿي ڏٺي آهي. ٻين لفظن ۾ اوهان جي دماغ هڪڙي پراڻي يادگيري ڳولهي ڪڍي آهي پر انهيء يادگيريء جو تعلق ڪهڙي هنڌ،شخص يا واقعي سان آهي اهو سڀ ڪجهه اوهان جي شعور ۾ واپس نٿو اچي.انهيء مان اوهان کي ايترو ته محسوس ٿئي ٿو ته اها ڊزائين ڄاتل سڃاتل آهي پر اهو ياد نٿو اچي ته ڇو؟ اهڙيء طرح اوهان کي اهو احساس ٿئي ٿو ته اوهان ان ريسٽورانٽ ۾ پهريون ڀيرو آيا آهيو پر اتي لڳل وال ڪلاڪ يا ڪجهه تصويرون اوهان جون پهرين به ڏٺل آهن.
آخري مفروضو “اڻ پورو ڌيان” آهي .ان مفروضي مطابق “ڊيجا وو” ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اسان جو دماغ هڪڙو واقعو ڏسي رهيو هوندو آهي پر سندس ڌيان ڪنهن خاص شيء تي رهڻ ڪري هٽي ويندو آهي.جڏهن ڌيان واپس ان واقعي طرف اينيدو آهي ته اسان کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسان پهرين به هتي اچي چڪا آهيون.مثال؛ ريسٽورانٽ ۾ جتي ڪجهه دير اڳ اوهان جو ڌيان ويٽر ۽ ميز پوش طرف هو هاڻي وچ ۾ اهو ڌيان اتان هٽي سامهون لڳل وال ڪلاڪ تي هليو ويو ۽ ٿوري دير کان پوء واپس ويٽر ۽ ميز پوش تي اچي ويو ڇو ته جنهن وقت اوهان جو ڌيان ڪلاڪ ڏانهن هو ان وقت اهو ويٽر ۽ ميزپوش تي نه هو.توڙي جو اوهان جو دماغ اوهان جي بصري نظام(Optic System) کان وصول ٿيندڙ سمورن سگنلز جي پروسيسنگ ڪري رهيو هو پر اها پروسيسنگ شعوري نه هئي.جڏهن اوهان وال ڪلاڪ تان ڌيان هٽايو ٿا ته اوچتواوهان کي احساس ٿئي ٿو ته اوهان اهو ئي منظر پهرين به ڏسي چڪا آهيو ۽ اهو سچ به آهي ته اجھو اجھو اوهان اهو منظر ڏٺو هو پر ان تي ڌيان نه ڏنو هو.
اهي ٽيئي مفروضا “ڊيجا وو” جي عام خاصيتن جي وضاحت ڪن ٿا پر انهن مان ڪوبه مفروضو حتمي ۽ يقيني هئڻ جي دعويٰ نٿو ڪري.جيستائين سائنسدان ان معاملي جي بهتر توجيهه ۽ تشريح نٿا ڪن ان وقت تائين اسان “ڊيجا وو” تي پاڻ ئي تجربا ڪري سگھون ٿا ۽ انهيء جون مختلف تاويلون ۽ تشريحون پيش ڪري سگھون ٿا.هونئن به “ڊيجا وو“ جا گھڻي قدر قصا ماڻهن جي زبانن مان ئي ٻڌڻ لاء ملن ٿا ۽ انهن ۾ هڪڙو وڌيڪ قصو اسان جو به شامل ٿي سگھي ٿو.جيڪر آئنده اوهان کي “ڊيجا وو” جو ڪو تجربو ٿئي ته ڪجهه گھڙيون ترسي ان جي باري ۾ سوچجو ضرور! ڇا اوهان جو ڌيان هٽيل هو؟ ڇا اوهان ڪا پهرين ڏٺل شيء ڏٺي؟ڇا اوهان کي پنهنجو دماغ سست رفتاريء جو شڪار لڳي ٿو؟ يا اها اڃا به ڪا ٻي شيء آهي!
