Saturday, June 25, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز؛ قرآن جي تلاوت جي آواز جون لهرون


۔قرآن مجيد ۾ اللھ تعاليٰ ارشاد فرامايو ته
(وَ اِذَا قُرِیَٔ الۡقُرۡاٰنُ فَاسۡتَمِعُوۡا لَہٗ وَ اَنۡصِتُوۡا لَعَلَّکُمۡ تُرۡحَمُوۡنَ)
(سوره الاعراف آيت 204)
(۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي)
روزانو ٽن ڪلاڪن تائين قرآن شريف جي تلاوت ٻڌڻ  توهان جي اميونز سسٽم کي وڌائي ٿو،توهان جي دل ۽ دماغ جي حفاظت ڪري ٿو ۽ توهان جي جسم جي جيو گھرڙن جي ري پروگرامنگ ڪري ٿو.
قرآن مجيد جي تلاوت جي آواز جون لهرون جسم جي جيو گھرڙن کي ايڪٽيويٽ ڪن ٿيون ۽ جسم کي خطرناڪ بيمارين خاص طور تي دل جي دوري ۽ ڪينسر کان بچائين ٿيون.
جيئن اللھ تعاليٰ فرمايو ته
(۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي)

هاڻي اچو ته ڪجھه سائنسي حقيققتن تي غور ڪريون.
1839ع ۾ هڪ سائنسدان “ انرڪ وليم ڊوو ” اهو دريافت ڪيو ته جيڪر دماغ کي آواز جي لهرن سامهون آڻجي ته اهي لهرون دماغ تي سٺا ۽ خراب،ٻنهي قسمن جا اثر وجھن ٿيون.جڏهن هن مختلف آوازن جي لهرن کي ڪنن ۾ داخل ڪيو ته هن ڏٺو ته دماغ انهن لهرن تي مختلف ردعمل ڏيکاري ٿو.هن اهو ه ثابت ڪيو ته دماغ جا سيل هروقت لرزش ۾ رهن ٿا ۽ مختلف آوازن جون لهرون انهيء لرزش کي متاثر ڪن ٿيون.معلومات حاصل ڪرڻ ۽ منتقل ڪرڻ جو مڪينزم انهن سيلن جي لرزش  ۽ انهي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ   برق مقناطيسي ميدانن تي دارومدار رکي ٿو. جڏهن به ڪو منفي واقعو يا ان وڻندڙ  آواز دماغ جي سيلن تائين پهچي ٿو ته اهو انهن تي دٻاء وجھي ٿو.اهڙن منفي اثرن کان دماغ کي بچائڻ لاء جيڪا دوا ڳولهي لڌي ويئي آهي سا آهي قرآن ڪريم جي تلاوت. اها رڳو دعويٰ نه پر تجربن ذريعي ثابت ٿيل حقيقت آهي.اهو ان ڪري جو قرآن ٻڌڻ سان نه صرف دماغي سيلن ۾ توازن پيدا ٿئي ٿو پر ان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به وڌي ٿي.



Wednesday, June 22, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز : 40 سالن جي عمر


