سوشل ميڊيا کيڏڻ جو ڪو رانديڪو ناهي!
شفيق الرحمان شاڪر
|
Monday, April 23, 2018
سوشل ميڊيا کيڏڻ جو ڪو رانديڪو ناهي!
دنيا الائي ڇا مان ڇا ٿي ويندي!
“ يول نوح هراري” ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي هڪ ڪالم نگار “ ٿامس ايل فرائيڊ “ ان اخبار طرفان منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻيء ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته انسانن اهڙي ته منجھيل دنيا ٺاهي ڇڏي آهي جو ترت ئي اسان سڀني کي اهو احساس ئي نه رهندو ته اسان ڇا مان ڇا بڻجي ويا آهيون.يول نوح هراري اهو اسرائيلي تاريخدان آهي جنهن انساني تاريخ تي ٻه زبردست ڪتاب “ سيپينز ” ۽ “ هومو ڊيوز ” لکيا آهن جن ۾ هن ايندڙ وقت جي باري ۾ ڪيتريون ئي اڳڪٿيون به ڪيون آهن.ان تقريب ۾ ڪيل اڳڪٿين ۾ هن جو چوڻ آهي ته “هٿرادو ذهانت ۽ مشيني عمل سڄي دنيا ۾ هڪ بيڪار طبقي کي جنم ڏيندو.بلڪل اهڙيء طرح جيئن صنعتي انقلاب مزدور طبقي کي پيدا ڪيو هو.ايندڙ ڏهاڪن جي سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهو طبقو اميد ۽ خوف جي وچ ۾ ٽنگيل رهندو.اها ڇڙواڳ ٽيڪنالاجي جنهن بنان شڪ جي انسانن جي بي پناهه ترقيء ۾تمام گھڻي مدد ڪئي آهي،جيڪر اها هٿ مان نڪري ويئي ته تمام گھڻي خطرناڪ ۽ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي سگھي ٿي.”
انهيء ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته هر ٽيڪنالاجيء جا هاڪاري ۽ ناڪاري ٻئي پاسا ٿين ٿا.هن وقت دنيا جي ڪجھه ملڪن وٽ جيترا نيوڪليئر بم موجود آهن اهي پوري دنيا کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاء ڪافي آهن.ايٽمي جنگ جو تصور ئي ايترو هانء ڏاريندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي جو ڪوبه سوچ سمجھه رکندڙ ذهن ان جنگ جي باري ۾ سوچي به نٿو سگھي پر ڇا اهي سڀ خطرناڪ رانديڪا صرف شوڪيس ۾ سجائڻ لاء جوڙيا ويا آهن؟سوال اهو آهي ته اهڙي جنگ جي امڪان کي سدائين جي لاء ختم ڪرڻ جي باري ۾ هيستائين عالمي برادريء ڪي اپاء ورتا آهن؟اهڙيء طرح موجوده وقت جي ٻين ٽيڪنالاجين اندر ڪافي شرارتون ۽ تباهين جا امڪان هروقت موجود آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ اها ٽيڪنالاجي پاڻ سان گڏ انسان دشمنيء جا ٻيا ڪهڙا ۽ ڪيترا تحفا کڻي ايندي ان باري ۾ ڪجھه چئي نٿو سگھجي.جيڪر اسان انهيء ٽيڪنالاجيء جون سموريون خاميون ۽ خرابيون نظرانداز به ڪري ڇڏيون ته به ان ۾ بذات خود وڏي ۽ خطرناڪ خرابي اها آهي جو ان ۾ بيحد ۽بي حساب طاقت آهي،انڌي ۽ ٻوڙي طاقت! ان طاقت جو مظاهروهن وقت اسان ان صورت ۾ ڏسي رهيا آهيون جو اها هر ملڪ توڙي سماج کي هر ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي ان ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاء مجبور ڪري چڪي آهي.