(روزاني عوامي آواز 24 جون 2018ع)




Thursday, June 14, 2018

انساني دماغ کي لذت جو احساس ڪيئن ٿو ٿئي؟


شفيق الرحمان شاڪر
دماغ اسان جي وجود جو مرڪز آهي.اسان جيڪا شيء به محسوس ڪيون ٿا ۽ جيڪو ڪم به ڪريون ٿا اهو دماغ ذريعي ئي ٿئي ٿو.اهو ٻاهرين دنيا مان ايندڙ احساسن جهڙوڪ کاڌي جي خوشبوء ۽ جسم جي اندر پيدا ٿيندڙ معلومات جهڙوڪ بک جي احساس کي پروسيس ڪري ٿو. ان معلومات کي پروسيس ڪري دماغ ان جو مناسب ردعمل تجويز ڪندو آهي يعني جسم ۾ اهڙي چرپر پيدا ڪندو آهي جيڪا اسان کي ڪاميابيء سان زندهه رهڻ ۾ مددگار هوندي آهي.مثال؛ بک لڳڻ تي کاڌو تلاش ڪرڻ. دماغ جي اونهائيء ۾ هڪ حصو آهي جنهن کي Limbic Systemچيو ويندو آهي جيڪو دماغ جي سطحي پرتن Cortex جي هيٺان هوندو آهي.لمبڪ سسٽم جو هڪ حصو Hippocampus سڏائي ٿو جيڪو اسان جي يادن کي محفوظ ڪرڻ ۽ سکڻ ۾ مددگار هوندو آهي.Amygdale جذبا پيدا ڪري ٿو ۽ Striatum اهڙيون عادتون ٺاهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو جن کي اسان بنان سوچڻ سمجھڻ جي سرانجام ڏيئي سگھون ٿا. لمبڪ سسٽم دماغ ۾ انعام جو نظام به قائم ڪري ٿو جيڪو دماغ جي ڪيترن ئي حصن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو ۽ اهي سڀ حصا پاڻ ۾ ملي اسان ۾ لذت يا مزي جو احساس پيدا ڪن ٿا ۽ اسان مجبور ٿي ويندا آهيون ته اهو ڪم وري وري ڪريون جنهن ذريعي اهو لذت جو احساس پيدا ٿئي ٿو.انهن ۾ سٺي ذائقي وارا کاڌا ۽ ٻيا ڪم شامل آهن جيڪي اسان جي زندهه رهڻ لاء اهم آهن.
 انعام يا ان سان لاڳاپيل شيون دماغ جي وچئين حصي کي فعال ڪن ٿيون جنهن کي VTA
(Ventral Tag mental  Area)  چئبو آهي.اهڙيء طرح انعام جي نظام ۾ هڪ مسلسل ردعمل (Chain Reaction) شروع ٿئي ٿو.ان حصي مان نڪرندڙ ڊگھا ريشا دماغ جي هڪ ٻئي حصي ۾ پهچن ٿا جنهن کي VS (Ventral Striatum) چئجي ٿو.جڏهن VS ۾ موجود Nucleus Accumbens  جا نيورونز  انهن ريشن جي فائرنگ سبب ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته اسان کي لذت يا مزو محسوس ٿئي ٿو.نيوڪلس اڪمبينس کي عام طور تي دماغ ۾ لذت جو مرڪز چيو ويندو آهي جڏهن ان حصي ۾ موجود نيورونز ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته هر نيورون هڪڙو برقي سگنل پيدا ڪري ٿو جنهنجي نتيجي ۾ اهڙا ماليڪيول خارج ٿين ٿا جن کي نيورو ٽرانسميٽر چئبو آهي ۽ جيڪي ڪيميائي پيغام پهچائيندڙ جي طور تي ڪم ڪن ٿا جڏهن ته ٻيا نيورونز اهي پيغام وصول ڪن ٿا.اهڙيء طرح هڪڙي نيرو سرڪٽ جا مختلف نيورونز هڪ ٻئي سان پيغامن جي مٽا سٽا ڪن ٿا.دماغ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا نيورو ٽرانسميٽر ٿين ٿا جن جا مختلف ڪم ٿين ٿا.جيڪو نيورون پيغام موڪلي رهيو هجي تنهن کي Pre synaptic   ۽ جيڪو پيغام وصول ڪري رهيو هجي تنهن کيsynaptic  Post چئبو آهي.
