Tuesday, November 19, 2019

ڌرتيء جي وڌندڙ گرمي پد بابت هڪ سوال!



ڌرتيء جي وڌندڙ گرمي پد بابت هڪ سوال!
شفيق الرحمان شاڪر
الله رب العالمين زمين تي حياتيء جي پيدا ٿيڻ،مخلوق جي اسرڻ ۽ زندهه رهڻ لاء هڪ مناسب ٽيمپريچر مقرر ڪري رکيو آهي.جيستائين خالق ڪائنات زمين تي حياتي برقرار رکڻ گھرندو اها هرگز تبديل نه ٿيندي.زمين ڪروڙين سالن کان هڪ خاص گرميء جي ضابطي ۾ آهي.ان جو ٽيمپريچر سراسري طور تي گھٽ وڌ ٿيندو رهي ٿوپر هڪ خاص حد جي اندر رهندي. ٽيمپريچر جي انهن حدن کي مستقل برقرار رکندڙ ڪيترائي عمل ڪم ڪري رهيا آهن.انهن عملن کي خالق نهايت ئي باريڪ بيني،نازڪ حساب ڪتاب،غلطيء کان پاڪ اندازن ۽ تبديل نه ٿيندڙ اصولن سان مقرر ڪيو آهي ۽ پوء انهن کي لاڳيتو برقرار رکڻ جي ذميداري به پنهنجي ذات تي کنئي آهي.انهن عملن ۾ سج جو خاص مايو،سج جو زمين کان مفاصلو،سج جي گرمي،زمين جي محوري گردش،پاڻي ۽ خشڪيء جي نسبت،پاڻيء سان گھيريل خشڪي،سامونڊي ڪنارن  جي وڍ ڪٽ،هيٺاهيون ۽ مٿانهيون، هوائون،سامونڊي لهرون،برساتون،اس ۽ ڇانو،محوري جھڪاء،مقناطيسي ميدان،اوزون جو تهه۽گرين هائوس جو اثر وغيره شامل آهن.
اڄ ڪلهه دنيا عالمي گرمائش يعني گلوبل وارمنگ جي بنياد تي موسمي تبديلين کان گھڻو پريشان آهي.چيو وڃي ٿو ته ڌرتيء جي گرميء جو درجو وڌي رهيو آهي جنهن ڪري حياتيء کي خطرو آهي.گھڻن کي ياد هوندو ته اڄ کان اٽڪل چاليهه سال اڳ ان وارمنگ جو گھڻو چرچو هو.ماڊل ۽ نقشا جوڙيا ويا هئا.انهن جو چوڻ هو ته ويهن سالن ۾ زمين ايتري گرم ٿي ويندي جو ڪيترائي ملڪ سمنڊ ۾ دفن ٿي ويندا.مالديپ ته ان خطري جي پيش نظر پنهن جي آباديء کي منتقل ڪرڻ لاء ٻيٽ  خريد ڪري ورتو هوپر ٻه ڀيرا ويهه سال گذرڻ باوجود اهڙو ڪجهه به نه ٿيو.اهو صحيح آهي ته موسمي تبديليون اچي رهيون آهن پر اهو قدرتي عمل آهي ان کي روڪڻ انسان جي وس جي ڳالهه ناهي.اتر قطب قطب تاري جي بدران ارسا مائينز طرف جھڪي رهيو آهي ۽ زمين جو گولائي مدار (سرڪيولر آربٽ)  مان بيضوي مدار( اليپٽيڪل آربٽ) ۾ بدلجي رهيو آهي.ايئن هر ڪجهه هزار سالن بعد خاص وقفي سان وري وري ٿيندو آهي.اهڙي موسمي تبديليء جي حساب سان انسان کي پاڻ تبديل ٿيڻو آهي.


ڌرتيء جي ماهرهڪ جديد  سائنسدان گريگ بريڊن اتر ۽ ڏکڻ قطب جي گليشيئرز جي تهن مان نمونا حاصل ڪيا ۽ ان مان خالص سائنسي طريقي تي چار لک ويهه ڪروڙ سالن جو زمين جي گرمائش جو ريڪارڊ ڪڍيو پوء ٻن هزار سالن جو هڪ گراف جوڙيو.ان گراف کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڌرتيء جو هڪ وچون درجو ٽيمپريچر آهي جنهن کان گرميء جو درجو ڪڏهن نهايت ئي مٿي ۽ ڪڏهن نهايت ئي هيٺ اچي وڃي ٿو،اهي لاها چاڙها هڪ سر (رڌم) سان هيٺ مٿي ٿين ٿا.هن وقت ان جو ٽيمپريچر وچين درجي کان ٿورو ئي مٿي آهي،ها،اڃا مٿي وڃڻ جو خطرو ضرور آهي پر ٽي ڀيرا گرمائش وڌي به وڃي جيڪا تاريخ ۾ ڪئين ڀيرا وڌي چڪي آهي ته ترت ڪو خاص خطرو ناهي.اهو گراف اهو به ظاهر ڪري ٿو ته گرمائش پهرين وڌي ٿي پوء ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ. جڏهن ڪاربان جي نسبت وڌيڪ هوندي آهي ته گرمائش گھٽ هوندي آهي.اهو ڇو ٿو ٿئي خدا ٿو ڄاڻي.غور ڪجي ته هن وقت ڪاربان ڊاء آڪسائيد جي نسبت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي پر گرميء جو درجو وچئين درجي کان ٿورو ئي چڙهيل آهي.سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪر ڪاربان جي بنياد تي گرمائش وڌي ٿي ته هن وقت زمين جي گرميء جو درجوپنهن جي بلند ترين سطح تي ڇو ناهي؟

(روزاني ڪلياڻ 18 نومبر 2019ع)