Monday, March 25, 2019

ڇا انسان ۾ واقعي ڇهين حس موجود آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
جيڪر اوهان کي لڳي ٿو ته ان جي حقيقت رڳو فلم کان ڪجهه وڌيڪ آهي ته اوهان جي نفسياتي حالت بلڪل نارمل آهي.” دي سڪسٿ سينس “ فلم ۾ هالي جوئل اوسمنت وٽ هڪ خاص صلاحيت آهي“ ڇهين حس“! پر انهيء ڇهين حس ذريعي اوهان مئل ماڻهن کي ڏسڻ جي قابل نه بڻجي ويندا.عام طور تي اها معلوم ٿيل پنجن حواسن کان الڳ قسم جي اضافي ” ڇهين حس” واقعي هوندي به آهي يا اهو رڳو هڪڙو خيال آهي؟
ڇهين حس جو اصطلاح اهڙن موقعن تي استعمال ڪيو وڃي ٿو جو اسان کي ڪنهن اهڙي ڳالهه جي ڄاڻ ملي وڃي جيڪا ظاهر ۾ اتي موجود ئي نه هجي.مثال؛ اوهان کي محسوس ٿيڻ لڳي ته ٽرين ۾ اوهان جي سامهون ويٺل هڪ شخص ڪو ڏوهه ڪيو آهي يا اوهان کي اوچتو محسوس ٿيڻ لڳي ته ڪا گڙٻڙ يا نقصان ٿيڻ وارو آهي جيئن اوهين ايمرجنسيء ۾ گھران نڪتا ته پنهنجي ٻار کي ڪچن جي فرش تي کيڏندي ڇڏي آيا هئا.
فلم ”سڪسٿ سينس“ ۾ بالي جوئل مئل ماڻهن سان ڳالهائي ٿو.جيڪر اوهان اها فلم ناهي ڏٺي ته ڏسو،ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه خوبصورت چريائپ ضرور ڏيکاري ويئي آهي.”مون کي پهريون ڀيرو مئل ماڻهو نظر اچن ٿا“ اهو جملو ان فلم کان ئي مشهور ٿيو هو.
ڇهين حس هئڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته جيئن ڊرامن ۽ فلمن ۾ مئل ماڻهن سان ڳالهيون ڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو.ڇهين حس مان مراد هيء چئي سگھجي ٿي ته ڪنهن کي ان ڳالهه جو احساس ٿي وڃي ته ڪو نهايت سٺو يا خراب واقعو ٿيڻ وارو آهي.ڇهين حس جو اصطلاح استعمال ڪرڻ سان اسان انسان پنهنجي حواسن جي انگ کي محدود ڪري ڇڏيندا آهيون جڏهن ته اهو چوڻ هڪ غلطي آهي ته اسان وٽ رڳو پنج حسون آهن.مثال؛ ڪجهه اضافي حواسن جا نالا هي آهن؛ ”نوسيپشن“ يعني درد محسوس ڪرڻ جي صلاحيت،”ٿرموسيپشن“ يعني گرميء جي درجي ۾ ٿيندڙ تبديليء کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت،”پروپريسپشن“ يعني جسم ۾ موجود سنڌن جو جسم سان تعلق محسوس ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ”ايڪيولبريسپشن“ يعني توازن ۽ وقت جو احساس وغيره. هڪ ٻي اهم صلاحيت اها آهي جو اسان محسوس ڪري وٺندا اهيون جڏهن ڪنهنجو وزن گھٽجي رهيو هجي يا ڪنهنجو پيٽ ڀرجي پيو هجي ۽ جسم کي وڌيڪ کاڌي جي گھرج نه هجي.پيٽ جيڪو ظاهر ۾ هڪ حقيقي شيء آهي پر ان جي حس الڳ نموني ڪم ڪري ٿي.آئيندي جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي ته اوهان ضرورت کان وڌيڪ کائي رهيا آهيو ته کيس ٻڌايو ته اوهان جي اها حس مري چڪي آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اسان مان هر ڪنهن وٽ ڇهين حس هوندي آهي؟پڪ سان اسان مان هر ڪنهن ۾ اها قابليت ۽ صلاحيت موجود آهي جو اسان پنهنجن باقي حواسن مان هڪ ٻي حس پيدا ڪري سگھون پر پنجن حواسن سواء اهو هرگز ممڪن ناهي.