نيورو ٽرانسميٽر ماليڪيول ڪجهه پيڪيٽن ۾ ٻڌل هوندا آهن.برقي سگنلز سبب اهي پيڪيٽ خليي جي پردي وٽ پهچي وڃن ٿا جتي اهي پيڪيٽ کلن ٿا. دماغ جي انعام جي نظام ۾ انهن نيرو ٽرانسميٽرز کي Dopamine چيو ويندو آهي.ڊوپامائين جا ماليڪيول حرڪت ڪندي نيورون جي پردي ۾ موجود Dopamine Receptors سان وڃي ملندا آهن.جڏهن ڊوپامائين ماليڪيول ان رسيپٽر جي ٻاهرئين حصي سان ملي ٿو ته تالي ۾ چاٻيء جيان فٽ ٿي وڃي ٿو جنهنجي نتيجي ۾ پوسٽ سائنپيٽڪ نيورون ۾ گھڻيون تبديليون پيدا ٿين ٿيون.جڏهن ان ۾ ڊوپامين جو مقدار وڌي ٿو ته ڪجهه پروٽين جيڪي انهن رسيپٽرز جي اندرئين حصي سان ڳنڍيل هوندا آهن ان سگنل کي نيورون جي مرڪز تائين پهچائين ٿا.انهيء دوران ڊوپامين جا ماليڪيول پنهنجو ڪم مڪمل ڪري فارغ ٿي چڪا هوندا آهن.هڪ صحتمند دماغ ۾ جيڪر انعامي نظام فعال نه به هجي تڏهن به ڪجهه مقدار ۾ ڊوپامين موجود رهي ٿي جڏهن انعامي نظام ڪم شروع ڪري ٿو مثال اسان کاڌو کائڻ شروع ڪيون ٿا ته Pre synaptic نيورون ڊوپامين تمام گھڻي مقدار ۾ خارج ڪرڻ لڳي ٿو.انعام جي ان منجھيل نظام ۾ دماغ ترت اهو سکي وٺي ٿو ته کيس پنهنجي بقا لاء ڇا ڪرڻو آهي.دماغ جي انعام جي نظام جي سرگرم ٿيڻ جي نتيجي ۾ دماغ جي باقي حصن ۾ به ڪافي تبديليون اچن ٿيون.VS جي علائقي کان انعامي نظام جون شاخون Prefrontal Cortex تائين پهچن ٿيون جنهن ۾ سوچڻ،سمجھڻ،پلاننگ ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي.انعام جو نظام لمبڪ سسٽم کان سواء دماغ جي انهن حصن تي به اثر انداز ٿيندو آهي جتي حسن ۽ اعصابن جي پروسيسنگ ٿيندي آهي.انعامي نظام جي سرگرم ٿيڻ سان Cerebellum تي به اثر پوندو آهي جيڪو دماغ جي پوئين حصي ۾ هوندو آهي ۽ جتان اسان جون حرڪتون ۽ ڌيان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي.انعامي نظام جي نارمل سرگرميءسان دماغ جي سمورن حصن تي اثر پوندو آهي.انهيء نظام جي ئي سبب اهڙن محرڪن جي موجودگيء ۾ انعام ڏنو ويندو آهي جيڪي اسان جي زندهه رهڻ جي بنيادي ضرورتن جهڙوڪ کاڌي جي تلاش کي پورو ڪن.ان انعام جي نتيجي ۾ اسان انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڊوڙ ڊڪ ڪندا آهيون ته جيئن اسان کي انعام ملي سگھي. جڏهن هڪ دفعو دماغ اهڙن محرڪن جي نتيجي ۾ انعام جاري ڪرڻ لڳي ته اهڙي محرڪ کي رڳو ڏسڻ سان ئي دماغ جي انعامي نظام ۾ ڊوپامين خارج ٿيڻ لڳي ٿي.