Saturday, July 7, 2018

ڌرتيء کي وڌيڪ ٽامو ٿيڻ کان بچايو!


شفيق الرحمان شاڪر
سچ اهو آهي ته دنيا ڏينهون ڏينهن گرم کان گرم ٿيندي ٿي وڃي.توڙي اها روين جي گرمي هجي يا سج جي گرمي! بهرحال ماحول ۾ گرمي وڌي رهي آهي ۽ ايئن به ڪونهي ته رڳو پاڪستان ۾ سج پنهنجي گرمي ڏيکاري رهيو آهي پر پوري دنيا ۾ رميء جي شدت ۾ تشويشناڪ حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي.جيڪر سائنسي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي ته موسمن ۾ تديلي هڪ فطري عمل آهي پر ڪڏهن ڪڏهن فطرت يا قدرت سان ڇيڙ ڇاڙ انسان کي گھڻي مهانگي پئجي ويندي آهي.افسوس ته اهو جو ان شديد موسم ۾ سڪون جو احساس بخشيندڙ وڻ اسان ڪمائيء جي چڪر ۾ اهڙي ته بيدرديء سان ڪپيندا ٿا وڃون جو هاڻي ڇانو ڳولهيندي ڪا ڇانو ئي نصيب نٿي ٿئي.رهي ڳالهه “اوزون“ يعني موسمي شدت کان بچائيندڙ قدرتي پردي جي ته اسان جي صنعتن جي زهريلي گئس ۽ ڪيميائي گدلاڻ انهيء ۾ ايترا ته سوراخ ڪري وڌا آهن جو اوزون کي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته سج جي انهن تپيل ڪرڻن کي ڪيئن روڪيان ۽ پنهنجو پاڻ کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان ڪيئن بچايان؟اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انهن سمورين ڳالهين کي سامهون رکندي اسان پنهنجو ترقيء جو سفر اتي ئي روڪي ڇڏيون؟وڌيڪ صنعتون نه لڳايون،فرنيچر،ڪاغذ،پينسل ۽ ڪاٺ مان جڙندڙ ٻيون سموريون شيون جوڙڻ ڇڏي ڏيون؟ڪاروبار بند ڪري ڇڏيون؟ ڇا سڄي دنيا ۾ ايئن ٿي رهيو آهي؟ دنيا به ته پاڪستان جيان ماحولياتي تبديلين جو شڪار آهي ته پوء ڇا پوري دنيا ۾ به ماحول دوستي ۽ اوزون جي تهه کي بچائڻ خاطر صنعتن کي بند ڪيو ويو آهي؟اهي اهڙا سوال آهن جيڪي هر انسان جي ذهن ۾ جنم وٺن ٿا ۽ جنم وٺڻ به گهرجن.ڇو ته انسان جي هڪ خاصيت اها به آهي جو هو ڪڏهن به هار نٿو مڃي.هو هر مشڪل جو حل تلاش ڪيو وٺي.هاڻي اسان سج کي ته پاڻي وجھي ٿڌو ڪري نٿا سگھون ۽ نه ئي ملڪ مٿان ڪا ايڏي وڏي ڇٽي پکيڙي سگھون ٿا جو گرمي ۽ اس کان بچي سگھون.ان ڪري هاڻي اسان کي اهو ڏسڻ جي گھرج آهي ته دنيا جي ٻين ترقي يافتا ملڪن گرميء کان بچڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا آهن.
سڀ کان پهرين ته معلوم ڪرڻو پوندو ته گرميء جي شدت ۾ واڌاري جو اصل سبب آهي ڪهڙو؟ ان جو مختصر جواب آهي قدرتي ماحول کي ڪنهن به طرح نقصان پهچائڻ! مثال؛ وڻن جي ڪٽائي،معدنيات جو بي حساب استعمال،فيڪٽرين ۽ صنعتن جي گھڻائي ۽ فضائي گدلاڻ وغيره
انهن سببن ڪري نه رڳو زميني پر پاڻيء جي مخلوق به پريشانيء ۾ ورتل آهي،هتي اها ڳالهه تمام گھڻي ڳڻتيء جوڳي آهي جو منگروز جي وڻن کي گذريل ڊگھي عرصي کان باقائدي سرڪاري سرپرستيء ۾ ڪپي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اڇين سامهون انهن کي سمگل ڪيو پيو وڃي.فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جنهنجو بنيادي ڪم ۽ فرض ئي وڻن جي واڌ ويجهه ۽ حفاظت هوندو آهي اهو کاتو پاڻ وڻن جي تباهيء پويان پيل نظر ايندو آهي.انهن کان ٻيو ته ڪو ڪم پهچي نٿو سواء ان جي جو رهيل کهيل ٻيلا وڍي ڪپي کپائي پنهنجا ڀڀ ڀريا وڃن ۽ ايندڙ نسلن کي موسمي شدتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏجي.ڪجي ته ڇا ڪجي جو هتي ته پوري آڪهه پئسي پويان انڌي ۽ چري لڳي پيئي آهي.
هاڻي اسان دنيا ۾ رائج ڪجهه ڪارائتن طريقن جو ذڪر ڪيون جن سان اسان ماحول کي تباهه ٿيڻ ۽ موسمن جي تبديلين جي منفي اثرن کان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگھون ٿا.هن شديد گرميء ۾ پوري دنيا ۾ اهي ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن جن ذريعي هن گلوبل وارمنگ کان بڇي سگھجي ٿو؟
يونان جو پراڻو شهر بابل جنهنجي جيڪر تاريخ پڙهي وڃي ته هن شهر جي ٻين ڪيترين ئي خاصيتن مان هڪڙي وڏي ۽ اهم خاصيت هن شهر جو لٽڪيل باغ (Hanging Garden) آهي.جيڪر اسان به ان فارمولا تي عمل ڪيون ته گرميء جي لهر کان بچڻ ڪافي آسان ٿي ويندو.انهيء فارمولي هيٺ اسان کي پنهنجن سمورين عمارتن جي بالڪونين تي ٻوٽا لڳائڻا پوندا ۽ انهن جي مڪمل سار سنڀال لهڻي پوندي.اهو تمام پراڻو تصور آهي جنهنجي ڪارگر ۽ اهم هئڻ جو اندازو اسان بابل شهر جي ڀتاريخ پڙهندي ان جي خوشحالي ۽ خوبقورتيء مان لڳائي سگھون ٿا.
انهيء کان سواء پينسلوينيا جي شهر فيلي ڊيلفيا جا رهاڪو گرميء جي موسم ۾ پنهنجي ڇت جي ان حصي تي جتي اس پوندي هجي اڇو رنگ ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سبب پوري شهر جي گرميء جو درجو اصل موجود گرميء جي درجي کان 4 کان 6 سينٽي گريڊ گھٽجي وڃي ٿو ۽ گھرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي گھرن جي گرميء جي درجي ۾ اٽڪل 6 کان 8 سينٽي گريڊ گھٽتائي اچي وڃي ٿي.جڏهن ته نيو يارڪ ۾ به حڪومت “ٿڌي ڇت” Cool Roof جي نالي سان ان پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اهي ته اهڙا عمل ۽ قدم آهن جيڪي ڪنهن حڪومتي سرپرستيء سواء به انفرادي يا سماجي ليول تي ذاتي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان سرانجام ڏيئي سگھجن ٿا.پر ان سان گڏوگڏ هڪڙو ڪم جيڪو حڪومتن کي سختيء ۽ پابنديء سان هنگامي بنيادن تي ڪرڻو پوندو سو اهو ته سڀ کان پهرين جھنگلن ۽ ٻيلن جي ڪٽائي فوري طور تي روڪڻي پوندي ۽ وڻ ڪپڻ متعلق هڪڙو قانون جوڙڻو پوندو جنهن تحت ڪنهن محدود ايراضيء تائين وڻن جي ڪٽائيء جي اجازت ڏيئي سگھجي ٿي ۽ پوء هڪ ڊگھي عرصي تائين ان ساڳي ايراضيء ۾ وڻن ڪپڻ تي پابندي لڳائڻي پوندي ۽ انهيء عرصي دوران اتي ڪپيل وڻڻ جي جاء تي نون وڻن لڳائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال کي يقيني بنائڻو پوندو.انهيء سان گڏوگڏ ڪاٺ سان لاڳاپيل ڪارخانن ۽ واپارين لاء حڪومت ان شرط کي لازم ڪري ڪاٺ جي هر سامان سان گڏ ان ۾ استعمال ٿيل ڪاٺ جي تفصيل ۾ ان ڳالهه کي لازمي شامل ڪن ته  ان ڪاٺ کي حاصل ڪرڻ خاطر ڪپيل وڻ کي واپس ڪيئن اپايو وڃي؟ ۽ جيڪي وڻ ٻج ذريعي پيدا ٿيندڙ هجن ته ڪاٺ جو سامان وڪڻندڙ سامان سان گڏ ماڻهن کي انهن وڻن جو ٻج به مفت مهيا ڪن ۽ انهن کي پوکڻ جو طريقو به ماڻهن کي ٻڌائين.گھڻڻ کي ان سم جون تجويزون کل جوڳيون لڳنديون ۽ اهي اسان جي ذهني حالت تي پاڳلپڻي جو شڪ به ڪري سگھن ٿا پر اسان سڀني کي ان ڏينهن کان ڊڄڻ گھرجي جڏهن اسان گرمين جي شدت کان سڀ  جا سڀ پاڳل بڻجي وينداسين.هونئن اهڙن ڏاهن کي جيڪي اهڙين تجويزن کي مذاق سمجھن ٿا تن کي اهو ٻڌائيندا هلون ته اڄ ڪلهه “سيڊ پينسل“ جو تصور هڪ نئين ۽ نرالي شيء آهي.هڪ پينسل بنائيندڙ ڪمپنيء پنهنجي پينسلن ۾ هڪڙو ٻج وجھي ڇڏيو آهي.اوهان پينسل استعمال ڪريو ۽ جڏهن پينسل ختم ٿيڻ لڳي ته اوهان ان پينسل کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيو،ڪجهه عرصي بعد اوهان کي اتي هڪڙو ٻوٽو نظر ايندو جيڪو پوري وڻ جي صورت اختيار ڪرڻ بعد وري به هزارين پينسلون بنائڻ جي لائق ٿي ويندو.اهي اهڙا طريقا آهن جيڪي دنيا ۾ موسمن جي شدت کي گھٽائڻ ۽ ماحول جو توازن برقرار رکڻ لاء رائج ٿي چڪا آهن.گڏوگڏ اسڪول،ڪاليج،يونيورسٽين،اسپتالن،ريلوي اسٽيشنن،هوائي اڏن ۽ ٻين پبلڪ جاين تي ڪم ڪندڙ سمورن ملازمن توڙي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ سمورن شاگردن تي اهو لازمي قانون لاڳو هئڻ گھرجي ته انهن مان هرڪو سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو وڻ هر حالت ۾ ضرور لڳائي، ٻي صورت ۾ سندن خلاف محڪماتي ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ انهيء معاملي کي سندن ترقي،پگھارن ۽ تعليمي نتيجن سان ڳنڍڻ گھرجي. فاريسٽ،زراعت ۽ ماحوليات جي وزارتن کي به ان معاملي ۾ هنگامي ٽاسڪ ۽ ٽارگيٽ ڏيئي انهن جي سختيء سان مانيٽرنگ ٿيڻ گھرجي.جيڪر اسان ان معاملي ۾ پنهنجي ماضيء واري غفلت ۽ لاپرواهيء واري روش برقرار رکي ته پوء ايندر ڪجهه سالن ۾ شايد هيء زمين اسان جي رهڻ جي قابل رهي نه سگھي!