۔قرآن مجيد ۾ اللھ تعاليٰ ارشاد فرامايو ته
(وَ وَصَّیۡنَا الۡاِنۡسَانَ بِوَالِدَیۡہِ اِحۡسٰنًا ؕ حَمَلَتۡہُ اُمُّہٗ کُرۡہًا وَّ وَضَعَتۡہُ کُرۡہًا ؕ وَ حَمۡلُہٗ وَ فِصٰلُہٗ ثَلٰثُوۡنَ شَہۡرًا ؕ حَتّٰۤی اِذَا بَلَغَ اَشُدَّہٗ وَ بَلَغَ اَرۡبَعِیۡنَ سَنَۃً ۙ قَالَ رَبِّ اَوۡزِعۡنِیۡۤ اَنۡ اَشۡکُرَ نِعۡمَتَکَ الَّتِیۡۤ اَنۡعَمۡتَ عَلَیَّ وَ عَلٰی وَالِدَیَّ وَ اَنۡ اَعۡمَلَ صَالِحًا تَرۡضٰہُ وَ اَصۡلِحۡ لِیۡ فِیۡ ذُرِّیَّتِیۡ ۚؕ اِنِّیۡ تُبۡتُ اِلَیۡکَ وَ اِنِّیۡ مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ    ۤ)
(سوره الحج آيت 46)
(۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سنديس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جواني کي پُھتو ۽ چاليھن ورھن کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ ته (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ توڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان)
سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته انساني جسم جي واڌ ويجهه 21 سالن تي ختم ٿي نٿي وڃي پر اهو دريافت ڪيو آهي ته دماغ جي واڌ ويجهه 40 سالن جي عمر تائين جاري رهي ٿي. ٻين لفظن ۾ انسان جي واڌ ويجهه مڪمل ئي تڏهن ٿي ٿئي جڏهن هو 40 سالن جو ٿئي ٿو.اها ئي حقيقت آهي جنهن جي طرف اللھ تبارڪ و تعاليٰ  قرآن مجيد ۾ هنن لفظن ۾ اشارو ڪيو آهي ؛
“ جڏهن هو جوانيء کي پهچي ٿو ۽ جڏهن هو چاليهن سالن جي عمر کي پهچي ٿو ته چوندو آهي ته اي منهن جا پاليبدڙ! مون کي توفيق ڏي ته تنهن جو شڪر ادا ڪريان،،،،،”

قرآن ڪريم اها حقيقت اڄ کان چوڏهن سو سال اڳ بيان ڪري چڪو آهي!

Sunday, June 19, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز؛ دل به سوچي ٿي!


۔قرآن مجيد ۾ اللھ تعاليٰ ارشاد فرمايو ته
(اَفَلَمۡ یَسِیۡرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ فَتَکُوۡنَ لَہُمۡ قُلُوۡبٌ یَّعۡقِلُوۡنَ بِہَاۤ)
(سوره الحج آيت 46)
(پوءِ زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن؟)


سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته دل سوچي ٿي، دل سياڻپ سکي ٿي ۽ اها  بي شمار عصبي مرڪزن Neurological Cells  تي مشتمل آهي جيڪي معلومات Data محفوظ رکڻ جي صلاحيت رکن ٿا.دل ۾ 40000  تنتي سيلز Neurons  آهن جيڪي هڪ “حقيقي دماغ ”Real Brain ٺاهين ٿا.انهيء کي دل جو ننڍڙو دماغ The little brain in the Heartبه چيو وڃي ٿو.
قرآن ڪريم اها حقيقت اڄ کان چوڏهن سو سال اڳ بيان ڪري چڪو آهي!



Thursday, June 16, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز؛ ٻه اوڀر ۽ ٻه اولهه !


۔قرآن مجيد ۾ اللھ تعاليٰ ارشاد فرمايو ته
(رَبُّ الْمَشْرِقَیْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَیْنِ)
(ٻنهي  اوڀرن ۽ ٻنهي اولهن جو رب هو ئي آهي)
عربي زبان ۾ جمع ٻن قسمن جو ٿئي ٿو،هڪڙو “تثنيه” يعني  “ ٻه” ،ٻيو “جمع” يعني ٻن کان مٿي.
هن آيت ۾ “ تثنيه” جو صيغو استعمال ٿيو آهي.يعني ٻن اوڀرن ۽ ٻن اولهن جو رب. اسن ڄاڻون ٿا ته سج اوڀر کان اڀري ٿو ۽ اولهه ۾ لهي ٿو.سائنس اسان کي ٻڌائي ٿي ته سج جي اڀرڻ جي ڪنڊ روزانو بدلجي ٿي ۽ اهڙيء طرح اهو جڏهن اولهه ۾ لهندو آهي ته به ان جي لهڻ وارو نڪتو يا ڪنڊ روزانو مختلف هوندي آهي.سال ۾ رڳو ٻه ڏينهن اهڙا آهن جو سج اوڀر جي نهايت ئي پري واري هنڌ کان اڀرندو آهي ۽ وري انهيء مطابق ئي اولهه جي پري واري هنڌ لهندو آهي.ان کان سواء سال ۾ ٻه ڏينهن 20ــ21 مارچ  ۽ 22ــ23 سيپٽيمبر تي سج ڪجهه وقت لاء بلڪل ئي خط استوا واري هنڌ وٽان گذرندو آهي ،ان تاريخ تي رات ۽ ڏينهن جي ڊيگهه هڪجيڏي هوندي آهي.انهن وقتن کي Equinox چئبو آهي.