جڏهن ڪو ماڻهو پهريون دفعو ڪوڪين استعمال ڪري ٿو ته اها تمام جلد دماغ تائين پهچي وڃي ٿي جتي presynaptic نيورونز جي ٽرانسپورٽرز کي بند ڪري ڇڏي ٿي ڇو ته ڊوپامين هاڻي presynaptic نيورون ۾ واپس نٿي وڃي سگھي ان ڪري اها synapse ۾ گڏ ٿيڻ لڳي ٿي جنهن سبب ان جو مقدار نارمل کان گھڻو وڌي وڃي ٿو ۽ گھڻي دير تائين وڌيل رهي ٿو ان ڪري postsynaptic نيورون تمام تيزيء سان ڪم ڪرڻ لڳي ٿوجنهن سبب تمام گھڻي راحت ۽ مزي جو احساس پيدا ٿئي ٿو.ان ڪري ئي دماغ کي ڪوڪين ۽ لذت جي هڪ دوستي association جڙي وڃي ٿي جنهن ڪري اهڙو شخص وري وري ڪوڪين استعمال ڪري راحت جو اهو احساس بار بار پيدا ڪرڻ چاهيندو آهي.
جڏهن ڪو شخص پهريون ڀيرو Methamphetamine استعمال ڪندو آهي ته اها به ترت دماغ تائين پهچي ويندي آهي.گھٽ مقدار ۾ استعمال ڪرڻ سان Methamphetamine جا ماليڪيول ڪوڪين جيان ڊوپامين کي presynaptic خليي ۾ وڃڻ کان روڪين ٿا.پر ڪوڪين جي ابتڙ جيڪر ميٿ کي گھڻي مقدار ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اها ڊوپامين جي پيداوار جي رفتار کي به وڌايوڇڏي جنهن سبب synapse ۾ ڊوپامين جو مقدار تمام گھڻو وڌيو وڃي جتي اها ڊوپامين فائديمند بڻجيو وڃي ڇو ته ميٿ ڊوپامين کي واپس خليي ۾ وڃڻ کان روڪي ٿي.ڇو ته ايتري گھڻي ڊوپامين Synapse ۾ گھڻي دير تائين موجود رهي ٿي ان ڪري postsynaptic نيورون جي ڪارڪردگي خطرناڪ حد تائين وڌي وڃي ٿي جنهن سان ان شخص کي سخت لذت يا مزي جو احساس ٿيندو آهي.ان ڪري ميٿ نهايت ئي نشي آور دوا آهي.
ڪوڪين ۽ ميٿ جي استعمال جا نتيجا نهايت ئي خطرناڪ نڪرن ٿا.انهيء منشيات جي استعمال سان دماغ جي انعامي نظام جو لاڳاپو دماغ جي باقي ٻين حصن سان هميشه لاء خراب ٿي وڃي ٿو جنهن سبب جذبات،حرڪت ڪرڻ،سوچڻ سمجھڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت تي برو اثر پوي ٿو.انهن دوائن جي مسلسل استعمال سان دماغ جي پوري وائرنگ ئي بگڙي وڃي ٿي جنهن ڪري مسلسل انهن شين کي استعمال ڪندڙ نشئي بعد ۾ انهن شين مان ايترو مزو حاصل نٿو ڪري جيڪو منشيات استعمال ڪرڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ محسوس ڪندو آهي. مزو ته رهيو پنهنجي جڳهه تي پرهاڻي هن کي رڳو پاڻ کي نارمل رکڻ لاء به منشيات ۽ اهڙين دوائن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو ۽ هو نتيجن کان بي پرواهه بڻجي اهي دوائون لاڳيتو استعمال ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي.انهيء حالت کي دوائن جي عادت پئجي وڃڻ يا addiction چئبو آهي.