Wednesday, June 27, 2018

انٽرنيٽ جي آکاڻي.


شفيق الرحمان شاڪر
اڄوڪو دور طلسماتي ٽيڪنالاجيء جو دور آهي جنهن ٽيڪنالاجيء ۾ انٽرنيٽ جي خدمتن کان انڪار ڪري نٿو سگھجي جنهنجي ذريعي پوري پکڙيل دنيا سڪڙجي هڪڙو گلوبل ڳوٺ بڻجي ويئي آهي.هاڻي ڪابه ڄاڻ انسان جي پهچ کان ٻاهر نه رهي آهي.پنهنجن پيارن سان ڳالهيون ڪرڻ،لکيل نياپا موڪلڻ،وڊيو ڪالون ڪرڻ،تصويرون ۽ مختلف فائيل موڪلڻ،خبرون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ،ڪتابن،تصويرن ،گانن،فلمن ۽ وڊيوز جا ڍير ڊائون لوڊ ڪرڻ،ريڊيو ٻڌڻ  ۽ آن لائين رانديون کيڏڻ سواء واپار وڻج،ّ خريداري ۽ وڪرو،مطلب ته انٽرنيٽ جو اهو ننڍڙو اسڪرين “آل ان ون “ آهي صرف بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي.پر ڇا اسان ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته اهي رڳو ڪجھه بٽڻ دٻائڻ سان معلومات جو ڇوليون هڻندڙ ايڏو وڏو سمنڊ سيڪنڊن ۾ ڪيئن اچي اسان سامهون حاضر ٿئي ٿو؟  جيئن ته انهن سمورين سهوليتن جو واحد، بهترين ۽ تيز ترين ذريعو انٽرنيٽ آهي سو اسان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته انٽرنيٽ آخر آئي ڪٿان؟اهو سچ پچ ڏاڍو دلچسپ سوال آهي.حقيقت اها آهي ته انٽرنيٽ جنهن کي اڄ اسان بنان ڪنهن تڪليف جي استعمال ڪيون ٿا اها دراصل ڪيترن ئي ذهين انسانن جي محنتن ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهي.
انٽرنيٽ جي تاريخ ايتري پراڻي به ناهي،رڳو 56 سال اڳ جي ڳالهه آهي.1962ع ۾ “جي سي آر لڪيڊر ” نالي سائنسدان ان جو بنياد “انٽرنيٽ گليڪٽنگ“ نالي هڪ نيٽ ورڪ جوڙي رکيو هو.هن جو تعلق “ڊي اي آر پي “ يعني ڊفينس  ايڊوانس ريسرچ پروجيڪٽ نالي ايجنسيء سان هو جنهنجو بنيادي مقصد پوري دنيا جي ماڻهن کي ڪمپيوٽر استعمال ڪندي هر قسم جي معلومات تائين پهچ کي ممڪن بنائڻ هو.اهو ئي خواب اکين ۾ سجائي جي سي آر لڪيڊر ميدان ۾ لٿو. سندس ٻه پٽ “وينٽ ڪرف” ۽ “ بوب کين” جن 1974ع ۾ انٽرنيٽ گليڪٽنگ جو نالو ڪوٽو ڪري صرف “انٽرنيٽ” رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي پيء جي مشن کي اڳتي وڌائيندي “ٽي سي پي” يعني ٽرانسميشن ڪنٽرول پروٽوڪول جو نظام متعارف ڪرايو.ان کان پوء 1976ع ۾ ڊاڪٽر “رابرٽ ڪلف” هڪڙي تار ايجاد ڪئي جنهن کي “اٿرنيٽ ڪو ايڪسيل ڪيبل ” جو نالو ڏنو ويوجنهن ذريعي هڪڙي ڪمپيوٽر مان ٻئي ڪمپيوٽر ۾ ڦيٽا منتقل ڪري سگھبي هئي جهڙوڪ فائيل، ٽيڪسٽ وغيره پر اهو محدود جڳهه ۾ ڪم ڪري سگھندو هو.جيئن رڳو ڪنهن اسڪول،آفيس يا ڪنهن عمارت جي اندر. وري 1983ع ۾ وينٽ ڪرف ۽ بوبکين “ڊي ارپا” جو نالو بدلائي “ارپا نيٽ ” رکي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ اهو شرط به رکيو ته جنهن کي به انٽرنيٽ جي سهوليت گھربل هوندي انهيء کي “ٽي سي پي”وٺڻي پوندي.اها ته اڃا شروعات هئي.وڌيڪ ترقي 1984ع ۾ ٿي جڏهن ڊاڪٽر “جوهن پوسٽل” باقائدي “ويب ” جو بنياد وڌو.اهڙيء طرح مختلف ادارن لاء جدا جدا طريقن سان“ سرچ” ڪري سگھبي هئي جهڙيء طرح اڄ اسان com..org.edu..gov وغيره لکي سرچ ڪندا آهيون پر اها ته اڃا انٽرنيٽ جي ڏکئي سفر جي شروعات هئي.1989ع ۾ هڪ ڀيرو وري جي سي آر لائيڪ جي ٻنهي پٽن هڪ اهم قدم کنيو ۽ هڪڙي ڪمپني “آئي ايس پي” جو بنياد وڌويعني “انٽرنيٽ سروس پرووائيڊر”.ان جا ٻه فائدا ٿيا،هڪ ته انهن جي پيء جو خواب پورو ٿيو ۽ ٻيو ته سندن سالن جي محنت هاڻي ڪاروبار ۾ بدلجڻ واري هئي ڇو ته انٽرنيٽ ڪنيڪشن هاڻي گھر گھر وڃي سگھيو ٿي.بلڪل ٽيليفون تار وانگي ۽ ان سان گڏ هڪڙو رسيور به ڏنو ويندو هوجنهن کي اسان “موڊيم” جي نالي سان سڃاڻون ٿا. اهڙيء طرح ڪنهن به صارف جو ڪمپيوٽر انٽرنيٽ سان ڳنڍجي سگھيو ٿي ۽ ڪمپني ان جو بل وصول ڪندي هئي.اهو “ڊائل اپ  سسٽم” سڏائي ٿو.
1991ع ۾ ٽم هرنلس www  يعني “ورلڊ وائيڊ ويب” ايجاد ڪئي جنهن جي ايجاد بعد ڪيترائي ڪم آن لائين ٿي سگھيا ٿي.انهيء ڪاميابيء جو نتيجو ڪيترن ئي حيرت ۾ وجھندڙ انقلابن جي راهه جوڙڻ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيو.سڀني کان اڳ “پيزا هٽ” وارن آن لائين سروس استعمال ڪندي پيزا بڪ ڪرائڻ نهايت ئي آسان بنائي ڇڏيو تنهن هوندي به اڃا گھڻيون خاميون ۽ گھٽتايون موجود هيون.1996ع اهو سال هو جو پهرين اي ميل ميل سروس “هاٽ ميل” لائونچ ٿي جنهن ذريعي انٽرنيٽ رستي برقي ٽپال دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ موڪلجڻ لڳي.1998ع ۾ اسان جي ڄاتل سڃاتل سرچ انجن “گوگل “ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جنهن جي ايجاد جو سهرو ليري پيچ ۽ سرجي برين جي سر وڃي ٿو.
1999ع ۾ انٽرنيٽ جي تارن مان تنگ ٿيندي هڪ نوجوان ڪجهه الڳ نموني سان سوچڻ شروع ڪيو،انهيء سوڇ جو بنياد اهو هو ته جيڪر آواز بنان تارن جي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين وڃي سگھي ٿو ته پوء ڊيٽا ڇونه! انهيء جاکوڙ ۾ “وائي فائي“ جو جنم ٿيو يعني “ وائرليس فڊيليٽي ” جنهن سان موڊيم تي وڏو فرق پيو.اهو هڪ اهڙو اهم واقعو هو جيڪو اڄ ڪلهه اسان جي لاء انٽرنيٽ جو نهايت ئي بنيادي ۽ ڪارگر ذريعو بنيل آهي.انهيء ڪارنامي کي سرانجام ڏيندڙ جو نالو “نيپيسٽر” آهي. 2001ع ۾ “وڪيپيڊيا“ نالي ويب سائيٽ جڙي جنهن کي تعليم ۽ ڄاڻ جو ڪوبه مسئلو،سوال ۽ معاملو حل ٿيڻ لڳو پر انٽرنيٽ جي منزل اڃا اڳتي هئي ۽ وقت جي گذرندڙ هر لمحي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي هئي، 2003ع جو سال ايندي ئي انٽرنيٽ تي تفريح ۽ وندر جو سامان مهيا ٿيڻ لڳو.انهيء دوران ايپل ڪمپني “ آئي ٽيون ”  نالي ويب سائيٽ تي ٻه لک گانا اپلوڊ ڪيا.
2004 ع “جي ميل ” سروس شروع ٿيڻ جو سال هو جنهن ۾ صارف کي ڊيٽا اسٽور ڪرڻ جي سهوليت “ 1000ايم بي ” مهيا ڪئي ويئي جڏهن ته ان کان اڳ “ياهو” ۽ “هاٽ ميل” وارا اها سهوليت صرف 2 ۽ 4 ايم بي تائين ڏيندا هئا،هاڻي وارو آيو انٽرنيٽ تي وڊيوجو. اهو مسئلو 2005ع ۾ “يو ٽيوب” اچڻ تي حل ٿي ويو.اها مهرباني به گوگل وارن ڪئي. يو ٽيوب جي لائونچ ٿيڻ جو اضافي فائدو اهو جو وڊيو ڊائون لوڊ توڙي اپلوڊ ڪري سگھبيون هيون.انهيء کان به دلچسپ ڪم 2006ع ۾ ٿيو جو “مارڪ زڪر برگ” ۽  “جيڪ ڊار سي” فيسبڪ ۽ ٽويٽر جوڙيو جن جا فائدا ٻڌائڻ جي ضرورت  نه آهي !

Monday, June 25, 2018

“ڊيجا وو ” ۽ ڪجهه سائنسي مفروضا.


