Sunday, May 6, 2018

قرآن ۽ سائنسي راز ؛ ماکي ۽ ماکيء جي مک.


شفيق الرحمان شاڪر
 دنيا ۾ سمورا جانور ، پکي ۽ ڪيڙا ماڪوڙا وغير پنهنجي حفاظت لاء مختلف قسم جا گھر جوڙين ٿا پر ماکيء جون مکيون جهڙيء طرح پنهنجو خوبصورت گھر جوڙين ٿيون  ۽ انهيء جو انتظام هلائين ٿيون اهو  ٻين جانورن جي وس جي ڳالهه نه آهي.هڪ اندازي مطابق ماکيء جي مک اٽڪل ڏهه ڪروڙ سالن کان دنيا ۾ موجود آهي.سندن انهيء گھر جنهن کي  “ مانارو” يا “ ڇٽ ” چئجي ٿو تنهن ۾ ٽن قسمن جون مکيون موجود ٿين ٿيون.پهرين راڻي مکي Queen Bee، ٻي  بي ڪمي مکي Drone Bee ۽ ٽين پورهيت مکي Worker Bee آهي.اهو مانارو يا ڇٽ ڇهن ڪنڊن وارن خانن تي ٻڌل هوندو آهي.انهيء جون ڀتيون ميڻ سان ڀريل ٿين ٿيون  ۽ گھر جي اندر گرميء جي درجي تي قابو پائڻ لاء ايئر ڪنڊيشننگ جو هڪڙو زبردست  قدرتي نظام موجود هوندو آهي.ماناري جي انهن  اندروني ڇهه ڪنڊي خانن ۾ مکيون ماکي گڏ ڪنديون آهن جڏهن ته ٻاهرين خانن ۾ ماکيء جي حفاظت لاء چوڪيدار مکيون موجود ٿين ٿيون جيڪي ڪنهن به ڪيڙي ماڪوڙي کي ماناري جي اندر وڃڻ نٿيون ڏين.انهن مکين مان هڪ مک سڀني مکين جي سردار يا راڻي هوندي آهي ۽ سموريون مکيون ان جي حڪم جون پابند هونديون آهن.مکيون ان جي حڪم تي روزيء جي ڳولا ۾ نڪرنديون آهن ۽ جيڪر اها انهن سان گڏ سفر تي اسهي ته سموريون مکيون سندس حفاظت ڪنديون آهن.انهن ۾ اهڙو ته نظم ۽ ضبط هوندو آهي جو انساني عقل حيران رهجيو وڃي ته ايڏڙي پتڪڙي مخلوق ۾ ايترو عقل ۽ ايتري سمجهه ڪٿان آئي!مکيون روزيء جي ڳولا ۾ اڏرندي اڏرندي ميلن جو مفاصلو طيء ڪن ٿيون ۽ ماکيء جي تلاش ۾ گل گل ۽ ٻوٽي ٻوٽي جو واس وٺن ٿيون پوء انهن جو رس چوسي اهو کڻي اچي پنهنجي گھر ۾ گڏ ڪن ٿيون.پر مجال آهي جو واپسيء تي پنهن جي گھر جو رستو ڀلجي وڃن.رستي ۾ ڀلي ٻيا سوين مانارا موجود هجن پر اهي سڌو پنهن جي ماناري تي پهچي ڪري ئي ساهه پٽين ٿيون.
رب پاڪ قرآن ڪيم ۾ ماکيء جي مک جي باري ۾ ارشاد فرمايو ته
 “ ۽ تنهن جي پروردگار ماکيء جي مک ڏانهن وحي ڪئي ته جبلن ۽ وڻن ۾ پنهنجو گھر بناء،پوء  هر قسم جي ميوي مان ان جو رس چوس ۽ پنهن جي پروردگار طرفان مقرر ڪيل رستن تي سفر ڪندي رهه.انهن مکين جي پيٽ مان مختلف رنگن جو مشروب نڪري ٿو جنهن ۾ ماڻهن لاء شفا آهي، بيشڪ  سوچڻ واري قوم لاء ان ۾ ( سمجھڻ جون) وڏيون نشانيون آهن.”
ماناري ۾ جنسي طور تي پيدا ٿيندڙ رڳو  راڻي مکي ئي ٿئي ٿي ۽ جسم جي لحاظ کان ٻين مکين کان وڏي ٿئي ٿي.پورهيت مکيون راڻي مک جي پئدائش لاء ٻن ڏينهن جي لاروي جي چونڊ ڪنديون آهن ۽ يارهن ڏينهن بعد پنهن جي بيضي مان ٻاهر نڪرندي آهي.جنهن کان پوء اها ارڙهن نڪمين نر مکين سان لڳ ڪندي آهي.لڳ جي ڏهن ڏينهن بعد اها بيضا ڏيڻ شروع ڪري ٿي ۽ روزانو اٽڪل ٽي هزار بيضا ڏيندي آهي.بي ڪميون مکيون جيڪي نر هونديون آهن انهن جو ماکي ٺاهڻ واري عمل ۾ ڪوبه حصو نه هوندو آهي.انهن جو صرف هڪڙو ئي ڪم هوندو آهي جو اهي راڻي مک سان لڳ ڪنديون آهن ۽ جيڪر ماناري ۾ ڪڏهن کاڌي جي کوٽ ٿي وڃي ته انهن کي ماناري مان ڊوڙائي ٻاهر به ڪڍيو ويندو آهي.پورهيت مکيون جسم جي لحاظ کان ٻين مکين کان ننڍيون هونديون آهن ۽ هڪڙي ماناري ۾ انهن جو انگ پنجاهه کان سٺ هزار هوندو آهي.انهن جي عمر به ڪوٽي هوندي آهي ۽ عام طور تي اهي 28کان 35 ڏينهن زندهه رهن ٿيون.اهي هڪڙي منٽ ۾ 11400 دفعا پنهن جن پرن کي ڦڙڪائين ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو اڏامڻ دوران انهن جي ڀون ڀون ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.پورهيت مکيون بيضن مان ٻچا ڪڍڻ،انهن کي کاڌو مهيا ڪرڻ ۽ انهن لاء رهائشي ڪمرا اڏڻ ۾ هروقت مصروف رهن ٿيون.ڪارڪن مکيون سڄو ڏينهن اڏامي مختلف گلن مان آب حيات   Nectar   گڏ ڪن ٿيون.اهي مکيون خط استوا جي گرميء کان ويندي برفاني علائقن جي سرديء واري ماحول ۾ به زندهه رهن ٿيون.آس پاس گرميء جو درجو ڇا به هجي پر ماناري جو اندروني موسم نهايت ئي خوشگوار ۽ وچٿرو رهي ٿو.ماناري ۾ ماکيء کان سواء ميڻ ۽ پولن جا ذرا به گڏ ڪيا ويندا آهن.جڏهن به ڪا مک هڪ ڀيرو ڪنهن گل ۾ چڪ هڻي ان جو رس چوسي وٺي ٿي ته ان گل تي هڪ خاص قسم جي عطر جو ڦڙو ڪيرائي ٿي ته جيئن پويان ايندر ٻين مکين کي خبر پوي ته هن گل مان رس نڪري چڪو آهي.