(روزاني عوامي آواز)

Sunday, June 3, 2018

قرآن ۽ سائنسي راز ؛ ڪائنات ڪيئن ٺهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
سائنسدانن جي چوڻ مطابق ڪائنات جي جوڙ چوڏهن ارب ورهيه پهرين ٿي هئي. بگ بينگ(نهايت ئي زوردار ڌماڪي) جو نظريو ان سلسلي ۾ بيان ڪيو وڃي ٿوجنهن مطابق ڪائنات کي عدم وجود مان وجود ۾ آندو ويو جنهن جا جزا هڪڙي نقطي ۾ بند هئا.ان کان اڳ مادو هو نه توانائي هئي ۽ نه ئي وقت.هڪ وڏي ڌماڪي سبب اهي سڀ وجود ۾ آيا ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل مادو ننڍن وڏن جزن ۾ ورهائجي ويو ۽ خلا ۾ پکڙي هڪ ٻئي کان جدا ٿيندو ويو. مادي جا اهي ٽڪرا اڃا به خلا ۾ تري رهيا آهن ۽ انهن جو تيز رفتار سفر جاري آهي.انهيء نظريي هيٺ مادي جا ننڍا وڏا ٽڪرا ڪٿي سيارا بڻجي ويا ته ڪٿي انهن ستارن جي صورت اختيار ڪئي.پڇڙ تارا  ۽آسمان ۾ ٽمڪندڙ ٻيا اڻ ڳڻيا تارا انهيء ئي نظريي سان تعلق رکن ٿا.زمين جو گولو،سج،چنڊ،مريخ،مشتري ۽ زهل جهڙا ڪيترائي سيارا انهيء بگ بينگ ٿيوري جو نتيجو ٻڌايا وڃن ٿا.
بگ بينگ سان ثابت ٿئي ٿو ته ڪائنات هڪ نه هئڻ واري نقطي مان وجود ۾ آئي.پر سائنس ان عدم يعني “نه هئڻ” واري تصور جي واضح سمجھاڻي ڏيڻ کان لاچار آهي۽ ان کي“ مقدار جي ٻڙي نڪتي ” جي اصطلاح ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو.ان ڳالهه کي اسان هيئن به بيان ڪري سگھون ٿا ته جيڪر اسان ڪائنات جي پکيڙ جي ابتڙ رخ ۾ سفر ڪيون ته اسان کي اها هڪ نڪتي مان جڙندي نظر ايندي توڙي  جو اهڙو سفر عملي طور تي ناممڪن آهي.
جديد سائندان ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪائنات جي شروعات ۽ ان جي جوڙ جو اڪيلي سمجھه ۾ ايندڙ ۽ قابل ثبوت وضاحت “بگ بينگ” ئي آهي ڇوته ان کان اڳ مادي جو وجود ئي نه هو.حالت عدم (Condition of Non existence)هئي جنهن ۾ نه مادو هونه توانائي هئي ۽ نه ئي وقت موجود هو.ان کي مابعد الطبيعاتي طور تي هيئن بيان ڪري سگھجي ٿو ته مادي،توانائي ۽ وقت کي هڪ ئي وقت گڏ پيدا ڪيو ويو.