21 جون تي سج اوڀر کان اتر طرف 23.5 درجن جي ڪنڊ تي اڀرندو آهي ۽ انهيء مناسبت سان 23.5 درجن جي ڪنڊ سان اتر ۾ لهي ويندو آهي.اهو اونهاري جي موسم جو سڀ کان وڏو ڏينهن هوندو آهي جنهن کي Summer Solstice چئبو آهي.ان وقت اڌ اتر واري حصي تي اونهارو هوندو آهي  جڏهن ته باقي اڌ ڏاکڻئي حصي تي سيارو هوندو آهي.يعني اهو ڏينهن دنيا جي اتر واري علائقي لاء Summer Solstice  جڏهن ته ڏاکڻئي حصي وارن لاء Winter Solstice  سڏجي ٿو.
اهڙيء طرح 21ــ22 ڊسمبر تي سج اوڀر کان ڏکڻ طرف 23.5 درجن جي ڪنڊ کان اڀري ٿو ءُ انهيء ئي مناسبت سان اهو اولهه ۾ 23.5 درجن جي  ڏکڻ ڪنڊ تي لهي ٿو.اهو سياري جي موسم جو ننڍي ۾ ننڍو ڏينهن هوندو آهي.
ان وقت زمين جي اڌ ڏاکڻئين حصي تي گرميء جي موسم هوندي آهي ۽ باقي اڌ حصي تي سيارو هوندو آهي.يعني اهو ڏينهن اترئين حصي وارن لاء ته Winter Solstice  سڏبو پر ڏاکڻئين حصي وارن لاء Summer Solstice سڏبو.معلوم ٿيو ته سال ۾ ٻه ڏينهن سج اوڀر جي نهايت ئي پري وارن نڪتن کان جن جي وچ ۾ 47 درجن جو فاصلو آهي،اتان اڀري ٿو ۽ وري ان ترتيب سان ئي اولهه جي ٻن نهايت ئي پري وارن نڪتن تي لهي ٿو.تنهن ڪري مٿين آيت جو مطلب اهو ٿي سگھي ٿو  ته رب انهن ٻنهي اوڀرن ۽ ٻنهي اولهن جو رب آهي.
                                                                           
                                                                         (وڌيڪ بهتر ته اللھ تبارڪ وتعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو.)

Tuesday, June 7, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز ؛ سج جي زندگي



































عجيب شيء اها جو قرآن مجيد سج کي “ چمڪندڙ ڏيئو ” چيو آهي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو پنهن جي عمر 
جي وچ واري حد ۾ آهي.اللھ تعاليٰ فرمايو ته
                 وَّ جَعَلۡنَا سِرَاجًا وَّہَّاجًا
                                      يعني   ۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو   (سج) بڻايوسون.”
                                                                                                                                    (  سورت النبا آيت 13)
لفظ “ چمڪندڙ” ان طرف اشارو ڪري ٿو ته سج هڪ ٻرندڙ ستارو آهي جڏهن ته ڪائنات ۾ اسان کي اجھاڻل ۽ غير روشن ستارا به ملن ٿا پر سج انهن وانگر نه آهي.اهو چمڪندڙ ۽ ٻرندڙ آهي.اهو قرآن مجيد جو معجزو آهي ڇو ته ڪوبه ماڻهو ان دور ۾ ان سائنسي حقيقت کان واقف نه هو جڏهن نبي ڪريم صلي اللھ عليه وسلم تي قرآن نازل ٿي رهيو هو.