قرآن ماکيء کي شفا چيو آهي جنهن جي جديد سائنسي تحقيق به تصديق ڪئي آهي.ماکيء جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا جهڙوڪ اڇو،پيلاڻ ،ڪاراڻ ۽ ڳاڙهاڻ مائل.انهن رنگن جا جدا جدا سبب ۽ خاصيتون ٿين ٿيون پر سڀني قسم جي ماکيء ۾ هڪڙي ڳالهه ساڳي آهي ته اها بيمارين لاء شفا آهي. انگلنيڊ ۾ يونيورسٽيء جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر ڪرافٽ مطابق  حساسيت ۽ بهار جي موسم جي بخار جي متاثر ٻه سو مريضن جو سواء ڪنهن ٻي دوا جي رڳو ماکيء سان علاج ڪيو ويو جيڪي  ٺيڪ ٿي ويا.
َقرآن مجيد  مان ان ڳالهه جي نشاندهي ٿئي ٿي ته مکين جي پيٽ مان مختلف قسمن جون رطوبتون نڪرن ٿيون جن کي علم طب جي زبان ۾ اينزائيمس Enzymes  چئجي ٿو.اهو جوهر مختلف بيمارين جي علاج ۾ مفيد آهي. انهيء آيت جو مفهوم تڏهن واضح ٿيو جڏهن جرمن  ڪيميادانن ماکيء مان “شاهي ميڻ” جو جوهر الڳ ڪيو.ميڻ هڪ اهڙي رطوبت آهي جيڪا پورهيت مکين جي نڙيء مان خارج ٿئي ٿي.ان قوت بخش مادي ۾ کنڊ،پروٽين،سڻڀ ۽ ٻيا مختلف وٽامنز شامل آهن،جرمنيء ۾ انهيء کي رايل جيلي چيو وڃي ٿو جنهنجي تياريء جو هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڏو مرڪز چين آهي.هڪ چيني دواساز ڪمپنيء  “ پيڪنگ رايل جيلي ” جي نالي سان  ميڻ جو هڪ خالص شربت ۽ ان جون سوئيون به تيار ڪيون آهن.ڪمپنيء مطابق؛ اهو شربت سخت جسماني ڪمزوري،جسم جي درد،پراڻين بيمارين جهڙوڪ جگر جي سوڄ،السر ۽ رت جي کوٽ جهڙن مرضن کي فائدو ڏئي ٿو.
قرآن مجيد مک جي اندران نڪرندڙ ان رطوبت کي شفا قرار ڏنو آهي جنهنجي تصديق دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر ڪرافٽ موجب؛ جيڪر ماکيء کي ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي ۾ ملائي ملم جيان ڦٽن تي رکيو وڃي ته ڦٽ سڪي وڃن ٿا.ماکيء ۾ سرڪو ۽ لوڻ ملائي جسم جي داغن تي لڳائڻ سان داغ دور ٿي وڃن ٿا.گلاب جي عرق ۾ ماکي ملائي وارن کي لڳائڻ سان وارن جون جوئون مري وڃن ٿيون ۽ وار نرم ۽ چمڪدار ٿين ٿا.ڊينمارڪ ۽ ٻين ملڪن جي ماهرن تازي تحقيق ڪري اهو ٻڌايو آهي ته ماکيء ۾ طاقتور جرثومن کي مارڻ وارو مادو “پراسپل” موجود آهي. ليبارٽري تجربن ذريعي اهو ثابت ٿيو آهي ته زخمن جي پونء  ۽ سوڄ پيدا ڪندڙ جراثيمن خلاف ٻين سمورين دوائن جي مقابلي ۾ پراسپل زبردست ڪم ڪري ٿو.ٻيون به سوين بيماريون آهن جن لاء ماکي شفا جو ڪم ڪري ٿي.قرآن ڪريم اڄ کان چوڏهن سو سال جنهن شيء کي مرضن لاء شفا قرار ڏنو هو هن وقت تائين ٿيندڙ تحقيق مان ان سلسلي ۾ حيرت ۾ وجھندڙ نتيجا سامهون آيا آهن ۽ قرآن جي صداقت تي اڃا به ايمان وڌيڪ پختو ٿي ويو آهي!
(روزاني عوامي آواز 6 مئي 2018ع)