 1948ع ۾ هڪ آمريڪي ماهر فلڪيات“ جارج گيمو” بگ بينگ جي متعلق هڪ ٻيو خيال پيش ڪيوجنهن مابق هڪ وڏي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هيء ڪائنات وجود ۾ اچي ويئي ۽ ان ڌماڪي بعد شعائن جو هڪ اضافي حصو ڪائنات ۾ باقي رهجي ويوهوندو جن کي برابر نموني پوري ڪائنات ۾ پکڙجي وڃڻ گھربو هو.اهو ثبوت ته “ جنهن کي موجود هئڻ گھربو ” ترت ئي ڳولهي لڌو ويو. 1965ع ۾ ٻن ماهرن “پينزيانس ارنو ۽ رابرٽ ولسن ”  اهڙن شعائن جي لهرن کي اتفاق سان ڳولهي لڌو.انهن شعائن کي ” ڪائناتي پس منظر وارا شعاع” چيو ويو جيڪي ڪنهن خاص ذريعي مان نڪرندي نظر نٿي آيا پر پوري خلائي گولي کي گھيرو ڪيل هئا.جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته ته خلا ۾ جيڪي گرم لهرون هڪئي وقت هر طرف هڪجهڙي نموني شعائن جي صورت ۾ خارج ٿي رهيون هيون اهي بگ بينگ جي شروعاتي مرحلن جي باقيات ئي آهن.پينزيانس ۽ ولسن کي انهيء ئي کوجنا تي نوبل پرائيز ڏنو ويو.
1989ع ۾ ناسا هڪ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪليو جنهنجو نالو “ڪوبي ” هو.ان سيٽلائيٽ موڪلڻ جو مقصد ڪائناتي پس منظر جي شعاعن جي کوجنا ڪرڻ هو.ان سيٽلائيٽ تي اهڙي حساس جائزي جا اوزار لڳل هئا جن رڳو اٺن منٽن ۾ پينزيانز ۽ ولسن ٻنهي ماهرن جي ماپن جي تصديق ڪري ورتي. ڪوبي سيٽلائيٽ ان وڏي ڌماڪي جون باقيات ڳولهي ورتيون هيون جيڪو ڪائنات هڻ جي شروع ۾ ٿيو هو.
بگ بينگ جو هڪڙو بيو ثبوت هائڊروجن ۽ هيليم گئسن جو اهو مقدار هو جيڪو خلا ۾ لڌو ويو هو. آخري جائزن ۾ اهو معلوم ٿي ويو ته ڪائنات ۾ جنهن هائدروجن ۽ هيليم جو گڏ ٿيڻ آهي اهو سندن انهن نظري جائزن سان هڪجهڙائي رکي ٿو جيڪي  بگ بين جي باقيات جو نتيجو هو.جيڪر هن ڪائنات جي ڪا ابتدا ئي نه هجي ها ۽ جيڪر اها ازل کان موجود هجي ها ته پوء اها هائڊروجن هن وقت تائين هيليم ۾ بدلجي ختم ٿي چڪي هجي ها.اهي سڀ اهڙا ثبوت هئا جو سائندانن کي بگ بينگ نظريي کي مڃڻ کان سواء ڪو چاروئي نه رهيو. ڪيليفورنيا يونيورسٽيء جي              “ پروفيسر جارج ايبل ” جي چوڻ مطابق ؛ جيڪو ثبوت هن وقت تائين هٿ آيو آهي ان مطابق هيء ڪائنات ڪيترائي ارب سال پهرين هڪ ڌماڪي سان وجود ۾ آئي هئي.هن اعتراف ڪيو ته ڪائنات جي جوڙ بابت هن وٽ بگ بينگ نظريي کي تسليم ڪرڻ سواء ٻيو ڪو رستو ناهي.