Saturday, June 4, 2016

؛ فيس بڪ جا ”پياسي“ هوشيار ٿين! سندن آواز ٻڌو پيو وڃي...!!

facebook mobile smart phone

سڄي دنيا ۾ فيس بڪ جا ڏيڍ ارب کان وڌيڪ جڏهن ته پاڪستان ۾ ئي ڪروڙين صارف موجود آهن، پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽ هر وقت ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌندو رهندو آهي؟ جي ها! اها دعويٰ آمريڪا جي سائوٿ فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي هڪ ماهر پروفيسر ڪئي آهي. پروفيسر ”ڪيلي برنس“ دعويٰ ڪئي آهي ته فيس بڪ ايپليڪيشن ماڻهن جي سمارٽ فونن جي مائيڪ اسعتمال ڪندي ماڻهن جي آواز واري ڊيٽا گڏ ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف آهي. فيس بڪ پاڻ به مڃي ٿو ته سندس ”ايپليڪيشن صارفن جي چوڌاري وارن آوازن کي ٻڌندي آهي، پر ان جو مقصد اهو ڄاڻڻ هوندو آهي ته ماڻهو ڇا ٻڌي ۽ ڏسي رهيا آهن، جيئن پوسٽن بابت سندن پسند ۽ ناپسند جو خيال رکيو وڃي.“  اهو فيچر ڪيترن ئي سالن کان فيس بڪ تي موجود آهي، پر آمريڪي پروفيسر پهريون ڀيرو ان بابت ڌيان ڇڪايو آهي. پروفيسر ڪيلي جو چوڻ هو ته فيس بڪ ان ٽول جي لاءِ آڊيو کي استعمال ڪندو آهي، جنهن جو مقصد رڳو صارفن جي مدد ڪرڻ نه پر انهن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي انهن سامهون لاڳاپيل اشتهار پيش ڪرڻ هوندو آهي. پروفيسر ڪيلي ٻڌايو ته هن ان فيچر کي آزمائيندي پنهنجي فون ويجھو خاص موضوعن تي ڳالهايو، جنهن کان پوءِ سندس فيس بڪ آءِ ڊيءَ تي ان بابت نوان نوان اشتهار ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا، فيس بڪ انتطاميا پاران ان دعويٰ تي اڃا تائين پنهنجو رد عمل ظاهر ناهي ڪيو ويو. پروفيسر ڪيلي برنس پاران فيس بڪ جي پاڻ مرادو ڪم ڪندڙ ايپليڪيشن جنهن ۾ فيس بڪ پاران صارفن جون تازيون ڪڍيل تصويرون پاڻ مرادو کڻي وال تي رکڻ ۽ دوستن توڙي ٻين غير لاڳاپايل ماڻهن ڏانهن شيئر ڪرڻ واري عمل تي به ڳالهائيندي چيو ته فيس بڪ جي اها ايپليڪيشن ماڻهن جي ذاتي زندگيءَ جا پردا چاڪ ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته فيس واري واري اها آٽو ميٽڪ ايپليڪيشن سمارٽ فونن جي صارفن جا تازا ۽ پراڻا نڪتل فوٽو پاڻ مرادو کڻي انهن کي سندن مرضيءَ کان سواءِ شيئر ڪري ماڻهن جي زندگيءَ تي خراب اثر ڇڏي رهي آهي، جنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن جي ذاتي زندگي زهر ٿيڻ سان گڏ سندن گھر پڻ اُجڙي رهيا آهن. ان کان اڳ بيلجيم جي پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته فيس بڪ جي نئين لائيڪ بٽڻ جي ري ايڪشنن جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ گھرجي، ڇو ته هي پرائيويسيءَ جي لاءِ نقصان ڏيندڙ فيچر آهي. بيلجيم جي پوليس موجب فيس بڪ ان نئين بٽڻ کي ماڻهن بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۽ ڪيئن اشتهارن وسيلي ڏوڪڙ ڪمائڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