شفيق الرحمان شاڪر
اسان مان گھڻن کي “ ڊيجا وو“  (deja’ vu)   جو تجربو ٿيندو رهندو آهي.اهو اصل ۾ هڪڙو ڌنڌلو احساس هوندو آهي ته اسان هن جڳهه تي پهرين به اچي چڪا آهيون يا فلاڻي شيء اسان پهريان به ڏسي چڪا آهيون.مثال؛ اسان ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ وياسين۽ اسان کي اوچتو محسوس ٿيو ته اسان سان جيڪي ڪجهه پيش اچي رهيو آهي اهو پهرين به ٿي چڪو آهي.اها اسان جي ياد ته ٿي نٿي سگھي جو اسان ان هوٽل ۾ پهريون ڀيرو ويا آهيون ۽ اسان جنهن ڊش جو آرڊر ڏنو آهي اهو به اسان پهريون دفعو ڏنو آهي ته پوء آخر اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟
“ڊيجا وو” جي ڪا اڪيلي وضاحت ممڪن ناهي،ان قسم جو تجربو عام طور تي اوچتو ٿيندو آهي ۽ انهيء جو وقفو تمام تورڙو هوندو آهي جنهن ڪري سائنسدانن لاء ان تجربي کي ريڪارڊ ڪرڻ ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ناممڪن هوندي آهي.سائنسدان سڄو سڄو ڏيهن ليبارٽريء ۾ ويهي ان تجربي ۽ ڪيفيت جو انتظار ڪري نٿا سگھن،ايئن ڪرڻ ۾ ممڪن آهي ته سال لڳي وڃن. ان جون ڪي جسماني علامتون نه هونديون آهن.ماڻهو انهيء کي فقط هڪڙو احساس ئي ٻڌائين ٿا.ڇوته ان جا سائنسي ثبوت موجود ناهن هوندا ان ڪري انهيء ڪري ان تي ڪيترين ئي قياس آرائين جا گھوڙا ڊوڙايا ويا آهن.
“اميل بوراڪ” نالي سائنسدان سڀني کان اڳ اسان کي “ڊيجاوو” جي ترڪيب کان واقف ڪرايو.اصل ۾ “ڊيجا وو” فرانسي زبان جو هڪ لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي “پهريان کان ڏٺل”.هن وقت تائين ان جي حق ۾ چاليهه کان وڌيڪ مفروضا پيش ٿي چڪا آهن.نيورو سائنس،دماغ جي تصور جي ٽيڪنالاجي ۽ سائيڪالاجيء ۾ ترقيء سبب هاڻي ڪيترن ئي مفروضن کي رد ڪري ڇڏيو ويو آهي.اچو ته ان ريسٽورانٽ جو مثال استعمال ڪندي انهن ٽن مفروضن تي سوچ ويچار ڪيون جيڪي هن وقت نهايت ئي اهم ۽ قابل اعتبار سمجھيا وڃن ٿا.
پهرئين مفروضي کي “ڊبل ڪراسنگ” چيو وڃي ٿوفرض ڪيو ته ريسٽورانٽ ۾ ويٽر جي هٿن مان ڪا ٽري ڪري پوي ٿي.انهيء نظاري جي باري ۾ جڏهن معلومات توهان جي ڪنن تائين پهچي ٿي ته دماغ جا مختلف حصا ان معلومات جي پراسيس ڪن ٿا.اوهان ويٽر جون ٻانهون ڏسو ٿا،ان جو مدد لاء پڪارڻ يا ٿانو ڪرڻ جو آواز ٻڌو ٿا ۽ کاڌي جي خوشبوء سنگھو ٿا.اها سموري معلومات سيڪنڊ جي هزارهين حصي ۾ دماغ جي مختلف رستن تان گذري ٿي جنهن کي دماغ پراسيس ڪري انهيء جون ڪڙيون پاڻ ۾ جوڙي شعور کي هڪ مڪمل ۽ باترتيب تجربو فراهم ڪري ٿو.عام طور تي دماغ مختلف حسن کي جوڙي انهن کي مربوط لمحن ۾ سمائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن دماغ جي ڪنهن هڪڙي رستي کان گذرندڙ معلومات جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي جنهن ڪري  شعور ۾ اها معلومات ان سان لاڳاپيل  باقي ٻي معلومات جي ڀيٽ ۾دير سان پهچندي آهي جنهن ڪري دماغ انهيء کي غلطيء سان هڪ الڳ واقعو سمجھڻ لڳندو آهي.جڏهن اها رهيل معلومات ٻين رستن کان پهتل معلومات کان پوء شعورتائين پهچندي آهي  ته شعور ۾ اهو احساس پيدا ٿيندو آهي ته اها معلومات دماغ ۾ پهرين به موجود هئي.
ٻيو مفروضو انهيء کي حال جي غلطيء بجاء ماضيء جو مونجھارو قرار ڏئي ٿو.انهيء کي “هولوگرام ٿيوري” چيو وڃي ٿو.انهيء کي بيان ڪرڻ لاء اسان ميز تي پيل ميزپوش جو مثال وٺون ٿا.جڏهن اوهان ان ڪپڙي تي جڙيل ڊزائين ڏسو ٿا ته انهيء ڊزائين سان ملندڙ جلندڙ خاڪو ياد جي صورت ۾ اوهان جي دماغ ۾ جاڳي پوي ٿو.اهو مفروضو ان جو سبب اهو ٻڌائي ٿو ته دماغ ۾ يادون هولوگرام جي صورت ۾ هونديون آهن.هولوگرام جي هڪڙي ننڍڙي حصي ۾ به پوري تصوير ڏسي سگھجي ٿي.ٿي سگھي ٿو ته اوهان جي دماغ ميزپوش سان اوهان جي ڏاڏي امان جي گھر سان جڙيل ڪنهن پراڻي ياد سان ناتو قائم ڪري ورتو هجي.البت ياد جو ڪنيڪشن ڪمزور آهي ان ڪري اهو ته توهان کي ياد اچي پيو ته اها ڊزائين مون اڳ ۾ ڪٿي ڏٺي آهي پر شايد اهو ياد نه اچي ته اها ڊزائين اوهان ڪٿي ڏٺي آهي. ٻين لفظن ۾ اوهان جي دماغ هڪڙي پراڻي يادگيري ڳولهي ڪڍي آهي پر انهيء يادگيريء جو تعلق ڪهڙي هنڌ،شخص يا واقعي سان آهي اهو سڀ ڪجهه اوهان جي شعور ۾ واپس نٿو اچي.انهيء مان اوهان کي ايترو ته محسوس ٿئي ٿو ته اها ڊزائين ڄاتل سڃاتل آهي پر اهو ياد نٿو اچي ته ڇو؟ اهڙيء طرح اوهان کي اهو احساس ٿئي ٿو ته اوهان ان ريسٽورانٽ ۾ پهريون ڀيرو آيا آهيو پر اتي لڳل وال ڪلاڪ يا ڪجهه تصويرون اوهان جون پهرين به ڏٺل آهن.
آخري مفروضو “اڻ پورو ڌيان” آهي .ان مفروضي مطابق “ڊيجا وو” ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اسان جو دماغ هڪڙو واقعو ڏسي رهيو هوندو آهي پر سندس ڌيان ڪنهن خاص شيء تي رهڻ ڪري هٽي ويندو آهي.جڏهن ڌيان واپس ان واقعي طرف اينيدو آهي ته اسان کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسان پهرين به هتي اچي چڪا آهيون.مثال؛ ريسٽورانٽ ۾ جتي ڪجهه دير اڳ اوهان جو ڌيان ويٽر ۽ ميز پوش طرف هو هاڻي وچ ۾ اهو ڌيان اتان هٽي سامهون لڳل وال ڪلاڪ تي هليو ويو ۽ ٿوري دير کان پوء واپس ويٽر ۽ ميز پوش تي اچي ويو ڇو ته جنهن وقت اوهان جو ڌيان ڪلاڪ ڏانهن هو ان وقت اهو ويٽر ۽ ميزپوش تي نه هو.توڙي جو اوهان جو دماغ اوهان جي بصري نظام(Optic System) کان وصول ٿيندڙ سمورن سگنلز جي پروسيسنگ ڪري رهيو هو پر اها پروسيسنگ شعوري نه هئي.جڏهن اوهان وال ڪلاڪ تان ڌيان هٽايو ٿا ته اوچتواوهان کي احساس ٿئي ٿو ته اوهان اهو ئي منظر پهرين به ڏسي چڪا آهيو ۽ اهو سچ به آهي ته اجھو اجھو اوهان اهو منظر ڏٺو هو پر ان تي ڌيان نه ڏنو هو.
اهي ٽيئي مفروضا “ڊيجا وو” جي عام خاصيتن جي وضاحت ڪن ٿا پر انهن مان ڪوبه مفروضو حتمي ۽ يقيني هئڻ جي دعويٰ نٿو ڪري.جيستائين سائنسدان ان معاملي جي بهتر توجيهه ۽ تشريح نٿا ڪن ان وقت تائين اسان “ڊيجا وو” تي پاڻ ئي تجربا ڪري سگھون ٿا ۽ انهيء جون مختلف تاويلون ۽ تشريحون پيش ڪري سگھون ٿا.هونئن به “ڊيجا وو“ جا گھڻي قدر قصا ماڻهن جي زبانن مان ئي ٻڌڻ لاء ملن ٿا ۽ انهن ۾ هڪڙو وڌيڪ قصو اسان جو به شامل ٿي سگھي ٿو.جيڪر آئنده اوهان کي “ڊيجا وو” جو ڪو تجربو ٿئي ته ڪجهه گھڙيون ترسي ان جي باري ۾ سوچجو ضرور! ڇا اوهان جو ڌيان هٽيل هو؟ ڇا اوهان ڪا پهرين ڏٺل شيء ڏٺي؟ڇا اوهان کي پنهنجو دماغ سست رفتاريء جو شڪار لڳي ٿو؟ يا اها اڃا به ڪا ٻي شيء آهي!
(روزاني عوامي آواز 24 جون 2018ع)




