Sunday, May 29, 2016

ڇا توهانکي خبر آهي ؛ بليو ٽوٿ ڊوائيس کي ” بليو ٽوٿ “ ڇو ٿو چيو وڃي؟؟؟



. اڄ، هر موبائل ڊوائس ۾ تقريبا هڪ Bluetooth آهي، پر ڪڏهن اوهان  سوچيو آهي ته ان جي نالي جي معني ڇا آهي، ۽  ان تي اهو نالو ڇو   رکيو ويو هو؟

 Bluetooth اوزار  1994 ع ۾  ٽيليڪوم ڪمپني، Ericsson،  جي سافٽ ويئر انجنيئرن جي ٽيم  ٺاهيو هو. 1997 ع ۾ ان جو نالو Bluetooth رکيو ويو هو.  ان جي ٽيم جي هڪ ميمبر جم ڪارڊيڪ 1997 ۾ تاريخي ناول "دي لانگ شپس“ پڙهيو  هو،. ان ناول ۾ قديم ڊينمارڪ جي بادشاه ” هرالڊ بليوٽوٿ“ جا ڪارناما بيان ڪيا ويا هئا.ته هن ڪيئين نه ڊينمارڪ کي متحد ڪري رياست قائم ڪئي !
”هرالڊ بليو ٽوٿ “ هڪ ڏاهو انسان هو. هن پنهن جي دور اقتدار ۾  ڊينمارڪ جي ڇڙوڇڙ ٿيل ۽ ورهايل قبيلن کي هڪ سلطنت هيٺ متحد ڪري ورتو هو.
”بليو ٽوٿ ڊوائيس“ به ڇو ته ڪيترين ئي مختلف ڊوائيسز کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿوان ڪري ان جو نالو ”هيرالڊ بليو ٽوٿ“ جي نالي سان رکيو ويو آهي.صرف اهوئي نه پر بليو ٽوٿ جو لوگو به هيرالڊ بليوٽوٿ جي نالي جي شروعاتي اکرن کي پاڻ ۾ ملائي ٺاهيو ويو آهي.


Thursday, May 26, 2016

سائنس جا سولا سبق ؛EASY LESSONS OF SCIENCE روشنائي ترڪيب ۽ ڪيميائي تبديلي

سائنس جا سولا سبق ؛EASY LESSONS OF SCIENCE
 روشنائي ترڪيب ۽ ڪيميائي تبديلي

روشنائي ترڪيب ؛ PHOTOSYNTHESIS
اهو طريقو جنهن ۾ ٻوٽا  پنهن جو کاڌو تيار ڪن ٿا اهو به هڪ قسم جو قدرتي ڪيميائي ردعمل Natural Chemical Reaction  آهي.ٻوٽا هوا مان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ  جڏهن ته زمين مان  پاڻي کڻن ٿا جن جي ڪيميائي ردعمل جي نتيجي ۾  ڪاربو هائڊريٽش (نشاستو) Carbohydrates ٺهن ٿا جيڪو سندن کاڌو آهي.اهي ان عمل جي نتيجي ۾ آڪسيجن پڻ ٻاهر ڪڍن ٿا.

ٻوٽن جي پنن ۾ هڪ مادو ڪلوروفل Chlorophyllٿئي ٿو،جيڪو سج جي روشنيء مان توانائي حاصل ڪري ٿو جيڪا توانائي ان ڪيميائي عمل لاء تمام ضروري آهي.ٻوٽا ان عمل لاء پاڻي زمين مان پنهن جن پاڙن ذريعي حاصل ڪندا آهن


ڪيميائي تبديلي ؛ CHEMICAL CHANGE
جڏهن شين تي ڪو ڪيميائي ردعمل ٿئي ٿو ته انهن جي شڪل ۽ خاصيتن ۾ به     تبديلي اچي ٿي،                                                                                                                                     
مثال ؛ ڪيڪ پچائڻ يا تيار ڪرڻ به ڪيميائي  ردعمل استعمال ڪرڻ جو هڪ     طريقو آهي   .                                                                                                                                            
                                                                                                                                          


..اهي ماليڪيول جيڪي ڪيڪ جا جزا  Ingredients ٺاهين ٿا تن کي هڪ خاص ترتيب سان ملائڻ لاء بٺيء جي گرمي  Heat of the oven    استعمال ڪئي وڃي ٿي.





هاڻي جيڪو ڪيڪ ٺهي ٿو تنهن  جون ڪيميائي خاصيتون بدلجي سندس ملايل جزن کان مختلف ٿي چڪيون آهن.      انهيء     تبديليء کي  
  ڪيميائي     تبديلي   Change      The Chemical  چئبو آهي.