ڪجهه مذهبي حلقن ۾ ڇهين حس کي خدا يا فرشتن جي موجودگيء جي ثبوت طور پيش ڪيو وڃي ٿو.ڪجهه ماڻهو انهيء کي اندروني ڪشف ۽ الهام چون ٿا جو جڏهن به اوهان کي ڪنهن شيء يا ايندڙ وقت جي باري ۾ عجيب محسوس ٿئي ٿو.ايندڙ دفعي جڏهن به اوهان جي ڇهين حس اوهان کي ڪجهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ته انهيء تي غور ڪرڻ ۽ ان جي باري ۾ سوچڻ کان اڳ ان ڳالهه کي ياد ڪري ڇڏيو ته زندگي بدلجي رهي آهي،بيهي ناهي رهي۽ ان وقت جڏهن اوهان پنجن حواسن کي استعمال ڪري ڪنهن ڇهين حس جي باري ۾ يقين ڪري رهيا هوندا آهيو ته دراصل اوهان سمورن ٿي سگھندڙ امڪانن تي سوچي رهيا هوندا آهيو. تجربن  ۽ اڀياس بعد سائنسدانن اها تصديق ڪئي آهي ته انسان ۾ ڇهين حس موجود آهي جيڪا انسان کي مقناطيسي ميدان کي محسوس ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ ان مقناطيسي ميدان ۾ تبديلي آڻي پکين ۽ جانورن کي ان رستي کان ڀٽڪائي به سگھجي ٿو.سائنسدانن هڪ تجربي ذريعي ميون جي باغ  جي مک ۾ انساني اک جي ريٽينا جو پروٽين داخل ڪيو،تحقيقاتي ماهرن مطابق مک پنهنجي اڏام جا رستا بدلائي ڇڏيا هئا جڏهن ته اڃا مک جي اک ۾ به ڪنهن قسم جي تبديلي نه آندي ويئي هئي.ان تجربي مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته انسان ۾ به ڇهين حس موجود آهي پر اسان ان کان اڻ ڄاڻ رهون ٿا.ٻيا جانور ان حس جو استعمال لڏپلاڻ دوران ڊگھن مفاصلن جو پتو لڳائڻ لاء ڪن ٿا جڏهن ته پکي اهو ڏسڻ لاء ته اهي انهن ڊگھن رستن تي ڪٿي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن.
موضوع طرف واپس اچون ٿا.ماڻهو چون ٿا ته اهي اهڙيون شيون محسوس ڪري سگھن ٿا جن کي اهي ڏسي به نٿا سگھن جيئن ڪنهن شخص جي ظاهري شڪل م تبديلي يا ان سان پيش ايندڙ واقعا وغيره.آسٽريليا ۾ ميلبورن يونيورسٽيء سان تعلق رکندڙ هڪ آپٽڪ سائنسدان ”پيرز هووي“ جو چوڻ آهي ته ڪنهن قسم جو جادو يا ڇهين حس نه هوندي آهي.ان احساس جي مڪمل وضاحت ”معلوم بصري عوامل“ جي شرطن م ڪري سگھجي ٿي.”نيچر ڪميونيڪيشنز ميگزين“ ۾ شايع ٿيندڙ هڪ تحقيق مطابق عام طور تي جنهن قسم جي ڇهين حس جي اسان دعويٰ ڪندا اهيون اها حقيقت ڪانهي.جيڪر ڇهين حس قرار ڏيڻ گھرجي ته اها زمين جي مقناطيسي ميدان کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت هوندي.سائنسي رسالي ؛جرنل“ مطابق جيڪي ماڻهو ڇهين حس سان محسوس ڪن ٿا اهي اصل ۾ انهن جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ واري نظام کي محسوس ٿيندڙ ان تبديليء جو احساس آهي جنهن جي وضاحت اهي پاڻ به نٿا ڪري سگھن ته کين ان ڳالهه جي خبر ڪيئن پيئي آهي.گھڻا امريڪي ان ڳالهه تي ويساهه رکن ٿا ته ڪيتريون ئي غيبي قدرتي طاقتون موجود آهن.