Thursday, June 14, 2018

انساني دماغ کي لذت جو احساس ڪيئن ٿو ٿئي؟


شفيق الرحمان شاڪر
دماغ اسان جي وجود جو مرڪز آهي.اسان جيڪا شيء به محسوس ڪيون ٿا ۽ جيڪو ڪم به ڪريون ٿا اهو دماغ ذريعي ئي ٿئي ٿو.اهو ٻاهرين دنيا مان ايندڙ احساسن جهڙوڪ کاڌي جي خوشبوء ۽ جسم جي اندر پيدا ٿيندڙ معلومات جهڙوڪ بک جي احساس کي پروسيس ڪري ٿو. ان معلومات کي پروسيس ڪري دماغ ان جو مناسب ردعمل تجويز ڪندو آهي يعني جسم ۾ اهڙي چرپر پيدا ڪندو آهي جيڪا اسان کي ڪاميابيء سان زندهه رهڻ ۾ مددگار هوندي آهي.مثال؛ بک لڳڻ تي کاڌو تلاش ڪرڻ. دماغ جي اونهائيء ۾ هڪ حصو آهي جنهن کي Limbic Systemچيو ويندو آهي جيڪو دماغ جي سطحي پرتن Cortex جي هيٺان هوندو آهي.لمبڪ سسٽم جو هڪ حصو Hippocampus سڏائي ٿو جيڪو اسان جي يادن کي محفوظ ڪرڻ ۽ سکڻ ۾ مددگار هوندو آهي.Amygdale جذبا پيدا ڪري ٿو ۽ Striatum اهڙيون عادتون ٺاهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو جن کي اسان بنان سوچڻ سمجھڻ جي سرانجام ڏيئي سگھون ٿا. لمبڪ سسٽم دماغ ۾ انعام جو نظام به قائم ڪري ٿو جيڪو دماغ جي ڪيترن ئي حصن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو ۽ اهي سڀ حصا پاڻ ۾ ملي اسان ۾ لذت يا مزي جو احساس پيدا ڪن ٿا ۽ اسان مجبور ٿي ويندا آهيون ته اهو ڪم وري وري ڪريون جنهن ذريعي اهو لذت جو احساس پيدا ٿئي ٿو.انهن ۾ سٺي ذائقي وارا کاڌا ۽ ٻيا ڪم شامل آهن جيڪي اسان جي زندهه رهڻ لاء اهم آهن.
 انعام يا ان سان لاڳاپيل شيون دماغ جي وچئين حصي کي فعال ڪن ٿيون جنهن کي VTA
(Ventral Tag mental  Area)  چئبو آهي.اهڙيء طرح انعام جي نظام ۾ هڪ مسلسل ردعمل (Chain Reaction) شروع ٿئي ٿو.ان حصي مان نڪرندڙ ڊگھا ريشا دماغ جي هڪ ٻئي حصي ۾ پهچن ٿا جنهن کي VS (Ventral Striatum) چئجي ٿو.جڏهن VS ۾ موجود Nucleus Accumbens  جا نيورونز  انهن ريشن جي فائرنگ سبب ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته اسان کي لذت يا مزو محسوس ٿئي ٿو.نيوڪلس اڪمبينس کي عام طور تي دماغ ۾ لذت جو مرڪز چيو ويندو آهي جڏهن ان حصي ۾ موجود نيورونز ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته هر نيورون هڪڙو برقي سگنل پيدا ڪري ٿو جنهنجي نتيجي ۾ اهڙا ماليڪيول خارج ٿين ٿا جن کي نيورو ٽرانسميٽر چئبو آهي ۽ جيڪي ڪيميائي پيغام پهچائيندڙ جي طور تي ڪم ڪن ٿا جڏهن ته ٻيا نيورونز اهي پيغام وصول ڪن ٿا.اهڙيء طرح هڪڙي نيرو سرڪٽ جا مختلف نيورونز هڪ ٻئي سان پيغامن جي مٽا سٽا ڪن ٿا.دماغ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا نيورو ٽرانسميٽر ٿين ٿا جن جا مختلف ڪم ٿين ٿا.جيڪو نيورون پيغام موڪلي رهيو هجي تنهن کي Pre synaptic   ۽ جيڪو پيغام وصول ڪري رهيو هجي تنهن کيsynaptic  Post چئبو آهي.
نيورو ٽرانسميٽر ماليڪيول ڪجهه پيڪيٽن ۾ ٻڌل هوندا آهن.برقي سگنلز سبب اهي پيڪيٽ خليي جي پردي وٽ پهچي وڃن ٿا جتي اهي پيڪيٽ کلن ٿا. دماغ جي انعام جي نظام ۾ انهن نيرو ٽرانسميٽرز کي Dopamine چيو ويندو آهي.ڊوپامائين جا ماليڪيول حرڪت ڪندي نيورون جي پردي ۾ موجود Dopamine Receptors سان وڃي ملندا آهن.جڏهن ڊوپامائين ماليڪيول ان رسيپٽر جي ٻاهرئين حصي سان ملي ٿو ته تالي ۾ چاٻيء جيان فٽ ٿي وڃي ٿو جنهنجي نتيجي ۾ پوسٽ سائنپيٽڪ نيورون ۾ گھڻيون تبديليون پيدا ٿين ٿيون.جڏهن ان ۾ ڊوپامين جو مقدار وڌي ٿو ته ڪجهه پروٽين جيڪي انهن رسيپٽرز جي اندرئين حصي سان ڳنڍيل هوندا آهن ان سگنل کي نيورون جي مرڪز تائين پهچائين ٿا.انهيء دوران ڊوپامين جا ماليڪيول پنهنجو ڪم مڪمل ڪري فارغ ٿي چڪا هوندا آهن.هڪ صحتمند دماغ ۾ جيڪر انعامي نظام فعال نه به هجي تڏهن به ڪجهه مقدار ۾ ڊوپامين موجود رهي ٿي جڏهن انعامي نظام ڪم شروع ڪري ٿو مثال اسان کاڌو کائڻ شروع ڪيون ٿا ته Pre synaptic نيورون ڊوپامين تمام گھڻي مقدار ۾ خارج ڪرڻ لڳي ٿو.انعام جي ان منجھيل نظام ۾ دماغ ترت اهو سکي وٺي ٿو ته کيس پنهنجي بقا لاء ڇا ڪرڻو آهي.دماغ جي انعام جي نظام جي سرگرم ٿيڻ جي نتيجي ۾ دماغ جي باقي حصن ۾ به ڪافي تبديليون اچن ٿيون.VS جي علائقي کان انعامي نظام جون شاخون Prefrontal Cortex تائين پهچن ٿيون جنهن ۾ سوچڻ،سمجھڻ،پلاننگ ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي.انعام جو نظام لمبڪ سسٽم کان سواء دماغ جي انهن حصن تي به اثر انداز ٿيندو آهي جتي حسن ۽ اعصابن جي پروسيسنگ ٿيندي آهي.انعامي نظام جي سرگرم ٿيڻ سان Cerebellum تي به اثر پوندو آهي جيڪو دماغ جي پوئين حصي ۾ هوندو آهي ۽ جتان اسان جون حرڪتون ۽ ڌيان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي.انعامي نظام جي نارمل سرگرميءسان دماغ جي سمورن حصن تي اثر پوندو آهي.انهيء نظام جي ئي سبب اهڙن محرڪن جي موجودگيء ۾ انعام ڏنو ويندو آهي جيڪي اسان جي زندهه رهڻ جي بنيادي ضرورتن جهڙوڪ کاڌي جي تلاش کي پورو ڪن.ان انعام جي نتيجي ۾ اسان انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڊوڙ ڊڪ ڪندا آهيون ته جيئن اسان کي انعام ملي سگھي. جڏهن هڪ دفعو دماغ اهڙن محرڪن جي نتيجي ۾ انعام جاري ڪرڻ لڳي ته اهڙي محرڪ کي رڳو ڏسڻ سان ئي دماغ جي انعامي نظام ۾ ڊوپامين خارج ٿيڻ لڳي ٿي.جڏهن ڪو ماڻهو پهريون دفعو ڪوڪين استعمال ڪري ٿو ته اها تمام جلد دماغ تائين پهچي وڃي ٿي جتي presynaptic نيورونز جي ٽرانسپورٽرز کي بند ڪري ڇڏي ٿي ڇو ته ڊوپامين هاڻي presynaptic نيورون ۾ واپس نٿي وڃي سگھي ان ڪري اها synapse ۾ گڏ ٿيڻ لڳي ٿي جنهن سبب ان جو مقدار نارمل کان گھڻو وڌي وڃي ٿو ۽ گھڻي دير تائين وڌيل رهي ٿو ان ڪري postsynaptic نيورون تمام تيزيء سان ڪم ڪرڻ لڳي ٿوجنهن سبب تمام گھڻي راحت ۽ مزي جو احساس پيدا ٿئي ٿو.ان ڪري ئي دماغ کي ڪوڪين ۽ لذت جي هڪ دوستي association جڙي وڃي ٿي جنهن ڪري اهڙو شخص وري وري ڪوڪين استعمال ڪري راحت جو اهو احساس بار بار پيدا ڪرڻ چاهيندو آهي.
جڏهن ڪو شخص پهريون ڀيرو Methamphetamine استعمال ڪندو آهي ته اها به ترت دماغ تائين پهچي ويندي آهي.گھٽ مقدار ۾ استعمال ڪرڻ سان Methamphetamine جا ماليڪيول ڪوڪين جيان ڊوپامين کي presynaptic خليي ۾ وڃڻ کان روڪين ٿا.پر ڪوڪين جي ابتڙ جيڪر ميٿ کي گھڻي مقدار ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اها ڊوپامين جي پيداوار جي رفتار کي به وڌايوڇڏي جنهن سبب synapse ۾ ڊوپامين جو مقدار تمام گھڻو وڌيو وڃي جتي اها ڊوپامين فائديمند بڻجيو وڃي ڇو ته ميٿ ڊوپامين کي واپس خليي ۾ وڃڻ کان روڪي ٿي.ڇو ته ايتري گھڻي ڊوپامين Synapse ۾ گھڻي دير تائين موجود رهي ٿي ان ڪري postsynaptic نيورون جي ڪارڪردگي خطرناڪ حد تائين وڌي وڃي ٿي جنهن سان ان شخص کي سخت لذت يا مزي جو احساس ٿيندو آهي.ان ڪري ميٿ نهايت ئي نشي آور دوا آهي.
ڪوڪين ۽ ميٿ جي استعمال جا نتيجا نهايت ئي خطرناڪ نڪرن ٿا.انهيء منشيات جي استعمال سان دماغ جي انعامي نظام جو لاڳاپو دماغ جي باقي ٻين حصن سان هميشه لاء خراب ٿي وڃي ٿو جنهن سبب جذبات،حرڪت ڪرڻ،سوچڻ سمجھڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت تي برو اثر پوي ٿو.انهن دوائن جي مسلسل استعمال سان دماغ جي پوري وائرنگ ئي بگڙي وڃي ٿي جنهن ڪري مسلسل انهن شين کي استعمال ڪندڙ نشئي بعد ۾ انهن شين مان ايترو مزو حاصل نٿو ڪري جيڪو منشيات استعمال ڪرڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ محسوس ڪندو آهي. مزو ته رهيو پنهنجي جڳهه تي پرهاڻي هن کي رڳو پاڻ کي نارمل رکڻ لاء به منشيات ۽ اهڙين دوائن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو ۽ هو نتيجن کان بي پرواهه بڻجي اهي دوائون لاڳيتو استعمال ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي.انهيء حالت کي دوائن جي عادت پئجي وڃڻ يا addiction چئبو آهي.
(روزاني عوامي آواز)