Wednesday, May 25, 2016

ننڊ پوري نه ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا .( تازي رپورٽ)

شفيق شاڪر



ٿي سگهي ٿوته  اوھان دفتر  ۾ گھڻو مصروف هجويا ممڪن آهي ته ڪنهن ٻار جي سار سنڀال لهي رهيا هجو.جيڪر ايئن ناهي  ته پوء ٿي سگهي ٿو اوھان کي اوچتو  خبر پئجي ويئي هجي ته اڄ رات جو ٽي وي تي هڪ تمام پسنديده  پروگرام آهي.   ..  يا توهان رات دير تائين نيٽ تي ويٺل هجو.مطلب ته لکين بهانا ۽ جواز ٿي سگھن ٿا مڪمل ننڊ نه ڪرڻ جا!جن سان توهان پنهن جو پاڻ کي تسلي ڏيئي سگھو ٿاته فلاڻين فلاڻين مجبورين ڪري طبي ماهرن طرفان تجويز ڪيل گھٽ ۾ گھٽ اٺن کان ست ڪلاڪ روزانو ننڊ توهان مڪمل ڪري نٿا سگھو.  پر هتي چند سبب ٻڌايا ويا آهن جيڪي ان  بيان  لاء مددگار ثابت ٿي سگهن ته  هر رات   مقرر ٿيل ننڊ ڪرڻ ڇو ضروري آهي؟
طبي ماهرن مطابق جيڪي مآڻهو رات جو 6 ڪلاڪن کان گھٽ سمهن ٿا    ته اهڙن ماڻهن جي ميڊيڪل رپورٽ مطابق سندن ذهني صلاحيتون  سست ٿي وڃن ٿيون،اها عادت نه صرف ياداشت تي خراب اثر ڇڏي ٿي  پر  شين تي ڌيان مرڪوز ڪرڻ واري صلاحيت به گھٽجي وڃي ٿي.جيئن  عام شين يا کاڌي جي باري ۾ ويسر، گاڏين  ۽ جاين جي تلاش ڪرڻ ۾ ڏکيائي ،ڪنهن معاملي ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ ڪمزوري ،طبيعت ۾ غصو وڌي وڃڻ، هڪ ٻي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ننڊ جي کوٽ دماغ جي جذباتي مرڪز تي ايترو ته اثرانداز ٿئي ٿي جو اهي مرڪز 60 سيڪڙو وڌيڪ متحرڪ ٿي وڃن ٿا.سولن لفظن ۾ اهي مرڪز توهان جي جذبن کي پراسيس ڪرڻ ۽ حالتن مطابق مناسب ردعمل کان روڪي چڏين ٿا.ننڊ پوري نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ ٻي شيء به طبيعت جو حصو بڻجي وڃي ٿي سا آهي اجايو خرچ ڪرڻ.جيڪر اوهين بنان مقصد جي شيون خريد ڪري بعد ۾ پڇتايو ٿا ته ان جو ذميدار پنهن جي ننڊ جي کوٽ کي به قرار ڏيئي سگھو ٿا.دماغ جو اهو حصو جيڪو پريشانيء کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿوان کي پري فرنٽل ڪورٽيڪس       
                                   (PREFRONTAL CORTEX)           چيو وڃي ٿو  ۽ ننڊ جي  گھٽتائيان کي  گھڻو   متاثر ڪري ٿي.

جنهن جي نتيجي ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت ڪمزور ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهو نتيجن تي نظر رکڻ سواء فيصلا ڪرڻ لڳي ٿو.
ننڊ مڪمل نه ڪرڻ وارا ماڻهو گھڻي کائڻ جي مرض جو شڪار به ٿيندا آهن.جيڪر اوهان ننڊ ڪرڻ جي وقت جاڳندا رهندا آهيو ته گھريلين(GHRELIN) نالي هڪ هارمون جيڪو اوهان کي بک جو احساس ڏياريندو آهي انهن جو تعداد وڌي وڃي ٿو جڏهن ته پيٽ ڀرجي وڃڻ وارو احساس ڏياريندڙ هارمون لپٽين جي سطح گھٽجي وڃي ٿي انهيء ڪري اوهان جي بک وڌي وڃي ٿي.

اهڙيء طرح ننڊ پوري نه ڪرڻ جي صورت ۾ ماڻهو وکريل ۽ کنڊريل نظر ايندو آهي.چهري جي خوبصورتيء لاء به ننڊ تمام اهم آهي ۽ ننڊ مڪمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ اکين جي چوڌاري ڪارا داغ ٺهي وڃن ٿا ۽ چهري مان رونق ختم ٿي وڃي ٿي. هڪ تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ننڊ ۾ تمام گھڻي حد تائين گھٽتائي توهان جي چمڙيء کي تڪڙو پوڙهپڻ طرف ڌڪي سگھي ٿي.جنهنجو سبب جسم ۾ ٽينشن پيدا ڪندڙ هارمون ڪورٽيسول جو گھڻي مقدار ۾ وهڻ آهي.جنهن جي گھڻائي چمڙيء کي نرم ۽ ملائم رکڻ واري پروٽين ڪولاگين کي صحيح نموني ڪم ڪرڻ نٿي ڏئي.