انهيء ٽيڪنالاجيء جو هيستائين جيڪو انساني سماج، خاندان،سياست ،قدرتي ماحول،صحت،سماجي قدرن ۽ روايتن توڙي رشتن تي جيڪي منفي اثر پيا آهن انهن کان انڪار جي گنجائش ناهي پر ايندڙ وقت ۾ دنيا جو نقشو ڇا هوندو،اهو خيال ئي هڪ هيسائيندڙ خيال آهي. سماجي ماهرن مطابق ؛ نئين ٽيڪنالاجي نه رڳو ايندڙ وقت ۾ جمهوريت تي به حاوي ٿي ويندي پر جنهن کي اسان انفارميشن ٽيڪنالاجيء جو جادو چئون ٿا سا اسان جي ذات تي ايتروڪنٽرول ۽ ضابطو اختيار ڪري وٺندي جو اها اسان کي ايترو ته گهرائيء سان ڄاڻندي ۽ سڃاڻندي هوندي جيترو اسان پاڻ پنهنجو پاڻ کي ڄاڻندا ۽ سڃاڻندا نه هونداسين.اهووقت سامهون آهي جو اسان جي هر چرپر هڪڙي ننڍڙي “چپ“ ذريعي ڪنٽرول ڪئي ويندي ۽ اسان جا سمورا احساس،جذبا.سوچون ۽ خيال ايستائين جو کلڻ ۽ روئڻ به ڪنهن طاقتور رموٽ ڪنٽرول جي وس هوندو.هيء لبرل جمهوريت جنهن تي دنيا جو ڪيترين صدين کان صرف ان ڪري ڀروسو آهي جو اها انسانن جي احساسن ۽ جذبن کي پنهنجي ماء کان وڌيڪ ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي پر جيڪر آئيندي ڪو اهڙو ٽيڪنيڪل حساب ڪتاب ايجاد ٿي ويو جيڪو انسان جي نسس نس ۽ خيال خيال جو واقف هجي ۽ وري واقف به ان نموني هجي جو انسان کي اها خبر به نه پئجي سگھي ته ڇا ٿي رهيو آهي ته پوء اها لبرل جمهوريت به هڪ ڏينهن رڳو تماشو ۽ ماضيء جو ڪو قصو بڻجي ڪري رهجي ويندي.ان لمحي جو ٿورو تصور ڪيون جڏهن اسان جي دل ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ اچي ويندي ۽ ٿي سگھي ٿو ته اها ڪنهن غيرملڪي ايجنٽ وارو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي!اهڙو ايجنٽ جيڪو ڪنهن ٻئي کي پنهنجون خدمتون پيش ڪندو هجي پر هن کي پاڻ اهو پتو ئي نه هجي.هڪ اهڙي ماڻهوء جي وس جيڪو ڄاڻندو هجي ته توهان ۾ ڪهڙو جذبو جاڳائڻ لاء ڪهڙو بٽڻ دٻائڻو آهي،توهان کي ڪيئن خوش ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙيء طرح اوهان جي غصي کي ڀڙڪائڻو آهي؟اهو اهڙي قسم جو سنگين خطرو آهي جيڪو انسان جي مٿان ڦيرا ڏيئي رهيو آهي.مثال؛ چونڊن ۾ پنهنجي راء ڏيڻ لاء مشينون ميدان ۾ لهنديون ٿيون وڃن جنهن سرشتي جي ساراهه ڪندي اسان نٿا ٿڪون پر اها مشينري ماڻهن جي انهن منظم ۽ مضبوط ٽولن جي نه پر ذاتي طور تي ووٽ ڏيندڙانسانن جي دشمن آهي.ماضيء ۾ويڇي ۽ فرق جا جذبا گروهن خلاف استعمال ٿيندا آيا آهن پر ايندڙ ويجھن ڏهاڪن ۾ انهن جو استعمال ماڻهن جي ذات خلاف ٿيندو.هاڻي وقت ايڏو ته تيزيء سان گذري رهيو آهي جو صدين ۽ ملينيم جا لفظ ختم ٿيندا ٿا وڃن،هاڻي سڀ ڪجهه سالن جي ڳالهه آهي.تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو اسان کي خبر نٿي پوي ته ايندڙ ويهن سالن ۾ ڇا ٿيندو ۽ انساني سماج جي صورت ڇا هوندي؟صرف جگرافيائي تبديلين جي ڳالهه ڪانهي پر ٻيا به کوڙ سارا سوال جنم وٺن ٿا،مثال؛ ايندڙ ويهن سالن ۾ نوڪريء جون بازارون ڪهڙيون هونديون ۽ ماڻهن کي ڪهڙيون فني مهارتون سکڻ جي گھرج پوندي؟خاندانن جي ڇا صورت ۽ رشتن جي ڪهڙي نوعيت هوندي؟تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان کي خبر ئي ناهي ته ايندڙ وقت ۾ اسڪولن ۾ ڇا پڙهايو ويندو؟دنيا جا ليڊر ۽ سياسي پارٽيون اڃا تائين ماضيء جي نار ۾ ئي ڦرندي نظر اچن ٿا.اهي ته اڃا ويهين صديء جي سمنڊ مان ئي ٻاهر نه نڪتا آهن.انهن جو نه ته ايندڙ ويهن سالن طرف ڌيان آهي ۽ نه ئي انهن جي اندر اها صلاحيت!اڳتي ڏسڻ بدران اهي سڀ جا سڀ هڪٻئي سان ماضيء جي ميدان ۾ڊوڙ جو مقابلو ڪري رهيا آهن.ٽرمپ 1950ع ۾ واپس وڃڻ گھري ٿو،پيوٽن سترهين صديء جي زار سلطنت ۾ جيئڻ گھري ٿو،اسرائيلي جيڪي پنهنجو پاڻ کي دنيا جي اتم،سڌريل ۽ اڪابر قوم سمجھن ٿا سي 2500 سو سال پويان واري زماني جي سحر مان ٻاهر نه نڪتا آهن جڏهن بائيبل نازل ٿيو هو.دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جون نام نهاد سمورين قومن مان هرڪا صرف پنهنجو پاڻ کي ئي دنيا جي آخري شاندار ڪهاڻي قرار ڏيڻ واري خوشفهمي يا غلط فهميء جو شڪار آهن.لڳي ته ايئن ٿو ته شايد سڄي دنيا ڪنهن اڻ ڄاتل خوف ۽ عظيم بي يقينيء ۾ ورتل آهي.اهي سڀ جديد ٽيڪنالاجيء ۾ پنهن جي لاء پناهه ڳولهي رهيا آهن.انهن پنهنجون سموريون ليبارٽريون اڌ چرين سائنسدانن ۽ مارڪيٽون لالچي واپارين سان ڀري ڇڏيون آهن پر حقيقي سياستدانن، دانشورن ۽ فلسفين جي نظر اٺ وانگر صرف سامهون نه هوندي آهي.اهي هر ٽيڪنالاجيء جي هر تخليق جي راهه ۾ پنهنجون اکيون وڇائڻ بدران انهن جي خطرناڪ ردعمل وارن اثرن تي به نظر رکندا آهن،انهن کي دنيا جي آئيندي بابت تمام گھڻي پريشاني ۽ ڳڻتي وڪوڙي ويئي آهي. انهن جي اها تشويش ايتري اجائي به ناهي ڇو ته ڪابه طاقتورٽيڪنالاجي ڪنهن به وقت ساڳي طاقت سان“بيڪ فائر “ ڪري سگھي ٿي.انهيء منجھيل ۽ ٽيڪنالاجيء جي صرف هڪڙي بٽڻ جي رحم ڪرم تي بيٺل هن دنيا کي ڪجهه بنيادي اّخلاقي خاطرين ۽ ڪجهه انساني سماجي قدرن جي ٻنڌڻن جي ضرورت جيئن پوء تيئن وڌندي ٿي وڃي.جيڪر صرف جديد ٽيڪنالاجيء جي معراج ئي خوشحالي،ترقي ۽ هر ڪاميابيء جي ڪنجي آهي ته پوء ٽيڪنالاجيء جي هيستائين ظاهر ٿيل هيڏن وڏن ڪرشمن باوجود دنيا جون سموريون قومون ڪنهن اڻ ڄاتل عالمي خوف ۽ بي يقينيء جي گڏيل صورتحال ۾ ڇو ورتل آهن؟
(روزاني جيجل 12 اپريل 2018ع)
Saturday, April 7, 2018
قرآن ۽ سائنسي راز ؛ آڱرين جا نشان.
شفيق الرحمان شاڪر
قيامت جو انڪار ڪندڙ ان ڳالهه کي مڃڻ لاء
بلڪل تيار ناهن ته اهو انسان جنهن جون هڏيون مرڻ کان پوء سڙي ۽ ڳري وڃن ٿيون،قيامت
جي ڏينهن ان کي واپس زندهه ڪيو ويندو.اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هر انسان پنهنجي اصل
شڪل ۽ صورت ۾ واپس ٻيهر جيئرو ٿي پوي! رب
تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ انهيء سوال جو جواب هن طرح
ڏيڻ فرمايو آهي ته
” ڇا انسان اهو سمجھي ٿو ته اسان سندس هڏيون ( ٻيهر) جمع نه
ڪري سگھنداسين. ڇو نه،اسان ته ان ڳالهه تي به قدرت رکون ٿا ته سندس آڱرين جي پورن
کي به (واپس) ٺيڪ ٺيڪ بنائي وٺون.”