Sunday, June 3, 2018

قرآن ۽ سائنسي راز ؛ ڪائنات ڪيئن ٺهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
سائنسدانن جي چوڻ مطابق ڪائنات جي جوڙ چوڏهن ارب ورهيه پهرين ٿي هئي. بگ بينگ(نهايت ئي زوردار ڌماڪي) جو نظريو ان سلسلي ۾ بيان ڪيو وڃي ٿوجنهن مطابق ڪائنات کي عدم وجود مان وجود ۾ آندو ويو جنهن جا جزا هڪڙي نقطي ۾ بند هئا.ان کان اڳ مادو هو نه توانائي هئي ۽ نه ئي وقت.هڪ وڏي ڌماڪي سبب اهي سڀ وجود ۾ آيا ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل مادو ننڍن وڏن جزن ۾ ورهائجي ويو ۽ خلا ۾ پکڙي هڪ ٻئي کان جدا ٿيندو ويو. مادي جا اهي ٽڪرا اڃا به خلا ۾ تري رهيا آهن ۽ انهن جو تيز رفتار سفر جاري آهي.انهيء نظريي هيٺ مادي جا ننڍا وڏا ٽڪرا ڪٿي سيارا بڻجي ويا ته ڪٿي انهن ستارن جي صورت اختيار ڪئي.پڇڙ تارا  ۽آسمان ۾ ٽمڪندڙ ٻيا اڻ ڳڻيا تارا انهيء ئي نظريي سان تعلق رکن ٿا.زمين جو گولو،سج،چنڊ،مريخ،مشتري ۽ زهل جهڙا ڪيترائي سيارا انهيء بگ بينگ ٿيوري جو نتيجو ٻڌايا وڃن ٿا.
بگ بينگ سان ثابت ٿئي ٿو ته ڪائنات هڪ نه هئڻ واري نقطي مان وجود ۾ آئي.پر سائنس ان عدم يعني “نه هئڻ” واري تصور جي واضح سمجھاڻي ڏيڻ کان لاچار آهي۽ ان کي“ مقدار جي ٻڙي نڪتي ” جي اصطلاح ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو.ان ڳالهه کي اسان هيئن به بيان ڪري سگھون ٿا ته جيڪر اسان ڪائنات جي پکيڙ جي ابتڙ رخ ۾ سفر ڪيون ته اسان کي اها هڪ نڪتي مان جڙندي نظر ايندي توڙي  جو اهڙو سفر عملي طور تي ناممڪن آهي.
جديد سائندان ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪائنات جي شروعات ۽ ان جي جوڙ جو اڪيلي سمجھه ۾ ايندڙ ۽ قابل ثبوت وضاحت “بگ بينگ” ئي آهي ڇوته ان کان اڳ مادي جو وجود ئي نه هو.حالت عدم (Condition of Non existence)هئي جنهن ۾ نه مادو هونه توانائي هئي ۽ نه ئي وقت موجود هو.ان کي مابعد الطبيعاتي طور تي هيئن بيان ڪري سگھجي ٿو ته مادي،توانائي ۽ وقت کي هڪ ئي وقت گڏ پيدا ڪيو ويو.
 1948ع ۾ هڪ آمريڪي ماهر فلڪيات“ جارج گيمو” بگ بينگ جي متعلق هڪ ٻيو خيال پيش ڪيوجنهن مابق هڪ وڏي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هيء ڪائنات وجود ۾ اچي ويئي ۽ ان ڌماڪي بعد شعائن جو هڪ اضافي حصو ڪائنات ۾ باقي رهجي ويوهوندو جن کي برابر نموني پوري ڪائنات ۾ پکڙجي وڃڻ گھربو هو.اهو ثبوت ته “ جنهن کي موجود هئڻ گھربو ” ترت ئي ڳولهي لڌو ويو. 1965ع ۾ ٻن ماهرن “پينزيانس ارنو ۽ رابرٽ ولسن ”  اهڙن شعائن جي لهرن کي اتفاق سان ڳولهي لڌو.انهن شعائن کي ” ڪائناتي پس منظر وارا شعاع” چيو ويو جيڪي ڪنهن خاص ذريعي مان نڪرندي نظر نٿي آيا پر پوري خلائي گولي کي گھيرو ڪيل هئا.جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته ته خلا ۾ جيڪي گرم لهرون هڪئي وقت هر طرف هڪجهڙي نموني شعائن جي صورت ۾ خارج ٿي رهيون هيون اهي بگ بينگ جي شروعاتي مرحلن جي باقيات ئي آهن.پينزيانس ۽ ولسن کي انهيء ئي کوجنا تي نوبل پرائيز ڏنو ويو.
1989ع ۾ ناسا هڪ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪليو جنهنجو نالو “ڪوبي ” هو.ان سيٽلائيٽ موڪلڻ جو مقصد ڪائناتي پس منظر جي شعاعن جي کوجنا ڪرڻ هو.ان سيٽلائيٽ تي اهڙي حساس جائزي جا اوزار لڳل هئا جن رڳو اٺن منٽن ۾ پينزيانز ۽ ولسن ٻنهي ماهرن جي ماپن جي تصديق ڪري ورتي. ڪوبي سيٽلائيٽ ان وڏي ڌماڪي جون باقيات ڳولهي ورتيون هيون جيڪو ڪائنات هڻ جي شروع ۾ ٿيو هو.
بگ بينگ جو هڪڙو بيو ثبوت هائڊروجن ۽ هيليم گئسن جو اهو مقدار هو جيڪو خلا ۾ لڌو ويو هو. آخري جائزن ۾ اهو معلوم ٿي ويو ته ڪائنات ۾ جنهن هائدروجن ۽ هيليم جو گڏ ٿيڻ آهي اهو سندن انهن نظري جائزن سان هڪجهڙائي رکي ٿو جيڪي  بگ بين جي باقيات جو نتيجو هو.جيڪر هن ڪائنات جي ڪا ابتدا ئي نه هجي ها ۽ جيڪر اها ازل کان موجود هجي ها ته پوء اها هائڊروجن هن وقت تائين هيليم ۾ بدلجي ختم ٿي چڪي هجي ها.اهي سڀ اهڙا ثبوت هئا جو سائندانن کي بگ بينگ نظريي کي مڃڻ کان سواء ڪو چاروئي نه رهيو. ڪيليفورنيا يونيورسٽيء جي              “ پروفيسر جارج ايبل ” جي چوڻ مطابق ؛ جيڪو ثبوت هن وقت تائين هٿ آيو آهي ان مطابق هيء ڪائنات ڪيترائي ارب سال پهرين هڪ ڌماڪي سان وجود ۾ آئي هئي.هن اعتراف ڪيو ته ڪائنات جي جوڙ بابت هن وٽ بگ بينگ نظريي کي تسليم ڪرڻ سواء ٻيو ڪو رستو ناهي.
قرآن ڪريم ۾ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ متعلق هن آيت ۾ اشارو ڪيو ويو آهي؛
(اَوَ لَمْ یَرَ الَّذِیْنَ کَفَرُوْآ اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ کَانَتَا رَتْقًا فَفَتَقْنٰھُمَا طوَجَعَلْنَا مِنَ الْمَآءِکُلَّ شَیْئٍ حَیٍّ ط اَفَلَا یُؤْ مِنُوْنَ)                                                                                                                             يعني انڪار ڪندڙن هن ڳالهه تي سوچ ناهي ڪئي ته آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل هئا پوء اسان انهن کي الڳ الڳ ڪيو ۽ هر ساهواري شيء کي پاڻيء سان زندگي بخشي.ڇا پوء به هي ماڻهو (اللہ تعالیٰ جي خالق هئڻ تي) ايمان نٿا آڻين؟
هن آيت ۾ ڪائنات جي شروعات جو نڪتو بيان ڪيو ويو آهي ته ان جي شروعات ايئن ٿي جو هڪڙي گڏيل ۽ هڪٻئي ۾ چنبڙيل مادي کي کولي جدا ڪيو ويو ۽ جنهن مان رب تعاليٰ زمين ، آسمان ۽ بيا آسماني جسم پيدا فرمايا.اسان جي مشاهدي ۾ آهي ته جڏهن به ڪو ڌماڪو ٿيندو آهي ته ان جي نتيجي ۾ ڦيٽاڙو پوندو آهي،سالن کان ٺهيل عمارتون زمين تي اچي ڪرنديون آهن.ماڻهن جي جسمن جا ٽڪرا اڏامي ويندا آهن ۽ جيڪي ڪجهه به انهن ڌماڪن جي رستي ۾ ايندو آهي اهو تباهه ۽ برباد ٿي ويندو آهي. مثال؛ ايٽم ۽ هائڊروجن بمن جا ڌماڪا،ڦاٽندڙ گئسن جا ڌماڪا،لاوا ڇڏيندڙ جبلن جا ڌماڪا ۽ شمسي ڌماڪا وغيره.انهن سڀني جا نتيجا برباد ڪندڙ هوندا آهن ان جي ابتڙ اسان کي جيڪر ڪو چوي ته فلاڻي هنڌ ڌماڪي ٿيڻ جي نتيجي ۾ تباهي ۽ برباديء جي ابتڙ ڪي وڏيون عمارتون جڙي پييون آهن،فيڪٽريون ۽ باغ پيدا ٿي پيا آهن ته اهڙي شخص کي سواء پاڳل چوڻ جي ٻيو اسان ڇا چونداسين؟ڇو ته هن جي اهڙي دعويٰ اسان جي روزمرهه جي مشاهدن جي ابتڙ آهي.پر جيڪر ايئن ئي هجي ته پوء ٿورو سوچيو ته اهو ڌماڪو ٻين ڌماڪن جي ڀيٽ ۾ ڪو نرالو ۽ منفرد ڌماڪو هوندو۽ ان جي پويان ضرور ڪنهن مافوق الفطرت هستيء جو هٿ هوندو. جيئن ته سائنس اسان کي اهوئي ٻڌايو آهي ته هي ڌماڪو هڪ اهڙو ڌماڪو هو جنهنجي نتيجي ۾ وڏيون ڪهڪشائون،ستارا،سيارا وغيره وجود ۾ آيا ۽ اهي سڀ هڪ زبردست نظم ۽ ترتيب سان خلا ۾ پنهنجن مدارن اندر گھمي رهيا آهن.ان ڪري اهو ڌماڪو ظاهر ڪري ٿو ته ته ان غيرمعمولي ڌماڪي پويان هڪ مافوق الفطرت هستيء جي قدرت جو هٿ آهي.جنهن کي اسان اللہ جي نالي سان ڄاڻون ٿا.
مشهور ماهر فزڪس “پروفيسر اسٽيفن هاڪنز” پنهنجي ڪتاب وقت جي مختصر تاريخ  ۾ لکي ٿو ته  هيء ڪائنات  حساب ڪتاب سان طيء ٿيل جائزن ۽ توازنن تي قائم ڪئي ويئي آهي ۽ ان کي اهڙي ته نفاست سان ٺاهي ٺوڪي بنايو ويو آهي جو اسان ان جو تصور به نٿا ڪري سگھون.
قران جي مٿين آيت ۽ سائنسي بگ بينگ نظريي ۾ زبردست هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.انهيء کان سواء سائنسدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪهڪشائن جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين سموري ڪائنات هڪ قسم جي دونهين  جو ڪڪرهئي. قرآن ڪريم ۾ اللہ تعاليٰ ڪائنات جي ان حالت جو ذڪر لفظ “دخان” يعني دونهين سان ڪيو آهي ۽ ان کي اڄ سائنسدانن به تسليم ڪيو آهي.يونيورسٽي آف ايريزونا جي سائنسدان“ ڊينيئل آئزن اسٽين” نئين تحقيق جي روشنيء ۾ بگ بينگ جي نتيجي ۾ جڙيل ڪائنات کي “دونهون ڇڏيندڙ گن ” سان تشبيهه ڏني آهي جنهن مان خارج ٿيندڙ دونهون هڪ خاص انداز ۾ پکڙجي ٿو ۽ ڪائنات به ان نموني سان وڌي رهي آهي.
اللہ تعاليٰ سورت حم سجده ۾ ان طرف اشارو ڪندي فرمايو آهي ته
(ثُمَّ اسْتَوٰی اِلَی السَّمَآءِ وَھِیَ دُخَان فَقَالَ لَھَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِیَا طَوْعًا اَوْ کَرْھًا ط قَالَتَآ اَتَیْنَا طَآئِعِیْنَ)
“ پوء هو آسمان طرف متوجه ٿيو ۽ ان وقت اهو دونهون هو ته هن (ان طرح جي) آسمان ۽ زمين کي چيو ته جڙي وڃو توڙي اوهين چاهيو يا نه چاهيو.ٻنهي چيو اسان مڃيندڙن وانگر حاضر ٿي وياسين.”
“پروفيسر ڊاڪٽر يوشي هائيڊ ڪوزائي” کان جڏهن انهن آيتن تي تبصرو ڪرڻ لاء چيو ويو جن ۾ ڪائنات جي جوڙ بابت ذڪر ڪيو ويو آهي ته هن چيو ته “ قرآن نهايت ئي بلند مقام تان ڪائنات جي وضاحت ڪئي آهي...قرآن جيڪي ڪجھه چيو سو حقيقت ۾ موجود آهي.ڄڻ ته قرآن ڪائنات کي ڪنهن اهڙي جڳهه تان ڌٺو آهي جتان ڪابه شيء لڪيل ناهي رهي.”
جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا ڪو وقت اهڙو به هو جڏهن آسمان دونهون هو ته هن ٻڌايو ته سموريون علامتون ۽ نشانيون ان ڳالهه کي ثابت ڪري رهيون آهن ته هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن آسمان دونهين جو ڪڪر هو. ڪجهه سائنسدان چون ٿا ته اهو “دخان” (Smoke) ڌنڌ (Mist) آهي پر پروفيسر ڪوزائي چوي ٿو ته ڌنڌ دونهين سان مشابهت نٿي رکي ڇوته ڌنڌ جي خاصيت ٿڌي هوندي آهي جڏهن ته فلڪياتي دونهون( Cosmic smoke)گرم ٿيندو آهي.حقيقت ۾ “دخان” مائع گئسن(Diffused gases)مان ٺهيو آهي جنهن سان نهري مواد (Solid substance) به شامل آهي ۽ اها دونهين جي بلڪل صحيح وصف آهي جنهن مان هيء ڪائنات جڙي آهي.
پروفيسر ڪوزائي چوي ٿو ته جيئن ته دونهون گرم هو ان ڪري ان کي ڌنڌ يا ڪهر سان ملائي نٿو سگھجي ۽ “دخان“ انهيء لاء مناسب لفظ آهي.هن جو چوڻ هو ته قرآن مجيد ڪنهن انساني ڪاوش جو نتيجو ٿي نٿو سگھي ۽ اهو هڪ آسماني ڪتاب آهي.
(روزاني عوامي آواز 27 مئي 2018ع)

Sunday, May 6, 2018

قرآن ۽ سائنسي راز ؛ ماکي ۽ ماکيء جي مک.