گھڻو بيمار ٿيڻ به مڪمل ننڊ نه ڪرڻ جي سبب کان آهي.هڪ هاڻوڪي تحقيقي رپورٽ مطابق اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪي ماڻهو 6 ڪلاڪن کان گھٽ سمهن ٿا انهن ۾ نزلي ۽ زوڪام جي شڪايت وڌيڪ پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.ته جيڪر اوهان ڪنهن خاص موسم ۾ ان بيماريء جو شڪار ٿيو ٿا ته ان کان بچاء جو آسان طريقو صرف پوري ننڊ ڪرڻ آهي.


Tuesday, May 24, 2016

شمسي توانائيء جي جديد ٽيڪنالاجيء جا فائدا

دنيا ۾ گرمي پد ڇو وڌي رهيو آهي؟

خالد ٻانڀڻ


دنيا شديد گرمي پد ڏانهن وڌي رهي آهي. موسمي تبديلين ۾ روزانو اضافو ٿيندو پيو وڃي. گرمي جو پد 45 ڊگري کان ڪڏهن 50 ڊگري ته وري ڪڏهن 51 ڊگري تي وڃي پهچي ٿو. آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ان بابت هن ناچيز جيڪا مختصر معلومات گڏ ڪئي آهي، سا چاهيان ٿو هن ڪالم ۾ توهان سان شيئر ڪجي.
اسان وٽ عالمي حرارت جو بحث عام آهي. دنيا ۾ تيزيءَ سان آبادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. انگن اکرن موجب دنيا ۾ هر سال 75 ملين آباديءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 1800ع کان 2012ع تائين عالمي آبادي هڪ بلين مان وڌي 7 بلين تي وڃي پهتي آهي. پاڪستان ۾ 1999ع کان 2010ع تائين 55.3 سيڪڙو آبادي ۾ واڌارو ٿيو آهي، نتيجن پاڻي، گئس بجلي جو وڌيڪ استعمال ٿيڻ سان گڏ صنعتي انقلاب پڻ آيو آهي. گرمين ۾ ايئرڪنڊيشن، سردين ۾ هيٽر جو استعمال وڌيو آهي. وڻن جي واڍي تيزيءَ سان جاري آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته صورتحال اڳتي هلي اها وڃي بيهندي، جو جتي خشڪي آهي اتي بارشون، ٻوڏون اينديون، جتي ماضي ۾ خوشحالي هئي اتي وري ڏڪار ۽ خشڪ سالي ايندي. اها عالمي حرارت آهي، جنهن مان موسمي تبديليون اچن پيون ۽ هر سال گرمي پد وڌندو ويندو. گليشئر تيزيءَ سان پگهرجڻ شروع ٿيندا، جيڪي پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي ويندا. نتيجن سمنڊ جي پڻ سطح وڌڻ شروع ٿيندي.
هاڻي پاڻ اچئون ٿا گلوبل وارمنگ يا موسمي تبديليءَ تي؛ ته فضا ۾ مختلف گئسون موجود آهن، انهن گئسن جي گهڻي وڌڻ سبب سج جا ڪرڻا زمين سان ٽڪرائڻ بعد خلا ۾ واپس نٿا وڃن. نتيجي طور فضا ۾ گرمي پد وڌي وڃي ٿو. ظاهر آهي ان سان گڏ زمين جو گرمي پد پڻ وڌي وڃي ٿو. ٿئي ڇاٿو ته زميني تپش ۾ روزانو واڌارو ايندو وڃي ٿو ۽ اها سڄي ڳڻتيءَ جهڙي صورتحال اسان پنهنجي لاءِ پاڻ ئي پيدا ڪئي آهي. جنهن جا ڪارڻ مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان؛ جنهن جي ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گهڻي خارج ٿئي ٿي، جيڪا فضا ۾ وڃي ٿي ۽ سج جي انهن ڪرڻن کي فضا ۾ واپس وڃڻ کان روڪي ٿي، جيڪي زمين سان ٽڪرائجن ٿا ۽ پوءِ واپس فضا ۾ وڃن ٿا. هڪ ٻيو ڪارڻ اهو به آهي ته ميٿين گئس جيڪا فصلن مان پيدا ٿيندي آهي، مثلن سارين جي فصل کي اسان گهڻو پاڻي ڏيندا آهيون، ڏينهن جي وقت ۾ سارين جي فصل مان گذرڻ وقت اوٻر محسوس ٿيندو آهي. اها اصل ميٿين گئس هوندي آهي. جيڪي آبي بخارا فضا ۾ وڃن ٿا، وڻن جي ختم ٿيڻ سبب فضا ۾ جيڪا آڪسيجن موجود آهي، اها گهٽجندي پئي وڃي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار وڌندو پيو وڃي. ڇو ته وڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي پنهنجي خوراڪ طور استعمال ڪندا آهن پر وڻ ۽ ٻوٽا گهٽجڻ ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪا سمنڊ، وڻن ٻوٽن