ماء جي پيٽ ۾
حمل جي چوٿين مهيني ٻار جي آڱرين تي نشان ٺهن ٿا جيڪي پئدائش کان وٺي مرڻ تائين
هڪجهڙا رهن ٿا.آڱرين جا اهي نشان آڏين، ڦڏين،گول ۽ وڙن وڪڙن وارين لڪيرن تي مشتمل
ٿين ٿا جيڪي انساني چمڙيء جي اندروني ۽ ٻاهرين حصن جي ملاوت سان جڙن ٿا.ڪنهن به
انسان جي شناخت ۽ سڃاڻپ لاء هٿ جون لڪيرون بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون پر ان ڳالهه
جو انسانذات کي پتو نه هو.ٻه سو سال پهرين آڱرين جا اهي نشان ايتري قدر اهم نه هئا
ڇو ته اوڻويهينء صدي جي آخر ۾ اها ڳالهه دريافت ٿي هئي ته سمورن انسانن جي آڱرين
جا نشان هڪٻئي کان مختلف آهن. 1880ع ۾ هڪ انگريز سائنسدان “ هينري فالڊس” پنهنجي
هڪ مقالي ۾ جيڪو “نيچر ” نالي رسالي ۾
شايع ٿيو هو تنهن ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو هو ته ماڻهن جي آڱرين جا نشان سڄي عمر
تبديل نٿا ٿين ۽ انهن جي بنياد تي اهڙا شڪي ماڻهو جن جي آڱرين جا نشان ڪنهن شيء
مثال، شيشي وغيره تي رهجي وڃن ٿا انهن تي مقدمو هلائي سگھجي ٿو.1884ع ۾ پهريون
ڀيرو ايئن ٿيو جو آڱرين جي نشانن جي سڃاڻپ جي بنياد تي قتل جي هڪ ملزم کي گرفتار
ڪيو ويو هو.ان ڏينهن کان آڱرين جا نشان سڃاڻپ جو اهم ۽ ڪامياب ذريعو بڻجي چڪا
آهن.تنهن هوندي به اوڻويهينء صديء کان پهرين شايد ماڻهن ڀلجي به ڪڏهن اهو نه سوچيو
هوندو ته انهن جي آڱرين جون لهردار لڪيرون به ڪا معنيٰ رکن ٿيون ۽ انهن تي تحقيق
به ڪري سگھجي ٿي.
۔ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ مطابق ؛ “ دنيا ۾ ڪنهن به ماڻهوء جي آڱرين جا
نشان ڪنهن به ٻئي ماڻهوء جي آڱرين جي نشانن سان نٿا ملن توڙي جو اهي جاڙا ڀائر ئي
ڇو نه هجن.اهو ئي سبب آهي جو بين الاقوامي
طور تي به پوليس ڏوهارين جي سڃاڻپ لاء فنگر پرنٽس جو طريقو ئي اختيار ڪري ٿي.”
بناوت جي لحاظ کان انساني چمڙي ٻن تهن تي مشتمل آهي،هڪڙو
ٻاهريون تهه جنهن کي “ برادما” يا Epidermis
چئبو آهي
جيڪو “ايپيٿيليل اوڄن ” جو ٺهيل آهي جيڪي
پاڻ ۾ هڪٻئي سان گھڻو ڳنڍيل هوندا آهن،ان جي اندران هڪڙو ٻيو ٿلهو تهه ٿئي ٿو جيڪو
“ادما ” يا Dermis
سڏائي ٿو.ادما جو مٿاڇرو ڪيترن ئي هنڌن تي
آڱرين وارن اڀارن وانگر اڀريل هوندو آهي.اهي اڀار هٿن توڙي پيرن جي ترين تي
سڀ کان گھڻو ظاهر هوندا آهن.خاص طور تي هٿن ۽ پيرن جي آڱرين جي سڌي طرف انهن اڀارن
جون قطارون ايتريون ته واضح ٿين ٿيون جو انهن جا نشان ڪنهن ڪاغذ يا ڪنهن ٻي شيء تي
حاصل ڪري سگھجن ٿا.هر ماڻهوء جي آڱرين ۽ آڱوٺن
۾ انهن اڀارن جي ترتيب ۽ نمونو بلڪل جدا جدا ٿئي ٿو.يعني ڪنهن شخص جي آڱرين
جا اهي نشان ڪنهن به ٻئي شخص سان نٿا ملن ايستائين جو جاڙن ٻارن جا به نه! پر
ساڳئي ماڻهوء ۾ اهي اڀار هڪجهڙا رهن ٿا ۽
زندگيء جي ڪنهن به مرحلي ۾ نٿا بدلجن البته عمر وڌڻ سان گڏ اهي سائيز ۾ وڌندا ۽ وڏا ٿيندا ويندا آهن. انهن
اڀارن جي ڪنهن به حالت ۾ نه بدلجڻ واري خاصيت جي ڪري ئي اهي نشان ڪنهن به انسان جي
ذاتي سڃاڻپ جو بهترين ذريعو آهن.جيئن ته پگھر جي غدودن جون ناليون برادمي اڀارن جي
چوٽين ۾ کلن ٿيون جنهن ڪري جيئن ئي ڪنهن سڌي سطح کي ڇهجي ٿو ته آڱرين جا اهي نشان
انهيء شيء تي نقش ٿيو وڃن.