شفيق الرحمان شاڪر
 دنيا ۾ سمورا جانور ، پکي ۽ ڪيڙا ماڪوڙا وغير پنهنجي حفاظت لاء مختلف قسم جا گھر جوڙين ٿا پر ماکيء جون مکيون جهڙيء طرح پنهنجو خوبصورت گھر جوڙين ٿيون  ۽ انهيء جو انتظام هلائين ٿيون اهو  ٻين جانورن جي وس جي ڳالهه نه آهي.هڪ اندازي مطابق ماکيء جي مک اٽڪل ڏهه ڪروڙ سالن کان دنيا ۾ موجود آهي.سندن انهيء گھر جنهن کي  “ مانارو” يا “ ڇٽ ” چئجي ٿو تنهن ۾ ٽن قسمن جون مکيون موجود ٿين ٿيون.پهرين راڻي مکي Queen Bee، ٻي  بي ڪمي مکي Drone Bee ۽ ٽين پورهيت مکي Worker Bee آهي.اهو مانارو يا ڇٽ ڇهن ڪنڊن وارن خانن تي ٻڌل هوندو آهي.انهيء جون ڀتيون ميڻ سان ڀريل ٿين ٿيون  ۽ گھر جي اندر گرميء جي درجي تي قابو پائڻ لاء ايئر ڪنڊيشننگ جو هڪڙو زبردست  قدرتي نظام موجود هوندو آهي.ماناري جي انهن  اندروني ڇهه ڪنڊي خانن ۾ مکيون ماکي گڏ ڪنديون آهن جڏهن ته ٻاهرين خانن ۾ ماکيء جي حفاظت لاء چوڪيدار مکيون موجود ٿين ٿيون جيڪي ڪنهن به ڪيڙي ماڪوڙي کي ماناري جي اندر وڃڻ نٿيون ڏين.انهن مکين مان هڪ مک سڀني مکين جي سردار يا راڻي هوندي آهي ۽ سموريون مکيون ان جي حڪم جون پابند هونديون آهن.مکيون ان جي حڪم تي روزيء جي ڳولا ۾ نڪرنديون آهن ۽ جيڪر اها انهن سان گڏ سفر تي اسهي ته سموريون مکيون سندس حفاظت ڪنديون آهن.انهن ۾ اهڙو ته نظم ۽ ضبط هوندو آهي جو انساني عقل حيران رهجيو وڃي ته ايڏڙي پتڪڙي مخلوق ۾ ايترو عقل ۽ ايتري سمجهه ڪٿان آئي!مکيون روزيء جي ڳولا ۾ اڏرندي اڏرندي ميلن جو مفاصلو طيء ڪن ٿيون ۽ ماکيء جي تلاش ۾ گل گل ۽ ٻوٽي ٻوٽي جو واس وٺن ٿيون پوء انهن جو رس چوسي اهو کڻي اچي پنهنجي گھر ۾ گڏ ڪن ٿيون.پر مجال آهي جو واپسيء تي پنهن جي گھر جو رستو ڀلجي وڃن.رستي ۾ ڀلي ٻيا سوين مانارا موجود هجن پر اهي سڌو پنهن جي ماناري تي پهچي ڪري ئي ساهه پٽين ٿيون.
رب پاڪ قرآن ڪيم ۾ ماکيء جي مک جي باري ۾ ارشاد فرمايو ته
 “ ۽ تنهن جي پروردگار ماکيء جي مک ڏانهن وحي ڪئي ته جبلن ۽ وڻن ۾ پنهنجو گھر بناء،پوء  هر قسم جي ميوي مان ان جو رس چوس ۽ پنهن جي پروردگار طرفان مقرر ڪيل رستن تي سفر ڪندي رهه.انهن مکين جي پيٽ مان مختلف رنگن جو مشروب نڪري ٿو جنهن ۾ ماڻهن لاء شفا آهي، بيشڪ  سوچڻ واري قوم لاء ان ۾ ( سمجھڻ جون) وڏيون نشانيون آهن.”
ماناري ۾ جنسي طور تي پيدا ٿيندڙ رڳو  راڻي مکي ئي ٿئي ٿي ۽ جسم جي لحاظ کان ٻين مکين کان وڏي ٿئي ٿي.پورهيت مکيون راڻي مک جي پئدائش لاء ٻن ڏينهن جي لاروي جي چونڊ ڪنديون آهن ۽ يارهن ڏينهن بعد پنهن جي بيضي مان ٻاهر نڪرندي آهي.جنهن کان پوء اها ارڙهن نڪمين نر مکين سان لڳ ڪندي آهي.لڳ جي ڏهن ڏينهن بعد اها بيضا ڏيڻ شروع ڪري ٿي ۽ روزانو اٽڪل ٽي هزار بيضا ڏيندي آهي.بي ڪميون مکيون جيڪي نر هونديون آهن انهن جو ماکي ٺاهڻ واري عمل ۾ ڪوبه حصو نه هوندو آهي.انهن جو صرف هڪڙو ئي ڪم هوندو آهي جو اهي راڻي مک سان لڳ ڪنديون آهن ۽ جيڪر ماناري ۾ ڪڏهن کاڌي جي کوٽ ٿي وڃي ته انهن کي ماناري مان ڊوڙائي ٻاهر به ڪڍيو ويندو آهي.پورهيت مکيون جسم جي لحاظ کان ٻين مکين کان ننڍيون هونديون آهن ۽ هڪڙي ماناري ۾ انهن جو انگ پنجاهه کان سٺ هزار هوندو آهي.انهن جي عمر به ڪوٽي هوندي آهي ۽ عام طور تي اهي 28کان 35 ڏينهن زندهه رهن ٿيون.اهي هڪڙي منٽ ۾ 11400 دفعا پنهن جن پرن کي ڦڙڪائين ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو اڏامڻ دوران انهن جي ڀون ڀون ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.پورهيت مکيون بيضن مان ٻچا ڪڍڻ،انهن کي کاڌو مهيا ڪرڻ ۽ انهن لاء رهائشي ڪمرا اڏڻ ۾ هروقت مصروف رهن ٿيون.ڪارڪن مکيون سڄو ڏينهن اڏامي مختلف گلن مان آب حيات   Nectar   گڏ ڪن ٿيون.اهي مکيون خط استوا جي گرميء کان ويندي برفاني علائقن جي سرديء واري ماحول ۾ به زندهه رهن ٿيون.آس پاس گرميء جو درجو ڇا به هجي پر ماناري جو اندروني موسم نهايت ئي خوشگوار ۽ وچٿرو رهي ٿو.ماناري ۾ ماکيء کان سواء ميڻ ۽ پولن جا ذرا به گڏ ڪيا ويندا آهن.جڏهن به ڪا مک هڪ ڀيرو ڪنهن گل ۾ چڪ هڻي ان جو رس چوسي وٺي ٿي ته ان گل تي هڪ خاص قسم جي عطر جو ڦڙو ڪيرائي ٿي ته جيئن پويان ايندر ٻين مکين کي خبر پوي ته هن گل مان رس نڪري چڪو آهي.
قرآن ماکيء کي شفا چيو آهي جنهن جي جديد سائنسي تحقيق به تصديق ڪئي آهي.ماکيء جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا جهڙوڪ اڇو،پيلاڻ ،ڪاراڻ ۽ ڳاڙهاڻ مائل.انهن رنگن جا جدا جدا سبب ۽ خاصيتون ٿين ٿيون پر سڀني قسم جي ماکيء ۾ هڪڙي ڳالهه ساڳي آهي ته اها بيمارين لاء شفا آهي. انگلنيڊ ۾ يونيورسٽيء جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر ڪرافٽ مطابق  حساسيت ۽ بهار جي موسم جي بخار جي متاثر ٻه سو مريضن جو سواء ڪنهن ٻي دوا جي رڳو ماکيء سان علاج ڪيو ويو جيڪي  ٺيڪ ٿي ويا.
َقرآن مجيد  مان ان ڳالهه جي نشاندهي ٿئي ٿي ته مکين جي پيٽ مان مختلف قسمن جون رطوبتون نڪرن ٿيون جن کي علم طب جي زبان ۾ اينزائيمس Enzymes  چئجي ٿو.اهو جوهر مختلف بيمارين جي علاج ۾ مفيد آهي. انهيء آيت جو مفهوم تڏهن واضح ٿيو جڏهن جرمن  ڪيميادانن ماکيء مان “شاهي ميڻ” جو جوهر الڳ ڪيو.ميڻ هڪ اهڙي رطوبت آهي جيڪا پورهيت مکين جي نڙيء مان خارج ٿئي ٿي.ان قوت بخش مادي ۾ کنڊ،پروٽين،سڻڀ ۽ ٻيا مختلف وٽامنز شامل آهن،جرمنيء ۾ انهيء کي رايل جيلي چيو وڃي ٿو جنهنجي تياريء جو هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڏو مرڪز چين آهي.هڪ چيني دواساز ڪمپنيء  “ پيڪنگ رايل جيلي ” جي نالي سان  ميڻ جو هڪ خالص شربت ۽ ان جون سوئيون به تيار ڪيون آهن.ڪمپنيء مطابق؛ اهو شربت سخت جسماني ڪمزوري،جسم جي درد،پراڻين بيمارين جهڙوڪ جگر جي سوڄ،السر ۽ رت جي کوٽ جهڙن مرضن کي فائدو ڏئي ٿو.
قرآن مجيد مک جي اندران نڪرندڙ ان رطوبت کي شفا قرار ڏنو آهي جنهنجي تصديق دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر ڪرافٽ موجب؛ جيڪر ماکيء کي ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي ۾ ملائي ملم جيان ڦٽن تي رکيو وڃي ته ڦٽ سڪي وڃن ٿا.ماکيء ۾ سرڪو ۽ لوڻ ملائي جسم جي داغن تي لڳائڻ سان داغ دور ٿي وڃن ٿا.گلاب جي عرق ۾ ماکي ملائي وارن کي لڳائڻ سان وارن جون جوئون مري وڃن ٿيون ۽ وار نرم ۽ چمڪدار ٿين ٿا.ڊينمارڪ ۽ ٻين ملڪن جي ماهرن تازي تحقيق ڪري اهو ٻڌايو آهي ته ماکيء ۾ طاقتور جرثومن کي مارڻ وارو مادو “پراسپل” موجود آهي. ليبارٽري تجربن ذريعي اهو ثابت ٿيو آهي ته زخمن جي پونء  ۽ سوڄ پيدا ڪندڙ جراثيمن خلاف ٻين سمورين دوائن جي مقابلي ۾ پراسپل زبردست ڪم ڪري ٿو.ٻيون به سوين بيماريون آهن جن لاء ماکي شفا جو ڪم ڪري ٿي.قرآن ڪريم اڄ کان چوڏهن سو سال جنهن شيء کي مرضن لاء شفا قرار ڏنو هو هن وقت تائين ٿيندڙ تحقيق مان ان سلسلي ۾ حيرت ۾ وجھندڙ نتيجا سامهون آيا آهن ۽ قرآن جي صداقت تي اڃا به ايمان وڌيڪ پختو ٿي ويو آهي!
(روزاني عوامي آواز 6 مئي 2018ع)

Monday, April 23, 2018

سوشل ميڊيا کيڏڻ جو ڪو رانديڪو ناهي!