کان بچي ٿي اها فضا ۾ وڃي ٿي ۽ آلودگيءَ جو وڏو ڪارڻ بڻجندي پئي وڃي. مان اهو به ٻڌايان ته اوزون گئس جيڪا فضا ۾ 12 ڪلوميٽرن کان 48 ڪلوميٽرن تائين موجود هوندي آهي فضا ۾، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي فضا ۾ وڌڻ سبب اوزن گئس کي شديد نقصان ۽ ان ۾ ڏار پئجي رهيا آهن. ڇو ته اوزن گئس سج جي خطرناڪ شعائن کان بچائيندي آهي، جنهن ۾ ڏار اچڻ جي ڪري آلودگي وڌي آهي. دنيا ۾ ايٽمي اسلحو ايترو ته گڏ ڪيو ويو آهي، جنهن سان دنيا کي ڪيترا ڀيرا تباهه ڪري سگهجي ٿو، جيڪو پڻ غير محفوظ هجڻ سبب تابڪاري وڌي آهي.
موسمي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ڪرسچين ايڊ موجب ته 2060ع تائين ماحولياتي تبديلي سبب جيڪي سمنڊن جي ويجهو شهر آهن، اتي وڏا طوفان ايندا. هڪ ارب آبادي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. خاص ڪري آمريڪا، چين، ڀارت وڌيڪ سامونڊي طوفانن جي خطري هيٺ آهن. اسان جيڪڏهن وڌيڪ تابڪاري کان بچڻ چاهيون ٿا ته ان لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکڻا پوندا. مختلف توانائين جي ضرورت کان وڌيڪ استعمال گهٽايو وڃي. اليڪٽرانڪ شين جي 
ويسٽيج کي ماحول ۾ اڇلڻ کان روڪيو وڃي. تڏهن وڃي ڪو سک جو ساهه کڻي سگهجي ٿو. موسمي تبديلين وارو تمام وڏو ۽ ڊگهو موضوع ۽ بحث آهي، مان پنهنجي ننڍڙي سوچ مطابق جيتري معلومات گڏ ڪئي هئي، ان کي توهان تائين پهچايو آهي. ڇو ته هن وقت گرمي سڀ کان وڏو موضوع آهي. ماڻهن گهرن مان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جون موڪلون ٿي ويون آهن، باقي دڪانداري جي صورت ۾ هلندڙ پرائيويٽ اسڪول، ان جي ڪري کليل آهن ته انهن کي گرمي جي ٻن مهينن جي موڪلن جي فيس اوڳاڙڻي آهي. هڪ ئي ملڪ اندر تعليم کاتي ۾ ٻه قانون ڪم ڪري رهيا آهن، هڪڙو قانون سرڪاري اسڪولن سان لاڳو آهي، ٻيو قانون پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٿو هلي. گهرن، فليٽن، گهٽين ۾ هزارن جي تعداد ۾ اسڪول کلندا پيا وڃن، جتي ماحوليات جي حوالي سان ٻارن کي ڪي به سهولتون مليل ناهن. اڳي اسڪولن ۾ وڏا ميدان ۽ وڻ ان لاءِ لازمي سمجهيا ويندا هئا ته جيئن ٻارن جي تعليم سان گڏ ذهني نشونما به وڌي پر هاڻي پوري عالمِ انسانيت جو ماحوليات کي خراب ڪرڻ ۾ جيڪو پاڻ ڦاسايو آهي، ان اڄ گرمي جو پد 50 ڊگري تي وڃي پهچايو آهي. دنيا ۾ جڏهن گليشيئر ختم ٿي ويندا، تڏهن وري گرمي پد سان گڏ پاڻي جو به وڏو بحران اچڻ وارو آهي. آباديءَ جو تناسب روڪڻ بجاءِ ان کي اڃا وڌايو پيو وڃي. ڳوٺن جون رونقون ختم ٿينديون پيون وڃن. شهر وڌندا پيا وڃن. شهرن ۾ وڏن پلازائن جي صورت ۾ زمين بجاءِ اسان آسمان ڏانهن فليٽ ٺاهيندا پيا وڃون، جنهن جا نتيجا ايندڙ وقت ۾ اڃا وڌيڪ خطرناڪ ۽ خراب نڪرندا. ان سڄي صورتحال کان بچڻ لاءِ هاڻي قدم کڻڻا پوندا. ٻي صورت ۾ ايندڙ وقت ماحوليات جي تباهه ٿيڻ سان دنيا ۾ به تباهي ايندي.

م                                                                             مهراڻ سائنس ڪلب


Monday, May 23, 2016

سائنس جا سولا سبق ؛ (4) EASY LESSONS OF SCIENCE ڪيميائي ردعمل CHEMICAL REACTIONS

سائنس جا سولا سبق ؛ (4) EASY LESSONS OF SCIENCE


ڪيميائي ردعمل CHEMICAL REACTIONS                            

جڏهن هڪڙا مادا نئين شيء ٺاهڻ لاء ٻين مادن سان ملن ٿا ته اهڙي  عمل کي ڪيميائي ردعمل   Reaction Chemical چئبو آهي.
اهي ڪيميائي ردعمل قدرتي Natural    به ٿي سگھن ٿا.