هڪ سروي ۾ اها به خبر پيئي آهي ته هڪ ڀاڱي ٽي ماڻهو اضافي ادراڪي حواسن تي ويساهه رکن ٿا ۽ ٻه ڀاڱي ٽي ماڻهن غير معمولي آسيبي تجربن مان گذرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ڪجهه سائنسي اڀياسن ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو آهي ته ڪجهه ماڻهو دعويٰ ڪن ٿا ته ڪجهه پيش اچڻ کان پهرين اهي آئيندي وقت جي باري ۾ اڳڪٿي ڪري سگھن ٿا.وڌيڪ اڀياس مان ڪڍيل نتيجن مام معلوم ٿيو ته آئيندي جي انگن اکرن مان نڪتل نتيجن جي هڪ ناقص راء پيش ڪرڻ جهڙو عمل آهي. پيرز هووي سائنسي رسالي “لائيو سائنس“ کي ٻڌايو ته هن جي دلچسپي ان وقت وڌي جڏهن هڪ شاگردياڻي دعويٰ ڪئي ته هن وٽ جادو ئي قسم جي ڇهين حس آهي.هن دعويٰ ڪئي ته هوء اهڙيون شيون به محسوس ڪري وٺي ٿي جن کي هوء ڏسي نٿي سگھي جيئن ڪنهن دوست کي حادثو پيش اچڻ وغيره.پيرز هووي ۽ ميلبورن يونيورسٽيء جي ماهر نفسيات مارگريٽ ويب پنهنجن شڪن جي تصديق لاء ان شاگردياڻيء جي ڇهين حس جي آزمائش وٺڻ جو فيصلو ڪيو.هن پنهنجن دوستن جون هڪ خاص انداز ۾ ڪجهه تصويرون ٺاهيون جن ۾ ڪمپيوٽر ذريعي ظاهري حليي ۾ معمولي تبديليون ڪيون وييون،جيئن هڪ تصوير ۾ هن جي دوستن عينڪون پائي رکيون هيون جڏهن ته ٻين ۾ نه يا هڪڙي تصوير ۾ لپ اسٽڪ لڳايل هئي جڏهن ته ٻي تصوير ۾ بنان لپ اسٽڪ جي دوست موجود هئا.تجرباتي ٽيم 48 انڊر گريجوئيٽ شاگردن کي پهرين تصوير ڏيڍ سيڪنڊ لاء ڏيکاري ءٌ هڪ سيڪنڊ جي وقفي بعد ٻي تصوير سامهون آندي ويئي.ان کان پوء شاگردن کي انهن تصويرن م فرق ڪرڻ لاء چيو ويو.شاگردن کي هڪ لسٽ ڏني ويئي جنهن مان چونڊ ڪرڻي هئي ته انهن ٻنهي تصويرن ۾ ڪهڙو ممڪن فرق موجود آهي.حصو وٺندڙ شاگردن تصويرن ۾ موجود تبديلين کي ضرور محسوس ڪري ورتو هو پر سڀ شاگرد انهن تصويرن ۾ موجود فرق ۽ تبديلين جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ڪا سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھيا ايستائين جو تبديلين مثال هڪ دوست جيڪو مٿي تي وڏي ميڪسيڪن ٽوپيء جي غير موجودگي جي نشاندهي ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيا يا وري اهڙي تبديلي ٻڌائي جيڪا موجود ئي نه هئي.اهو ئي مامرو انهن دوستن سان به پيش آيو جيڪي تصويرن م موجود هئا جڏهن انهن تبديلين کي محسوس ڪيو پر اهي لسٽ ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي نه ڪري سگھيا ته ڪهڙيون ممڪنه تبديليون ٿي سگھن ٿيون.پيرز هووي ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو ته دماغ منظرن کي سمجھڻ لاء بصري ماپ کي حصن ۾ ورهائي ٿو جيئن اوندهه،رنگ،اڀو يا ان جي ابتڙ حصو پر دماغ اسان کي اهو نٿو سمجھائي سگھي ته اسان انهن حصن ۾ ٿيندڙ ان ممڪنه تبديليء کي ڪيئن بيان ڪريون ۽ ان جو اشارو ڪيئن ڪريون.ٻئي تجربي ۾ ٽيم شاگردن کي ڳاڙهي ۽ سائي رنگن جي ڊسڪ هڪ ليڪ ۾ ترتيب سان ڏيکاري ويئي ۽ هڪ ڀيرو وري ان سلسلي کي  مختلف ترتيب سان ورجايو ويو.