سوشل ميڊيا کيڏڻ جو ڪو رانديڪو ناهي!
شفيق الرحمان شاڪر
دنيا ۾ جيئن جيئن فيس بڪ جو استعمال وڌي رهيو آهي تيئن تيئن سائبر ڪرائيم ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. خاص طور تي پاڪستان ۾ قانون موجود هئڻ باوجود ان تي عمل نٿو ٿئي.فيس بڪ ۽ ڪمپيوٽر جو استعمال زياده تر نوجوان نسل ڪري ٿو جڏهن ته پنجاه سالن کان مٿي عمر وارا ماڻهو گھڻو ڪري ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون استعمال نٿا ڪن.جڏهن ته فيس بڪ وارا پاڻ اهو اعتراف ڪري چڪا آهن ته گذريل سال ستاويهه ڪروڙ ڪوڙا فيسبڪ اڪائونٽ جوڙيا ويا آهن.انهن جعلي فيس بڪ اڪائونٽس استعمال ڪندڙن خلاف نه ته ڪا ڪاروائي عمل ۾ آئي ۽ نه ئي انهن جا اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا.جڏهن ته اهڙا اڪائونٽس ٺاهڻ وارن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.انهن جعلي اڪائونٽس جي ڪري سائبر ڪرائيم جي وارداتن ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.فيسبڪ جو جيڪر صحيح استعمال ڪيو وڃي ته نه رڳو بي روزگارن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي پر انهيء ذريعي گھر ويٺي ڪروڙن جا ڪاروبار به ڪري سگھجن ٿا ۽ ڪيا پيا وڃن.خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري اسپيشل هجن يا اسپيشل ٻارهجن اهي ان ذريعي روزگار حاصل ڪري سگھن ٿا ۽ تعليم پڻ. جڏهن ته سوشل ميڊيا اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا  جي لاء به هڪ بهترين ذريعو آهي.جيڪي ماڻهو پنهنجون ڳالهيون ۽ سوچون اخبارن يا ٽيليويزن ذريعي ماڻهن تائين پهچائي نٿي سگھيا اهي  هاڻي سوشل ميڊيا جو سهارو وٺن ٿا جنهن ۾ فيسبڪ،ٽويٽر،واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام وغيره شامل آهي ۽ هاڻي سوشل ميڊيا دنيا جو طاقتور ترين ميڊيا بڻجي ويو آهي.انهيء کي استعمال ڪندڙ پوري دنيا سامهون پنهنجو موقف بنان روڪ ٽوڪ جي پيش ڪري سگھن ٿا ۽ انهيء ذريعي ڪروڙين ماڻهو هڪ ٻئي سان لاڳاپي ۾ رهن ٿا پرانهن ذريعن جو غلط استعمال سماج لاء بهتريء بدران نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو. نئون نسل جيڪو پنهنجن وڏڙن جي ڀيٽ ۾ آئي ٽي جي ميدان ۾ زياده سرگرم آهي اهو جتي ان جو گھڻو استعمال ڪري رهيو آهي اتي ان سان معاشري ۾ ڪيترائي مسئلا به پيدا ٿي رهيا آهن. موبائيل ۽ سوشل ميڊيا جي اجايي استعمال سبب ماڻهو پنهنجن مٽن،مائٽن ۽ ڪٽنبن کان به گھڻو پري ٿيندا ٿا وڃن جڏهن ته ٻاهرين ماڻهن سان سندن تعلقات وڌي رهيا آهن.جنهن ڪري ويجھا پري جڏهن ته پري وارا ويجھا ٿيندا ٿا وڃن.ان ۾ شڪ ناهي ته ايڪويهين صدي آئي ٽي جي صدي آهي۽ انهيء ذريعي ڪيتريون ئي انقلابي تبديليون به اچي رهيون آهن پر اسان کي پنهنجي زندگيء جي معاملن ۾پاڻ ڊسيپلين قائم ڪرڻو پوندوته جيئن اسان ان جو مثبت ۽ صحيح استعمال ڪري ان مان گھڻي ۾ گھڻا فائدا حاصل ڪري سگھون ۽ انهيء جي خرابين ۽ نقصانن کان پاڻ بچائي سگھون.انهيء جي غلط استعمال کان روڪڻ لاء سماج ۾ آگاهي ضروري آهي.خاص طور تي ٻارجن کي ان جي غلط استعمال متعلق ڪا سمجھه ناهي انهن کي سوشل ميڊيا جي نقصانن ۽ تباهين متعلق لازمي ڄاڻ ڏيڻ گھرجي ته جيئن اهي ان جي هاڃيڪار اثرن کان بچي سگھن.فيسبڪ، واٽس ايپ ، انسٽاگرام ۽ ٻين  ايپليڪيشنز کي استعمال ڪرڻ وقت سخت احتياط جي ضرورت آهي ڇو ته انهن شين  جو اجايو ۽ غلط استعمال ڪنهن کي سائيبر ڪرائيم جي ڄار ۾ ڦاسائي سگھي ٿو۽ ڏوهارين جي فهرست ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.فيسبڪ انتظاميا کي به اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ گھرجي جنهن ذريعي غلط ۽ جعلي اڪائونٽس جي نشاندهي ٿي سگھي ۽ اهڙا اڪائونٽ ٺاهڻ ناممڪن بڻجي وڃي.پاڪستان ۾ سائيبر ڪرائيم متعلق موجود قانون کي موثر نموني فعال ٿيڻ کپي ۽ انهيء قانون تي عمل درآمد يقيني بنائڻ گھرجي. پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ  هڪڙي ان تي استعمال ٿيندڙ بازاري زبان آهي جنهن ذريعي ڪنهن به شريف ماڻهوء جو پٽڪو ڌوڙ ڪري سگھجي ٿو.ٻي ڳالهه بنان تحقيق ۽ ثبوت جي ڪنهن معاملي کي اڳتي پکيڙڻ آهي جيڪو نهايت ئي اڻ وڻندڙ عمل ۽ انساني بنيادي حقن جي صريح خلاف ورزي آهي. اهڙيء طرح  ڪنهن جي تصوير يا وڊيو جعلي نموني ايڊٽ ڪري انهيء کي اپلوڊ ڪرڻ يا اڳتي شيئر ڪرڻ اخلاقي طور تي نهايت ئي گندي ۽ ڪريل حرڪت آهي.جهڙيء طرح اليڪٽرانڪ  ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ مڪمل ذميداريء جو مظاهرو ضروري آهي ساڳي طرح سوشل ميڊيا تي به اهي ساڳيا اصول لاڳو ٿين ٿا.بدقسمتيء سان سوشل ميڊيا تي اڪثر اهڙيون بي بنياد،ڪوڙيون ۽ سنسني خيز خبرون پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاء ملن ٿيون جو مٿو چڪرائجيو وڃي. ڪيترين پوسٽن تي اهو لکيل ملندو آهي ته “جيڪو هن پوسٽ کي شيئر نه ڪندو ان تي لعنت آهي.“ اهڙيون ئي ٻيون غيراخلاقي تلقينون ٿيل ملنديون آهن جيڪا سراسر اڻ وڻندڙ حرڪت آهي.سوشل ميڊيا جو هڪ خطرناڪ ۽ نهايت ئي هاڃيڪار پاسو انهيء ذريعي مذهبي.لساني ۽ فرقيواراڻي نفرت پکيڙڻ به آهي.جنهن سان نه صرف  ٻين جي سخت دل آزاري ٿئي ٿي پر سماج ۾ تعصب ،نفرت ۽ تشدد پسنديء جو ٻج پوکجي ٿو.گھڻن ماڻهن سوشل ميڊيا کي ڄڻ ته پنهنجي لاء راند کيڏڻ جو ڪو رانديڪو ٺاهي ورتو آهي.اهي ٻين جي دل آزاريء ۾ پنهنجو خوشيون تلاش ڪن ٿا.ٻين کي خوار ڪرڻ ۽ کين دنيا توڙي سندن خاندان ۾ رسوا ڪرڻ ۾ دلي مزو اچي ٿو.اهڙن ماڻهن کي ٿورو سوچڻ گھرجي ته جيڪر ڪو ساڳي هلت جو مظاهرو ساڻن يا سندن ڪٽنبن سان ڪري ته ڇا اهي اهو سڀ ڪجھه پسند ڪندا؟ايئن نه ڪرڻ گھرجي.اخلاق،ذميداري،سهڻي گفتگو ۽ وڻندڙ طرز عمل جو دامن ڪنهن به صورت ۾ هٿان نه وڃڻ ڏجي.اجايو ٻين جي عيبن ۽ اوڻاين جي اپٽار نه ڪجي.پنهن جي منهن پاڻ ميان مٺو نه بنجڻ گھرجي . خدا جي ڪائنات تمام ويڪري،وسيع ۽ ڦهليل آهي، پنهنجي نظر ۾ اهڙي ئي وسعت پيدا ڪرڻ گھرجي،سوچن ۾ بدبوء بدران سرهاڻ هئڻ گھرجي ۽ لفظن ۾ تعصب،طنز،طعني،مهڻي.نفرت،ڪيني ،بغض ۽ ساڙ بجاء سچائي هئڻ گھرجي جو سچائي جو پنهنجو جوهر ،پنهنجي طاقت،پنهنجي توانائي ۽ پنهنجي خوشبوء هوندي آهي.جنهن کي سچائي سان ازلي ساڙ ناهي اهو پنهنجي وجود جي ڪنهن به حصي کي ڪوڙ جي ڪن سان ڪڏهن به ڪنو ڪرڻ پسند ناهي ڪندو.
(روزاني عوامي آواز) 

دنيا الائي ڇا مان ڇا ٿي ويندي!