مثال ؛ اسان جيڪو کاڌو کائون ٿا اهو ڪيترن ئي قدرتي ڪيميائي ردعملن کان پوء اسان جي  جسم لاء توانائي Energy پيدا ڪري ٿو.



اهڙيء طرح اسان ڪيميائي ردعملن جي ذريعي دوائون ، مشروب ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪمائتيون شيون ٺاهي سگھون ٿا.
هوا ۾ موجود ڪجھه خاص گئسون برسات جي پاڻيء سان ڪيميائي ردعمل ڪري  تيزاب Acids    ٺاهين ٿيون،گھڻو وقت گذرڻ کان پوء ان عمل جي نتيجي ۾ ڪيترائي پٿر جهڙوڪ چن جو پٿر ، مورتون ۽ عماتون پڻ خراب ٿي يا ڏري  يا رنگ ڇڏي وڃن ٿيون.


آڪسيڊيشن  (OXIDATION)    ؛ـــ   آڪسيجن ، لوھ قدرتي طور تي ڪيميائي رد عمل ڪندي رهندي آهي جنهن ڪري لوھ تي ڪٽ ( Rust)  ٺهي پوندي آهي جنهن کي آئرن آڪسائيڊ  Ironoxideچئبو آهي ۽ آڪسيجن  جي لوھ سان ان ڪيميائي ردعمل کي ( Oxidation) چئبو آهي.


ڀڙڪو يا ڀڙڪ   COMBUSTION ؛ .. جڏهن آڪسيجن تمام تيزيء سان ٻين عنصرن سان ملي ڪو ڪيميائي ردعمل ڪندي آهي ته ڀڙڪو پيدا ٿيندو آهي. ان قسم جو ئي ڪيميائي ردعمل هڪ راڪيٽ جي انجن ۾ ٿئي ٿو  جتي پاڻِياٺي حالت واري آڪسيجنLiquid oxygen    ۽ هائڊروجن ڀڙڪو کائي ٻرنديون آهن.

                                                       شفيق شاڪر


دلچسپ وڊيوز ؛ ” موت جو کوھ “ INSTRETING VIDEOS : THE WELL OF DEATH


دلچسپ وڊيوز ؛ ” موت جو کوھ “

INSTRETING VIDEOS  : MOUT JO KHOOH          

                                                          شفيق شاڪر

دلچسپ وڊيوز ؛ ” جيو عجوبا “ ( 1) INSTRETING VIDEOS : ” GEO AJOOBA”


دلچسپ وڊيوز ؛ ” جيو عجوبا “ ( 1)
INSTRETING VIDEOS : ” GEO AJOOBA”

دلچسپ وڊيوز ؛ ” ڌرتيء جي پڄاڻي “ INSTRETING VIDEOS: ” THE END OF EARTH ”



                                                               دلچسپ وڊيوز ؛ ” ڌرتيء جي پڄاڻي “

INSTRETING VIDEOS: ” THE END OF EARTH ”

دلچسپ وڊيوز ؛ ” جي آئي آر ٻيلو نيشنل پارڪ “ INSTRETING VIDEO ؛ ” GIR FOREST NATIONAL PARK ”


دلچسپ وڊيوز ؛ ” جي آئي آر ٻيلو نيشنل پارڪ “

INSTRETING VIDEOS                              
 ” GIR FORESTNATIONAL PARK ”

دلچسپ وڊيوز ؛ ” مائونٽ ايوريسٽ “ دنيا جي اوچي ۾ اوچي جابلو چوٽي. INSTRETING VIDEOS ” THE MOUNT EVEREST ” THE HIGHEST MOUNTAIN PEAK



دلچسپ وڊيوز ؛ ” مائونٽ ايوريسٽ  “ دنيا جي اوچي ۾ اوچي جابلو چوٽي.
INSTRETING VIDEOS                  
 ” THE MOUNT EVEREST ”     
THE HIGHEST MOUNTAIN PEAK


دلچسپ وڊيوز ؛ ” نور ۽ ڪوبرا نانگ “ INSTRETING VIDEOS ” Mangoose And Cobra ”



دلچسپ وڊيوز ؛ ” نور ۽ ڪوبرا نانگ “

INSTRETING VIDEOS                              
 ” Mangoose And Cobra ”

سائنس وڊيوز ؛ ” اي سي جنريٽر ڪيئن ٺاهجي؟ “ SCIENCE VIDEOS ” How to make AC Generator? ”



سائنس وڊيوز ؛ ” اي سي جنريٽر ڪيئن ٺاهجي؟ “

SCIENCE VIDEOS                              
 ” How to make AC Generator? ”

سائنس وڊيوز ؛ ” سادي ٽيسلا ڪوائل ڪيئن ٺاهجي؟ “ SCIENCE VIDEOS : ” How to make ASimple Tesla Coil? ”