قرآن ڪريم ۾ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ متعلق هن آيت ۾ اشارو ڪيو ويو آهي؛
(اَوَ لَمْ یَرَ الَّذِیْنَ کَفَرُوْآ اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ کَانَتَا رَتْقًا فَفَتَقْنٰھُمَا طوَجَعَلْنَا مِنَ الْمَآءِکُلَّ شَیْئٍ حَیٍّ ط اَفَلَا یُؤْ مِنُوْنَ)                                                                                                                             يعني انڪار ڪندڙن هن ڳالهه تي سوچ ناهي ڪئي ته آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل هئا پوء اسان انهن کي الڳ الڳ ڪيو ۽ هر ساهواري شيء کي پاڻيء سان زندگي بخشي.ڇا پوء به هي ماڻهو (اللہ تعالیٰ جي خالق هئڻ تي) ايمان نٿا آڻين؟
هن آيت ۾ ڪائنات جي شروعات جو نڪتو بيان ڪيو ويو آهي ته ان جي شروعات ايئن ٿي جو هڪڙي گڏيل ۽ هڪٻئي ۾ چنبڙيل مادي کي کولي جدا ڪيو ويو ۽ جنهن مان رب تعاليٰ زمين ، آسمان ۽ بيا آسماني جسم پيدا فرمايا.اسان جي مشاهدي ۾ آهي ته جڏهن به ڪو ڌماڪو ٿيندو آهي ته ان جي نتيجي ۾ ڦيٽاڙو پوندو آهي،سالن کان ٺهيل عمارتون زمين تي اچي ڪرنديون آهن.ماڻهن جي جسمن جا ٽڪرا اڏامي ويندا آهن ۽ جيڪي ڪجهه به انهن ڌماڪن جي رستي ۾ ايندو آهي اهو تباهه ۽ برباد ٿي ويندو آهي. مثال؛ ايٽم ۽ هائڊروجن بمن جا ڌماڪا،ڦاٽندڙ گئسن جا ڌماڪا،لاوا ڇڏيندڙ جبلن جا ڌماڪا ۽ شمسي ڌماڪا وغيره.انهن سڀني جا نتيجا برباد ڪندڙ هوندا آهن ان جي ابتڙ اسان کي جيڪر ڪو چوي ته فلاڻي هنڌ ڌماڪي ٿيڻ جي نتيجي ۾ تباهي ۽ برباديء جي ابتڙ ڪي وڏيون عمارتون جڙي پييون آهن،فيڪٽريون ۽ باغ پيدا ٿي پيا آهن ته اهڙي شخص کي سواء پاڳل چوڻ جي ٻيو اسان ڇا چونداسين؟ڇو ته هن جي اهڙي دعويٰ اسان جي روزمرهه جي مشاهدن جي ابتڙ آهي.پر جيڪر ايئن ئي هجي ته پوء ٿورو سوچيو ته اهو ڌماڪو ٻين ڌماڪن جي ڀيٽ ۾ ڪو نرالو ۽ منفرد ڌماڪو هوندو۽ ان جي پويان ضرور ڪنهن مافوق الفطرت هستيء جو هٿ هوندو. جيئن ته سائنس اسان کي اهوئي ٻڌايو آهي ته هي ڌماڪو هڪ اهڙو ڌماڪو هو جنهنجي نتيجي ۾ وڏيون ڪهڪشائون،ستارا،سيارا وغيره وجود ۾ آيا ۽ اهي سڀ هڪ زبردست نظم ۽ ترتيب سان خلا ۾ پنهنجن مدارن اندر گھمي رهيا آهن.ان ڪري اهو ڌماڪو ظاهر ڪري ٿو ته ته ان غيرمعمولي ڌماڪي پويان هڪ مافوق الفطرت هستيء جي قدرت جو هٿ آهي.جنهن کي اسان اللہ جي نالي سان ڄاڻون ٿا.
مشهور ماهر فزڪس “پروفيسر اسٽيفن هاڪنز” پنهنجي ڪتاب وقت جي مختصر تاريخ  ۾ لکي ٿو ته  هيء ڪائنات  حساب ڪتاب سان طيء ٿيل جائزن ۽ توازنن تي قائم ڪئي ويئي آهي ۽ ان کي اهڙي ته نفاست سان ٺاهي ٺوڪي بنايو ويو آهي جو اسان ان جو تصور به نٿا ڪري سگھون.