هڪ دفعو وري شاگردن ترتيبي تبديليء کي محسوس ته ڪري ورتو پر ان جي وضاحت ڪرڻ ۾ هو وري به ناڪام رهيا ۽ جڏهن ٽيم ترتيب سان رکيل سمورين ڳاڙهين ۽ ساين ڊسڪن مان ڪجهه ڊسڪن جو رنگ تبديل ڪيو ته شاگردن جي ڇهين حس مڪمل طور تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ويئي.نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهڙن مرحلن م ڇهين حس جي يقين جي اصليت جنهن ۾ اهو شخص سمجھي ٿو ته هن الهامي طور تي ڪنهن اهڙي شيء جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي آهي جيڪا هن ڏٺي ئي ڪانهي.هو ان ڳالهه جو انڪار ڪري ٿو ته اها ڄاڻ هن ڪنهن ٻئي ذريعي سان محسوس ڪئي يا ڏٺي آهي جيڪا بصري ماپ جي معيار ۾ اختلافن سبب خيال جي صورت ۾ دماغ انهن کي پيش ڪري ٿو. اهڙي ڪابه بصري پيمائشي غلطي  حس نه چورائيندي جيڪا فزڪس جي عام قائدن کان ٻاهر نڪري ڪم ڪندي هجي.پيرز هووي جي شاگردياڻيء جي معاملي ۾ شايد ان شاگردياڻيء ظاهر ۾ ڪٿي نهايت معمولي تبديليء کي پنهنجي آسپاس ماحول مان پنجن حواسن ذريعي محسوس ڪيو هوندو پر هن کي پاڻ به ان ڳالهه جو اندازو نه ٿيو هوندو ته هوء هڪ اهڙي صورتحال منجھان پنهنجي الهام ۽ ڪشف لاء ڪنهن اشاري کي پنهنجي ڇهين حس جي طور تي چونڊي چڪي هئي ته هن جي دوست کي حادثو پيش اچي چڪو آهي.پيرز هووي وڌيڪ چيو ته ان موضوع تي مطالعو ڪرڻ جو مقصد انهن ماڻهن کي قائل ڪرڻ هو ته جيڪي اڻ ڏٺي مخلوق ۽ طاقتن تي انڌو ويساهه رکن ٿا.اسان ان کي ثبوت طور پيش ڪري سگھون ٿا پر اهي ماڻهو جيڪي سمجھن ٿا ته انهن وٽ ڇهين حس موجود آهي اهي ان تي يقين ڪندا رهن ڇو ته اها خوشفهمي آهي جو انهن وٽ ڇهين حس جهڙي ڪا صلاحيت موجود آهي.پنجن حواسن سان ئي معلوم نتيجا ڪڍڻ جي صلاحيت ڪا جادوئي خوبي هرگز ڪانهي.

(روزاني ڪلياڻ 25 مارچ 2019ع)

Tuesday, March 12, 2019

ٻار مشينون ناهن هوندا!



شفيق الرحمان شاڪر
ٻار سکڻ جي جبلت رکندو آهي.پير يا هٿ جو آڱوٺو وات ۾ وجھي چوسڻ،ڊوڙندي ٽڪرائجي وڃڻ،رڙ تي ٻين جو رد عمل،راند.لولي،اهو سڀ ڪجهه ٻار کي هن دنيا ۾ رهڻ جو طريقو سيکاري ٿو.اوڀر يورپ ۾ ڪميونزم جي دور ۾ 1966ع ۾ رومانيا جي صدر نڪولائي چائوشسڪو جي ذهن م هڪ خيال آيو ته ”اسان جي ملڪ جي آبادي تمام گھٽ آهي،ان جو مطلب اهو ته ڪم ڪندڙ هٿ گھٽ آهن ان ڪري اسان ترقي نه ڪري رهيا آهيون.اسان کي پنهنجو انگ وڌائڻو آهي ۽ گھڻا ٻار پيدا ڪرڻا آهن.“
حمل روڪڻ وارن طريقن تي پابندي وڌي ويئي،حڪومتي ڊاڪٽر عورتن جو معائنو ڪندا هئا ته هر عورت پنهنجي ملڪ جي آبادي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي يا نه.انهن ڪٽنبن تي ٽيڪس وڌا ويا جن جي ٻارن جو انگ پنجن کان گھٽ هوندو هو.ڏهن کان مٿي ٻار پيدا ڪندڙ عورتن کي ”هيروئن ماء“ جو ميڊل ڏنو ويندو هو،اهي قدم گھڻو اثرائتا رهيا ۽ ٻارن جي پيدائش جي شرح ۾ نمايان اضافو ٿيو.