                        سائنس وڊيوز ؛ 
                        ” سادي ٽيسلا ڪوائل ڪيئن ٺاهجي؟ “
SCIENCE VIDEOS                                         
           ” How to make ASimple Tesla Coil? ”

سائنس وڊيوز ؛ ” سادو بجليء جو جنريٽر ڪيئن ٺاهجي؟ “ SCIENCE VIDEOS ” How to make ASimple ELectric Generator



                          سائنس وڊيوز ؛                                   
                        ” سادو بجليء جو جنريٽر ڪيئن ٺاهجي؟ “
SCIENCE VIDEOS                                         
           ” How to make ASimple ELectric Generator? ”

سائنس وڊيوز ؛ ” پنهن جو پاڻيء وارو راڪيٽ ٺاهيو “ SCIENCE VIDEOS ” Make your own Water Rocket ”



  سائنس وڊيوز ؛                                   
                        ” پنهن جو پاڻيء وارو راڪيٽ ٺاهيو “
SCIENCE VIDEOS                                         
           ” Make your own Water Rocket ”

سائنس وڊيوز ؛ ” پنهن جو سادو وائرليس پاور پروجيڪٽ ٺاهيو “ SCIENCE VIDEOS ” Make your own Simple Wireless Power Project ”



سائنس وڊيوز ؛                                   
                        ” پنهن جو  سادو وائرليس پاور پروجيڪٽ ٺاهيو “
SCIENCE VIDEOS                                         
           ” Make your own Simple Wireless Power Project ”

سائنس وڊيوز ؛ ” روشنيء جي توانائي “ SCIENCE VIDEOS ” LIGHT ENERGY ”



سائنس وڊيوز ؛                                   
                        ” روشنيء جي توانائي “
SCIENCE VIDEOS                                         
           ” LIGHT ENERGY ”

Oceans on Earth - ڌرتيء تي وڌا سمنڊ (وڊيوز ڊاڪومينٽري)


 Oceans on Earth  - ڌرتيء تي وڌا سمنڊ (وڊيوز ڊاڪومينٽري)

دنيا جا عجوبا؛ ” غزا جا احرام “ The Pyramid of Giza

دنيا جا   عجوبا؛  ” غزا  جا احرام “          

                                            The Pyramid of Giza       




                                                                     

                       دنيا جا   عجوبا؛  ” غزا  جا احرام “          

                                            The Pyramid of Giza                                  

مهراڻ سائنس ڪلب                                                                                                                 

”نيل “ جي ڪهاڻي.