قران جي مٿين آيت ۽ سائنسي بگ بينگ نظريي ۾ زبردست هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.انهيء کان سواء سائنسدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪهڪشائن جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين سموري ڪائنات هڪ قسم جي دونهين  جو ڪڪرهئي. قرآن ڪريم ۾ اللہ تعاليٰ ڪائنات جي ان حالت جو ذڪر لفظ “دخان” يعني دونهين سان ڪيو آهي ۽ ان کي اڄ سائنسدانن به تسليم ڪيو آهي.يونيورسٽي آف ايريزونا جي سائنسدان“ ڊينيئل آئزن اسٽين” نئين تحقيق جي روشنيء ۾ بگ بينگ جي نتيجي ۾ جڙيل ڪائنات کي “دونهون ڇڏيندڙ گن ” سان تشبيهه ڏني آهي جنهن مان خارج ٿيندڙ دونهون هڪ خاص انداز ۾ پکڙجي ٿو ۽ ڪائنات به ان نموني سان وڌي رهي آهي.
اللہ تعاليٰ سورت حم سجده ۾ ان طرف اشارو ڪندي فرمايو آهي ته
(ثُمَّ اسْتَوٰی اِلَی السَّمَآءِ وَھِیَ دُخَان فَقَالَ لَھَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِیَا طَوْعًا اَوْ کَرْھًا ط قَالَتَآ اَتَیْنَا طَآئِعِیْنَ)
“ پوء هو آسمان طرف متوجه ٿيو ۽ ان وقت اهو دونهون هو ته هن (ان طرح جي) آسمان ۽ زمين کي چيو ته جڙي وڃو توڙي اوهين چاهيو يا نه چاهيو.ٻنهي چيو اسان مڃيندڙن وانگر حاضر ٿي وياسين.”
“پروفيسر ڊاڪٽر يوشي هائيڊ ڪوزائي” کان جڏهن انهن آيتن تي تبصرو ڪرڻ لاء چيو ويو جن ۾ ڪائنات جي جوڙ بابت ذڪر ڪيو ويو آهي ته هن چيو ته “ قرآن نهايت ئي بلند مقام تان ڪائنات جي وضاحت ڪئي آهي...قرآن جيڪي ڪجھه چيو سو حقيقت ۾ موجود آهي.ڄڻ ته قرآن ڪائنات کي ڪنهن اهڙي جڳهه تان ڌٺو آهي جتان ڪابه شيء لڪيل ناهي رهي.”
جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا ڪو وقت اهڙو به هو جڏهن آسمان دونهون هو ته هن ٻڌايو ته سموريون علامتون ۽ نشانيون ان ڳالهه کي ثابت ڪري رهيون آهن ته هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن آسمان دونهين جو ڪڪر هو. ڪجهه سائنسدان چون ٿا ته اهو “دخان” (Smoke) ڌنڌ (Mist) آهي پر پروفيسر ڪوزائي چوي ٿو ته ڌنڌ دونهين سان مشابهت نٿي رکي ڇوته ڌنڌ جي خاصيت ٿڌي هوندي آهي جڏهن ته فلڪياتي دونهون( Cosmic smoke)گرم ٿيندو آهي.حقيقت ۾ “دخان” مائع گئسن(Diffused gases)مان ٺهيو آهي جنهن سان نهري مواد (Solid substance) به شامل آهي ۽ اها دونهين جي بلڪل صحيح وصف آهي جنهن مان هيء ڪائنات جڙي آهي.
پروفيسر ڪوزائي چوي ٿو ته جيئن ته دونهون گرم هو ان ڪري ان کي ڌنڌ يا ڪهر سان ملائي نٿو سگھجي ۽ “دخان“ انهيء لاء مناسب لفظ آهي.هن جو چوڻ هو ته قرآن مجيد ڪنهن انساني ڪاوش جو نتيجو ٿي نٿو سگھي ۽ اهو هڪ آسماني ڪتاب آهي.
(روزاني عوامي آواز 27 مئي 2018ع)