Wednesday, June 1, 2016

سائنس جا سولا سبق ؛ EASY LESSONS OF SCIENCE ڌاتو ؛ METALS

سائنس جا سولا سبق ؛ EASY LESSONS OF SCIENCE
ڌاتو ؛ METALS
سڀني عنصرن مان اٽڪل چئن مان ٽي حصا ڌاتوMetalsآهن .انهن مان گھڻن جون خاصيتون Propertiesهڪجهڙيون آهن.
مثال؛ گھڻو ڪري سڀيئي ڌاتو ڪنهن ڪمري جي گرميء جي درجي تي نهري حالت Solid State ۾ رهن ٿا.اهي هڪ خاص قسم جي چمڪ Shining  رکن ٿا.اهي مضبوط ۽ سخت ٿين ٿا جيڪا خاصيت انهن کي اڏاوت ۽ مشينريء جي ڪم ۾ استعمال ڪرڻ لاء ڪمائتو بنائي ٿي.جيئن پلين ۽ ڪارن وغيره جي بناوت ۾.
اهي گرمي Heat ۽ بجلي Electricity کي پڻ جذب Conductڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
















سون Gold۽ چاندي Silverٻه نهايت قيمتي ۽ چمڪندڙ ڌاتو آهن.مٿي ڏيکاريل ميڊل انهن جا ٺهيل آهن.


















بيٽري سيلن جي ڪيسنگ زنڪ Zinc ڌاتوء جي ٺهيل  آهي.

بلب جي اندر ٻرندڙ سنهڙي ڪوئل واري فليمينٽ ، ٽنگسٽن  Tungsten ڌاتوء مان ٺهيل آهي   

پارو   Mercuryاهو اڪيلو ڌاتو آهي جيڪو ڪمري جي ٽيمپريچر تي پاڻياٺ Liquidجي حالت ۾ هوندو آهي.اهو ٿرماميٽرن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.


ڌاتو ڪاپرCopper پائيپ ۽ وائرون ٺاهڻ لاء ڪم اچي ٿو.


پلوٽونيم Plutoniumهڪ خطرناڪ قسم جو تابڪاري ڌاتو آهي جيڪو نيوڪليئر بم ٺاهڻ ۾ استعمال ٿئي ٿو.   
 ************                                   

مٺ يا ڌاتن جون ملاوتون ALLOYS ؛ ڌاتن کي ٻين جدا جدا شين سان ملائي نوان ڌاتو ٺاهي سگھجن ٿا ،انهن نون ٺهيل ڌاتن کي مٺ يا ڌاتن جي ملاوت Alloy چئبو آهي.
مثال ؛ اسٽيل هڪ مٺ Alloy  آهي جيڪو گھڻي قدر لوه Iron جو ٺهيل آهي پر ان ۾ ڪاربان ۽ ڪجھه ٻيا ڌاتو به شامل آهن.                                                                                 
                                                                                                                                                                           
اسٽيل الائي Steel Alloy ڪيترائي اوزار ۽ ٿانو وغيره ٺاهڻ لاء ڪم اچي ٿو.

















برونز  Bronze ڪاپر ۽ قلعي Tin جي مٺ يا  Alloy آهي.














ايليومينم  Aluminumهڪ هلڪو ۽نرم ڌاتو آهي پر ان جا الائيز Alloys ٽرڪ،ٽرالا ۽ جهاز وغيره ٺاهڻ لاء استعمال ٿين ٿا.
















آتشازي ۽ پٽاخن وغيره جي سامان ۾ پائوڊر ٿيل ڌاتن جا الائيز استعمال ٿين ٿا جيڪي انهن کي روشنيء جي وڻندڙ رنگن ۾ بدلائين ٿا.
















 ٽائيٽينيم Titanium  جا الائيز تمام هلڪا ٿين ٿا ۽ اهي سائيڪلون ٺاهڻ جي ڪم اچن ٿا.