پر ڪيترائي غريب ڪٽنب پنهنجن ٻارن جي پرورش نه ڪري سگھندا هئا،انهن سندن ٻار پالڻ لاء حڪومتي ادارن حوالي ڪري ڇڏيا.حڪومت ڌڙا ڌڙ  اهڙا ادارا کولڻ شروع ڪيا جتي ٻارن کي پاليو ويندو هو. جيستائين چائوشسڪو جي حڪومت ختم ٿي هڪ لک ستر هزار ٻار انهن ادارن ۾ رهائش پذير هئا.سائنسدانن ترت ئي اهو پتو لڳائي ورتو ته اهو عمل ٻارن جي ذهني اوسر ۽ نشو نما لاء ڪيتري قدر برن نتيجن وارو هو.سرڪاري پاليسين انهن کي ڪيترو وڏو نقصان رسايو هو.انهيء تي بوسٽن اسپتال جي ڊاڪٽر نيلسن جڏهن پنهنجي اسٽڊي ڪئي ته اهو ڏسي حيران رهجي ويو ته انهن ننڍڙن ٻارن سان مشينن جيان سلوڪ ڪيو ويندو هو.کاڌي،ڪپڙن،صفائي يا ٻين شين جو مسئلو نه هو پر مسئلو توجه ۽ ڌيان جو هو.پندرهن ٻارن جي سار سنڀال لهڻ لاء رڳو هڪ ماڻهو مقرر هو.ان کي اها هدايت مليل هئي ته ٻار روئي يا ڪجهه به ڪري ان طرف ڪو به ڌيان ناهي ڏيڻو.انهيء کي کڻڻو ناهي،انهيء کي پيار ناهي ڏيڻو،هو پاڻهي عادي ٿي ويندو.ملڪ ۾ ايڏي افرادي قوت ناهي جو انهن ٻارن جا ناز نخرا برداشت ڪيا وڃن،انهن سان محبت ظاهر ڪرڻ به منع هو.ٻارن نيٺ روئڻ بند ڪري ڇڏيو هو.انهن کي هڪ ئي قسم جو لباس،هڪ ئي طريقي جي ٽوائليٽ ٽريننگ،هڪ جهڙي حجامت،هڪ ئي وقت تي کاڌو ڏنو ويندو هو.ان جو هڪڙو ٻيو نتيجو اهو نڪتو جو اهي سڀ ٻار محبت جا بکيا رهجي ويا.جڏهن نيلسن انهن وٽ آيو ته هو ٻڌائي ٿو ته هر ٻار هن ڏانهن ڊڪڻ لڳو،ڪو سندس ٻانهن پڪڙڻ لڳو ته ڪو سندس ڪڇ ۾ ويهي رهيو،ڪو ڪلهي ٿي چڙهي ويو،ڪو ساڻس گڏ هلڻ لڳو.اها پهرين نظر ۾ ته پياري شيء لڳي ٿي پر نظر انداز ڪيل ٻار ڪجهه ان قسم جي صورتحال جو ئي شڪار ٿين ٿا ۽ اهو هر هنڌ نظر ايندو آهي.جڏهن ننڍپڻ ۾ والدين يا وڏن کان محبت ۽ شفقت نه ملي هجي ته پوء زندگي ۾ ڪنهن کان به نتيجن جي پرواهه ڪرڻ سواء تعلق بنائڻ جي ڪوشش،رشتا جوڙڻ جا مسئلا،ڊگھي عرصي جي اٽيچمينٽ ۾ ڏکيائيون وغيره.
نيلسن اهي حالتون ڏسي گھڻو پريشان ٿي ويو. هن ڇهن مهينن کان ٽن سالن تائين جي 136 ٻارن کي اسٽڊي ڪيو جيڪي شروع کان اتي رهيل هئا.انهن جي آئي ڪيو ليول عام رواجي ليول کان گھٽ رهجي ويئي هئي.انهن جي دماغ جي صحيح اوسر نه ٿي سگھي هئي.جڏهن انهن جي اي اي جي ڪئي ويئي ته نيورل ايڪٽويٽي گھٽ هئي.اهڙو ماحول جتي جذباتي لڳاء نه ملي ۽ ذهن متحرڪ نه رهي ان ماحول ۾ دماغ جي صحيح اوسر نه ٿي ٿئي.نيلسن جي اسٽڊيء جو هڪ هاڪاري پاسو به مليوسو اهو ته دماغ جلد ريڪور ڪري سگھيو ٿي.اهڙا ٻار جن کي محفوظ ۽ پيار ڪرڻ واري ماحول ۾ منتقل ڪيو وڃي ته اهي گھڻي حد تائين نارمل ٿي ويندا آهن.ٻن سالن تائين جا ٻار پوريء طرح نارمل ٿي ويندا آهن،انهن کان وڏا به ڪجهه حد تائين بهتر ٿي سگھن ٿا.ٻار مشينون ناهن هوندا،سٺو انسان بنجڻ لاء وقت،محبت ۽ ڌيان گھرن ٿا.اسان ڪٿي آهيون؟ ان جو وڏو اونهو تعلق ان ڳالهه سان هوندو آهي ته اسان ڪٿي رهيا آهيون؟

(روزاني مهراڻ 11 مارچ 2019ع)