Friday, January 26, 2018

دنيا جي پهرين مڪمل سولر ڪار تيار.


دنيا جي پهرين مڪمل سولر ڪار تيار.
شفيق الرحمان شاڪر
هالينڊ جي هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپنيء دنيا جي پهرين پوري طور تي سج جي توانائيء تي هلندڙ  ڪمرشل ڪار متعارف ڪرائي آهي ۽ انهيء کي “ ڪلائيميٽ انوينٽرا ايوارڊ ” به ڏنو ويو آهي. اهاڪار هالينڊ جي ڪمپني “ دي لائيٽ ايرون” ڊزائين ڪئي آهي جنهن جي دعويٰ آهي ته هيء ڪار پنهنجو پاڻ کي پاڻهي چارج ڪندي رهي ٿي ۽ هڪ ڀيرو بيٽري پوريء ريت چارج ٿيڻ کان پوء 400 کان 800 ڪلوميٽر مفاصلو طيء ڪري سگھي ٿي.
ياد رهي ته هڪ ڊگھي عرصي کان سج جي توانائيء تي هلندڙ ڪارن تي کوجنا جاري آهي پر اڄ تائين ڪا ڪمرشل ڪار سامهون نه اچي سگھي جيڪا ٻين گاڏين جو مقابلو ڪري سگھي. مثال؛ ٽويوٽا جي هڪ ڪار“ پرائيس” شمسي توانائيء سان صرف 4 ميلن  جو مفاصلو طيء ڪري ٿي ۽ ان کي بجليء سان چارج ڪرڻ جي بار بار ضرورت پوي ٿي.
اهوئي سبب آهي جو پوريء طرح سج جي روشنيء تي هلندڙ ڪارون نه ٺهي سگھيون.تڏهن ه هن وقت تائين جيڪي به بجليء جي چارجنگ تي هلندڙ ڪارون ٺاهيون وييون آهن انهن ۾ ٿورا گھڻا سولر سيلز لڳل هوندا آهن جيڪي ڪجھه بجلي مهيا ڪن ٿا. انهن کي سولر اسسٽيڊ اليڪٽرڪ وهيڪل  (SAEV)چيو وڃي ٿو.     
هينئر به لائيٽ ايرون جي دعويٰ آهي ته اها ڪار نه رڳو سج جي توانائيء سان ڊوڙندي پر ان لاء سموري گھربل ٽيڪنالاجي به تيار ڪري ڇڏي ويئي آهي.ان سلسلي ۾ پنج هيٺيون ڪمپنيون ڪيترن ئي سالن کان محنت ڪري رهيون آهن البت ان ڪار جي اصل تصوير يا تفصيل جاري نه ڪيو ويو آهي. خود ڪمپنيء جي ويب سائيٽ تي به ڪار جي شڪل موجود ڪانهي، ڪمپنيء جي ويب سائيٽ موجب 2019ع ۾ پهريون ڏهه ڪارون صرف يورپ ۾ پيش ڪيون وينديون ۽ سال 2020ع ۾ وڌيڪ 100 ڪارون بنائي وڪري لاء پيش ڪيون وينديون.