“ يول نوح هراري” ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي هڪ ڪالم نگار “ ٿامس ايل فرائيڊ “ ان اخبار طرفان منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻيء ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته انسانن اهڙي ته منجھيل دنيا ٺاهي ڇڏي آهي جو ترت ئي اسان سڀني کي اهو احساس ئي  نه رهندو ته اسان ڇا مان ڇا بڻجي ويا آهيون.يول نوح هراري اهو اسرائيلي تاريخدان آهي جنهن انساني تاريخ تي ٻه زبردست ڪتاب “ سيپينز ” ۽             “ هومو ڊيوز ” لکيا آهن جن ۾ هن ايندڙ وقت جي باري ۾ ڪيتريون ئي اڳڪٿيون به ڪيون آهن.ان تقريب ۾ ڪيل اڳڪٿين ۾ هن جو چوڻ آهي ته “هٿرادو ذهانت ۽ مشيني عمل سڄي دنيا ۾ هڪ بيڪار طبقي کي جنم ڏيندو.بلڪل اهڙيء طرح جيئن صنعتي انقلاب مزدور طبقي کي پيدا ڪيو هو.ايندڙ ڏهاڪن جي سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهو طبقو اميد ۽ خوف جي وچ ۾ ٽنگيل رهندو.اها ڇڙواڳ ٽيڪنالاجي جنهن بنان شڪ جي انسانن جي  بي پناهه ترقيء ۾تمام گھڻي مدد ڪئي آهي،جيڪر اها هٿ مان نڪري ويئي ته تمام گھڻي خطرناڪ ۽ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي سگھي ٿي.”
انهيء ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته هر ٽيڪنالاجيء جا هاڪاري ۽ ناڪاري ٻئي پاسا ٿين ٿا.هن وقت دنيا جي ڪجھه ملڪن وٽ جيترا نيوڪليئر بم موجود آهن اهي پوري دنيا کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاء ڪافي آهن.ايٽمي جنگ جو تصور ئي ايترو هانء ڏاريندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي جو ڪوبه سوچ سمجھه رکندڙ ذهن ان جنگ جي باري ۾ سوچي به نٿو سگھي پر ڇا اهي سڀ خطرناڪ رانديڪا صرف شوڪيس ۾ سجائڻ لاء جوڙيا ويا آهن؟سوال اهو آهي ته اهڙي جنگ جي امڪان کي سدائين جي لاء ختم ڪرڻ جي باري ۾ هيستائين عالمي برادريء ڪي اپاء ورتا آهن؟اهڙيء طرح موجوده وقت جي ٻين ٽيڪنالاجين اندر ڪافي شرارتون ۽ تباهين جا امڪان هروقت موجود آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ اها ٽيڪنالاجي پاڻ سان گڏ انسان دشمنيء جا ٻيا ڪهڙا ۽ ڪيترا تحفا کڻي ايندي ان باري ۾ ڪجھه چئي نٿو سگھجي.جيڪر اسان انهيء ٽيڪنالاجيء جون سموريون خاميون ۽ خرابيون نظرانداز به ڪري ڇڏيون ته به ان ۾ بذات خود وڏي ۽ خطرناڪ خرابي اها آهي جو ان ۾ بيحد ۽بي حساب طاقت آهي،انڌي ۽ ٻوڙي طاقت! ان طاقت جو مظاهروهن وقت اسان ان صورت ۾ ڏسي رهيا آهيون جو اها هر ملڪ توڙي سماج کي هر ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي ان ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاء مجبور ڪري چڪي آهي.انهيء ٽيڪنالاجيء جو هيستائين جيڪو انساني سماج، خاندان،سياست ،قدرتي ماحول،صحت،سماجي قدرن ۽ روايتن توڙي رشتن تي جيڪي منفي اثر پيا آهن انهن کان انڪار جي گنجائش ناهي پر ايندڙ وقت ۾ دنيا جو نقشو ڇا هوندو،اهو خيال ئي هڪ هيسائيندڙ خيال آهي. سماجي ماهرن مطابق ؛ نئين ٽيڪنالاجي نه رڳو ايندڙ وقت ۾ جمهوريت تي به حاوي ٿي ويندي پر جنهن کي اسان انفارميشن ٽيڪنالاجيء جو جادو چئون ٿا سا اسان جي ذات تي ايتروڪنٽرول ۽ ضابطو اختيار ڪري وٺندي جو اها اسان کي ايترو ته گهرائيء سان ڄاڻندي ۽ سڃاڻندي هوندي جيترو اسان  پاڻ پنهنجو پاڻ کي ڄاڻندا ۽ سڃاڻندا نه هونداسين.اهووقت سامهون آهي جو اسان جي هر چرپر هڪڙي ننڍڙي “چپ“ ذريعي ڪنٽرول ڪئي ويندي ۽ اسان جا سمورا احساس،جذبا.سوچون ۽ خيال ايستائين جو کلڻ ۽ روئڻ به ڪنهن طاقتور رموٽ ڪنٽرول جي وس هوندو.هيء لبرل جمهوريت جنهن تي دنيا جو ڪيترين صدين کان صرف ان ڪري ڀروسو آهي جو اها انسانن جي احساسن ۽ جذبن  کي پنهنجي ماء کان وڌيڪ ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي  پر جيڪر آئيندي ڪو اهڙو ٽيڪنيڪل حساب ڪتاب ايجاد ٿي ويو جيڪو انسان جي نسس نس ۽ خيال خيال جو واقف هجي ۽ وري واقف به ان نموني هجي جو انسان کي اها خبر به نه پئجي سگھي ته ڇا ٿي رهيو آهي ته پوء اها لبرل جمهوريت به هڪ ڏينهن رڳو تماشو ۽ ماضيء جو ڪو قصو بڻجي ڪري رهجي ويندي.ان لمحي جو ٿورو تصور ڪيون جڏهن اسان جي دل ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ اچي ويندي ۽ ٿي سگھي ٿو ته اها ڪنهن غيرملڪي ايجنٽ وارو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي!اهڙو ايجنٽ جيڪو ڪنهن ٻئي کي پنهنجون خدمتون پيش ڪندو هجي پر هن کي پاڻ اهو پتو ئي نه هجي.هڪ اهڙي ماڻهوء جي وس جيڪو ڄاڻندو هجي ته توهان ۾ ڪهڙو جذبو جاڳائڻ لاء ڪهڙو بٽڻ دٻائڻو آهي،توهان کي ڪيئن خوش ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙيء طرح اوهان جي غصي کي ڀڙڪائڻو آهي؟اهو اهڙي قسم جو سنگين خطرو آهي جيڪو انسان جي مٿان ڦيرا ڏيئي رهيو آهي.مثال؛ چونڊن ۾ پنهنجي راء ڏيڻ لاء مشينون ميدان ۾ لهنديون ٿيون وڃن جنهن سرشتي جي ساراهه ڪندي اسان نٿا ٿڪون پر اها مشينري ماڻهن جي انهن منظم ۽ مضبوط ٽولن جي نه پر ذاتي طور تي ووٽ ڏيندڙانسانن جي دشمن آهي.ماضيء ۾ويڇي ۽ فرق جا جذبا گروهن خلاف استعمال ٿيندا آيا آهن پر ايندڙ ويجھن ڏهاڪن ۾ انهن جو استعمال ماڻهن جي ذات خلاف ٿيندو.هاڻي وقت ايڏو ته تيزيء سان گذري رهيو آهي جو صدين ۽ ملينيم جا لفظ ختم ٿيندا ٿا وڃن،هاڻي سڀ ڪجهه سالن جي ڳالهه آهي.تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو اسان کي خبر نٿي پوي ته ايندڙ ويهن سالن ۾ ڇا ٿيندو ۽ انساني سماج جي صورت ڇا هوندي؟صرف جگرافيائي تبديلين جي ڳالهه ڪانهي پر ٻيا به کوڙ سارا سوال جنم وٺن ٿا،مثال؛ ايندڙ ويهن سالن ۾ نوڪريء جون بازارون ڪهڙيون هونديون ۽ ماڻهن کي ڪهڙيون فني مهارتون سکڻ جي گھرج پوندي؟خاندانن جي ڇا صورت ۽ رشتن جي ڪهڙي نوعيت هوندي؟تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان کي خبر ئي ناهي ته ايندڙ وقت ۾ اسڪولن ۾ ڇا پڙهايو ويندو؟دنيا جا ليڊر ۽ سياسي پارٽيون اڃا تائين ماضيء جي نار ۾ ئي ڦرندي نظر اچن ٿا.اهي ته اڃا ويهين صديء جي سمنڊ مان ئي ٻاهر نه نڪتا آهن.انهن جو نه ته ايندڙ ويهن سالن طرف ڌيان آهي ۽ نه ئي انهن جي اندر اها صلاحيت!اڳتي ڏسڻ بدران اهي سڀ جا سڀ  هڪٻئي سان ماضيء جي ميدان ۾ڊوڙ جو مقابلو ڪري رهيا آهن.ٽرمپ 1950ع ۾ واپس وڃڻ گھري ٿو،پيوٽن سترهين صديء جي زار سلطنت ۾ جيئڻ گھري ٿو،اسرائيلي جيڪي پنهنجو پاڻ کي دنيا جي اتم،سڌريل ۽ اڪابر قوم سمجھن ٿا سي 2500 سو سال پويان واري زماني جي سحر مان ٻاهر نه نڪتا آهن جڏهن بائيبل نازل ٿيو هو.دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جون نام نهاد سمورين قومن مان هرڪا صرف پنهنجو پاڻ کي ئي  دنيا جي آخري شاندار ڪهاڻي قرار ڏيڻ واري خوشفهمي يا غلط فهميء جو شڪار آهن.لڳي ته ايئن ٿو ته شايد سڄي دنيا ڪنهن اڻ ڄاتل خوف ۽ عظيم بي يقينيء ۾ ورتل آهي.اهي سڀ جديد ٽيڪنالاجيء ۾ پنهن جي لاء پناهه ڳولهي رهيا آهن.انهن پنهنجون سموريون ليبارٽريون اڌ چرين سائنسدانن ۽ مارڪيٽون لالچي واپارين سان ڀري ڇڏيون آهن پر حقيقي سياستدانن، دانشورن ۽ فلسفين جي نظر اٺ وانگر صرف سامهون نه هوندي آهي.اهي هر ٽيڪنالاجيء جي هر تخليق جي راهه ۾ پنهنجون اکيون وڇائڻ بدران انهن جي خطرناڪ ردعمل وارن اثرن تي به نظر رکندا آهن،انهن کي دنيا جي آئيندي بابت تمام گھڻي پريشاني ۽ ڳڻتي وڪوڙي ويئي آهي. انهن جي اها تشويش ايتري اجائي به ناهي ڇو ته ڪابه طاقتورٽيڪنالاجي ڪنهن به وقت  ساڳي طاقت سان“بيڪ فائر “ ڪري سگھي ٿي.انهيء منجھيل ۽ ٽيڪنالاجيء جي صرف هڪڙي بٽڻ جي رحم ڪرم تي بيٺل هن  دنيا کي ڪجهه  بنيادي اّخلاقي خاطرين ۽ ڪجهه انساني سماجي قدرن جي ٻنڌڻن جي ضرورت جيئن پوء تيئن وڌندي ٿي وڃي.جيڪر صرف جديد ٽيڪنالاجيء جي معراج ئي خوشحالي،ترقي ۽ هر ڪاميابيء جي ڪنجي آهي ته پوء ٽيڪنالاجيء جي هيستائين ظاهر ٿيل هيڏن وڏن ڪرشمن باوجود دنيا جون سموريون قومون ڪنهن اڻ ڄاتل عالمي خوف ۽ بي يقينيء جي گڏيل صورتحال ۾ ڇو ورتل آهن؟
(روزاني جيجل 12 اپريل 2018ع)