شفيق شاڪر


نيل ندي دنيا جي ڊگھي ۾ ڊگھي ندي شمار ٿئي ٿي.ان جي ڊيگھه اٽڪل 6853 ڪلوميٽر آهي.اها ندي آفريڪا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ “ وڪٽوريا” مان نڪري ٿي.ان علائقي ۾ برساتون تمام گھڻيون پون ٿيون جنهن ڪري اتي تمام گھاٽا جھنگل آهن.انهن جھنگلن ۾ هاٿي،شينهن، گينڊا،جھنگلي مينهيون، هرڻ ،واڳون ، نيل ڳئون ۽ ٻيا انيڪ جانور موجود آهن.انهيء علائقي کي نيشنل پارڪ جو درجو مليل آهي.جڏهن اهو درياء سوڊان ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان جي رفتار ڪافي سست ٿي وڃي ٿي ڇو ته اتي درياء هڪ ڌٻڻ مان گذري ٿو جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڌٻڻ يا دلدل آهي جنهن جي ڊيگھه لڳ ڀڳ 700 ڪلوميٽر آهي.پر قدرت جا رنگ ڏسو جو اها ڌٻڻ دنيا جي عام ڌٻڻن کان بلڪل مختلف آهي.عام ڌٻڻ ۾ ڪنهن جيو جو پير ڌٻڻ جي مٿان مس آيو ته ويندو هيٺ گچندو ۽ جيئن جيئن ٻاهر نڪرڻ جي لاء هٿ پير هڻندو اوترو ويندو موت جي ويجھو ٿيندو پر نيل درياء جي رستي ۾ جيڪا ڌٻڻ اچي ٿي انهيء جي مٿان سائي گاھ جي اهڙي ته ٿلهي ۽ مضبوط چادر چڙهيل آهي جو مٿانئس ڀلي هاٿي پيا ٽپا ڏين،مجال جو اندر وڃن!دريا جو پاڻي انهيء ساوڪ ۽ گاھ کي ٿونا هڻڻ بجاء پنهن جي رفتار جھڪي ڪري ان جي ساوڪ جي هيٺان گذرندو رهندو آهي.ڏيئو کڻي پيا پاڻيء کي ڳولهيو ته اتي اچي اوچتو ويو ڪيڏانهن؟جيستائين ست سو ڪلوميٽرن جو سفر پورو نٿو ڪري زمين تي بيٺلن کي پنهن جو ديدار نٿو ڪرائي.هتي هڪ ٻي دلچسپ ڳالھه اها به ڪندا هلون ته انگريزي ۾ هڪ لفظ استعمال ٿئي ٿو  papyrusپاپئيرس جيڪو ڪنهن گٿي جهڙي ٿلهي ڪاغذ جي لاء استعمال ٿئي ٿو، پر اصل ۾ اهو لفظ گاھ جي ان ٿلهي چادر جو نالو آهي جيڪا چادر نيل دريا جي رستي ۾ان ڌٻڻ جي مٿاڇري تي پکڙيل آهي.انهيء مان ئي لفظ Paper ٺهيو آهي جيڪو انگريزيء ۾ عام طور تي ڪاغذ يا پني لاء ڪم اچي ٿو.ان پائيپرس واري سائي چادر هيٺان به جانورن جي هڪ عجيب غريب دنيا آباد آهي.قسمين قسمين مڇيون ۽ ڏيڏر ته ٿيا پنهن جي جڳھه تي پر هتي ته سنسار ئي ڪجھه ٻيو آهي.سارس، ٻگھه، پاڻيء جون رنگ برنگي جھرڪيون ۽ ٻيوبه خبر ناهي ڇا جو ڇا جيڪو خشڪيء جي مڪينن جي اکين کان اوجھل آهي. نيل درياء جا ٻيا ساٿي ۽ سنگتي دريا حبشه جي جبلن کي چيري ڦاڙي اچي نيل ۾ سمائجن ٿا.انهن مان سڀني کان اهم دريا نيرو نيل سڏائي ٿو.اهو درياء حبشه جي تانا ڍنڍ مان تيار ٿي سفر جو سانباهو ڪري  ڪجھه اڳيان هڪ خوبصورت جھرڻي جو روپ وٺي غضب جي تيزيء سان هڪ اونهي کڏ ۾ جمپ هڻي ٿو ۽ نچندو ڪڏندو خرطوم واري جاء تي نيل نديء سان ڀاڪر پائي هڪ ٿي وڃي ٿو. نيل درياء اڳتي جڏهن اتبارا جي هنڌ پهچي ٿو ته هڪ ٻيو درياء اتبارا جي ئي نالي سان منجھس گم ٿي وڃي ٿو.انهي دريا کي به نيل جي سڪ حبشا جي جبلن مان ڇڪي اچي ٿي.خرطوم ڪراس ڪرڻ بعد نيل جي رستي ۾ ڪيتريون ئي اونهيون لاهيون يعني ڪن به سندس ڀليڪار ڪن ٿا.سندس رستي ۾ ڇتيون رڪاوٽون به اچن ٿيون،انهن مان ڇھه عظيم رڪاوٽون آهن جن مان نه ته ڪا ٻيڙي ٿي گذري سگھي ۽ نه ڪا موٽر بوٽ!   
                                                                                                                                                                                 


   سوڊان ۾ مصر جي سرحد تي نيل درياء ناصر ڍنڍ ۾ داخل ٿئي ٿو جيڪا قدرتي نه پر انسان طرفان هٿرادو بنايل ڍنڍن مان دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي.اتي ئي اسوان جي جڳھه تي دريا جي پاڻيء کي روڪڻ لاء هڪ وڏو بند “ اسوان”  جي نالي سان ٻڌو ويو آهي.جتي رڪجندڙ پاڻيء وڏي ڍنڍ ٺاهي ڇڏي آهي جنهن مان ڪئنال يا واھ ڪڍي پاڻيء کي سرنگن مان گذاري انهيء مان بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي.انهيء کان سواء انهن واهن جي ذريعي زمينون آباد ڪيون وييون آهن.درياء نيل جي ٻنهي طرفن پنجاه ـ پنجاه ميلن تائين انهيء پاڻيء تي آباد ٿيندڙ ٻنيون ئي ٻنيون ۽ ساوڪ ئي ساوڪ آهي. ان ڪري ئي  مصر کي درياء نيل جي سوکڙي چيو ويندو آهي جهڙيء طرح سهڻي سنڌ کي اسان سنڌو درياء جي سوکڙي چوندا آهيون.مصر جي گاديء واري شهر قاهره مان گذري ٿڪل ٽٽل نيل دريا  اسڪندريا جي ويجھو پهچي  آهستي آهستي آرام جون تياريون ڪندي آخر پنهن جن موجن کي خوشي خوشيء هڪ وڏي سمنڊ “ بحيره روم ” جي موجن حوالي ڪري اکين کان گم ٿي وڃي ٿو. هتي هڪ ٻي دلچسپ حقيقت به قابل بيان آهي ته جڏهن دنيا ۾ اڃا جديد سائنسي اوزار ايجاد ئي نه ٿيا هئا ان وقت به مصري ماڻهو ان دريا جي پاڻيء جي رفتار ۽ ڪيفيت پرکڻ لاء هڪ اوزار استعمال ڪندا هئا جنهن کي نيلو ميٽر چيو ويندو هو.نيلو ميٽر ڇاهو؟ نيل درياء جي ڪناري ٺهيل هڪ ڪمرو هو جنهن ۾ هڪ سرنگ مان دريا جو پاڻي داخل ٿيندو رهندو هو جنهن جي چڪاس ڪري ان جي رفتار،ڪيفيت،رنگ،ذائقو،ايستائين جو آبپاشيء جي حوالي سان ان جي فائدن ۽ نقصانن جي باري ۾ به اندازا لڳايا ويندا هئا.اهو به اڳواٽ ٻڌايو ويندو هو ته دريا ۾ ٻوڏ ايندي يانه ۽ ڪيترو نقصان ٿيندو وغيره نيل دريا جي ڪناري هزارين سالن تائين تهذيبون جنم وٺنديون ۽ مٽجنديون رهيون واديء نيل جا رهواسي هڪ ڊگھي عرصي تائين ان راز کان اڻ واقف ئي رهيا ته اهو درياء ڪٿان پنهنجو سفر شروع ڪري ڪهڙين ڪهڙين ڌرتين جي اڃ اجھائيندووٽن پهچي ٿوتان جو سترهين صديء ۾ خيال آيو ته اها هنج ته ڏسجي جنهن مان هي درياء ڦٽي ٻاهر نڪري ٿوپر اهو خواب تڏهن پورو ٿئي جڏهن دريا جي سامهون سندس ڪنارو ڏيئي سفر ڪجي.اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم هوجو دريا جتان به گذريو ٿي انهيء جا ڪنارا هلڻ لاء خطرناڪ هئا.وڏا وڏا کڏا،پاڻيء جي زور کان چير چير ٿيل جابلو رستا ۽ اڻ سڌا پيچرا.پر انسان جنهن جي کوپريء ۾ کوجنا جو کوکو ڄائي ڄمندي فٽ ٿيل آهي سو ڪٿان ٿوناڪامين کان آڻ مڃي!1857ع ۾ ٻه يورپي سياح رچرڊ برٽن ۽ جان هيننگ ٽن اسپيڪ آفريڪا جي اڀرندي سامونڊي ڪناري کان روانا ٿيا.ڏکين پيچرن، خطرناڪ جھنگن ۽ جبلن مان گذري رهيا هئا.هڪڙي همراھ برٽن جو ته رستي ۾ مڇرن ئي حشر ڪري ڇڏيو،ڏنگن سان اهڙو سڄائي ڇڏيائونس جو مليريا ۾ مبتلا ٿي مورڳو هلڻ کان ئي لاچار  ٿي پيو.پر برٽن جي بيماري اسپيڪ جي اڳتي وڌندڙ پيرن کي بريڪ نه هڻي سگھي.برٽن کي اتي ئي بيواهو ڇڏي هن وڃي وڪٽوريا جا وڻ ڏٺا۽ دنيا کي ٻڌايائين ته نيل درياء جي نڪرڻ جو هنڌ اها ئي وڪٽوريا ڍنڍ آهي ۽ هو به ايئن! اها ڍنڍ يوگنڊا ۾ آهي ۽ يوگنڊا جي گاديء وارو شهر ڪمپلا انهيء ئي ڍنڍ جي ڪناري مسڪرائي رهيو آهي.درياء نيل جووڏي ۾ وڏو شهر قاهره آهي جتي دنيا جي قديم ترين يونيورسٽي “ جامعه الازهر” آهي.قاهره جي ويجھو ئي مصر جا قديم احرام آهن جيڪي پراڻن مصري بادشاهن جا مقبرا آهن جن ۾ بادشاهن جا مصالحا لڳل لاش اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن.قاهره جو عجائب گھر به دنيا ۾ مشهور آهي.نيل دريا جي ڇيڙي تي سڪندريا جو   شهر آباد آهي.ان شهر تي نالو مشهور عالمي فاتح بادشاه سڪندر اعظم جي نالي جي تعلق 
  سان پيو هو.اتي ئي ڪنهن زماني ۾ هڪ روشنيء جو منارو هو جيڪو دنيا جي عجوبن ۾   شمار ڪيو ويندو هو پر هاڻي اهو لائيٽ هائس سخت زلزلن سبب تباه ٿي چڪو آهي. 
        

نيل درياء جي ڪناري ٽيون وڏو شهر خرطوم آهي.جيڪو سوڊان جي گاديء جو هنڌ آهي.خرطوم جي لفظي معنى “ هاٿيء جي سونڍ” آهي. هي شهر انگريزن آباد ڪيو هو ۽ انهيء جي منصوبابندي سندن جھنڊي “ يونين جيڪ” جي نموني تي ٿيل آهي.جهڙيء طرح پاڪستان جو شهر لائلپوريعني هاڻوڪوفيصل آباد به انگريزن يونين جيڪ جي نموني تي منصوبابندي هيٺ ٺاهيو هو.
            مهراڻ سائنس ڪلب