جديد سائنس ويجھڙائيء ۾ ئي اهو انڪشاف
ڪيو آهي ته ڏوهن جي جاچ ۾ پوليس کي تمام جلد آڱرين جي نشانن ذريعي ماڻهن جي طرز
زندگيء جي باري ۾ به اهڙي معلومات ملي سگھندي جنهن ذريعي ڏوهارين تائين پهچڻ ۾
آساني پيدا ٿيندي. برطانيا ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيقات
۾اهڙا امڪان پيدا ٿيا آهن جن مان سگريٽ
نوشي،منشيات جي استعمال يا آڱرين جي نشانن ۾عمر سان گڏوگڏ پيدا ٿيندڙ تبديلين جو
پتو لڳائي سگھجي ٿو. ڊاڪٽر
جڪيلز جو چوڻ آهي ته جڏهن انسان ڪنهن شيء کي ڇهي ٿو ته ڪجهه نامياتي مرڪب آڱرين جي
پورن مان ان شيء تي لڳي وڃن ٿا.هن چيو ته آڱرين جي پورن ۾ ڪيترائي نامياتي مرڪب
پاتا وڃن ٿا ۽ اهي ڪيترن ئي امڪانن کي جنم ڏين ٿا.ان نموني جو ئي هڪڙو نامياتي
مرڪب “ سڪيولين “ آهي جنهن
مان ڪوليسٽرول ٺهي ٿو،وڏي مقدار ۾ آڱرين جي پورن ۾ موجود آهي.ڊاڪٽر جڪيلز مطابق؛
بالغن،ٻارن ۽ پوڙهن جي آڱرين مان مختلف قسمن جا نامياتي مرڪب شين کي ڇهڻ سان انهن
شين تي رهجي وڃن ٿا.ان کانسواء منشيات استعمال ڪندڙ ماڻهن جي آڱرين جي پورن مان
جيڪي نامياتي مرڪب شين تي لڳن ٿا انهن ۾ نشي وارين شين جا اثر به موجود ٿين ٿا . رب
تعاليٰ مٿين آيت ۾ انڪار ڪندڙن کي جواب ڏيندي فرمائي ٿو ته هو نه صرف سمورن انسانن
جي هڏين کي ٻيهر به اهڙيء طرح جوڙي ڇڏيندو جهڙيء طرح اهي پهرين هيون بلڪه انهن جي
آڱرين جي پورن جا نشان به ساڳي طرح ترتيب ڏيئي ڇڏيندو جيئن اهي پهرين هئا.قرآن هتي
انسانن جي سڃاڻپ جي حوالي سان آڱرين جي نشانن کي آخر ايتري اهميت ڇو ڏيئي رهيو آهي
جڏهن ته 1880ع کان اڳ آڱرين جي نشانن ذريعي انسانن جي انفراديت ۽ شناخت جو ڪو تصور
ئي موجود نه هو. اربن کربن انسانن جي موت بعد قيامت جي ڏينهن ٻيهر انهن کي جيئرو
ڪرڻ جڏهن انهن جون هڏيون ذرا ذرا ٿي سڙي ۽ ڳري وييون هونديون،ٻيهر انهن کي سندن اصل
صورت ۾ پيدا ڪرڻ بلڪه آڱرين جي پورن جي به ساڳي ترتيب بحال ڪرڻ،رب تعاليٰ جي
عظمت،وڏائي،قوت ۽ قدرت جو چٽو ثبوت اهي.ان ڪري اها ڳالهه ڪنهن دليل جي محتاج ناهي
ته رب تعاليٰ انسان جي آڱرين جي نشانن ۾ جيڪو راز لڪيل رکيو آهي سو سندس قدرت جي
نشانين مان هڪ نشاني آهي ۽ رب تعاليٰ جيڪا
بي مثال انجنيئرنگ ۽ ڊزائيننگ صرف چند چورس سينٽي ميٽرن جي ايراضيء ۾ ڪئي آهي ڪنهن
انسان جي وس جي ڳالهه ناهي.
قرآن حڪيم اڃ کان 1400 سال اڳ ئي انسان جي انفرادي سڃاڻپ ۽ شناخت جي حوالي
سا ن سندس آڱرين جي پورن ۽ نشانن جي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي،علم،عقل ۽ داڻش جا گھوڙا
انهيء نڪتي تي هاڻي پهتا آهن.
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو