Tuesday, May 26, 2020

ڇا سائنس ذريعي خدا تائين پهچي سگھجي ٿو؟




شفيق الرحمان شاڪر
خدا جي قدرت ايتري پکڙيل ڪيئن ٿي سگھي ٿي جو ڪائنات جي هر ذري،هر انسان جي  خيالن ۽ جذبن جو علم به ان کي هجي.ان قدرت جي عملي ڊزائين ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟اهو هر عقل واري انسان جي ذهن کي شل ڪرڻ وارو سوال آهي پر اسان کي تسلي ايئن ڪرائي ويندي آهي ته خدا،ان جي ذات ۽ صفتن ۽ قدرت کي اسان نٿا سمجھي سگھون.
ڳالهه ته درست آهي پر هڪ سوچ سمجهه رکندڙ ذهن جيڪو سائنسي بنيادن تي هر شيء جو جواز ڳولهي ٿو اهو خدا جي حوالي سان به تجسس جو اظهار ڪرڻ ۾ درست هوندو آهي ته هن کي هر سوال جو جواب عقلي دليل ذريعي ملي.بهرحال اسان پنهنجي عقل ۽ فهم ذريعي خدا جي قدرت جي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري سگھون ٿا ۽ ايئن ڪرڻ سان اسان جي ايمان تي ڪوبه ناڪاري اثر نه پوندو ڇو ته اسان جو غيب تي ايمان اسان کي الله جي قدرت تي ڪامل يقين عطا ڪري ٿو پر عقل جي بيچيني ختم ڪرڻ لاء عقلي دليل به ضروري آهي ته جيئن وسوسن جو علاج ٿي سگھي.هاڻي اسان الله جي قدرت کي عقلي دليلن جي روشنيء م سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.
اسان جي روزمره جي زندگيء م تيزيء سان داخل ٿيندڙ ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون سوچڻ جون ايتريون دريون کولي ڇڏيون آهن جو ڏسڻ واري اک ۽ سوچڻ واري ذهن کي رڳو ڪجهه ڌيان ڏيڻ جي گھرج آهي.الله جي قدرت سمجھڻ کان پهرين اچو ته اسان انسان جي قدرت سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون.
انٽرنيٽ ڪيترن ئي ارب ڪمپيوٽرن جي وچ ۾ رابطي جو هڪ عالمي نظام آهي جيڪو انٽرنيٽ پروٽوڪول (آئي پي) جي بنياد تي هلي ٿو.سادن لفظن ۾ هي هڪ اليڪٽرانڪ بازار آهي جنهن ۾ هر طرح جون شيون،خدمتون ۽ وندرون موجود آهن.هڪ ارب کان وڌيڪ ويب سائيٽس پاڻ م ڳنڍيل۽ انهن جي ڳولا جو هڪ نظام (سرچ سسٽم) جنهن ذريعي اربين کربين ايڊريسون يا معلومات مان اسان جي گھربل ويب سائيٽ تائين پهچ ممڪن بنائي ٿو جن کي سرچ انجن جو نالو ڏنو ويو آهي. انهن مان سڀ کان مشهور ۽ تيز رفتار گوگل“ سرچ انجن آهي.هڪ رپورٽ مطابق روزانو تلاش ٿيندڙ ستن ارب ويب سائيٽس مان گوگل جو حصو پنج ارب آهي.گوگل ڪروم انسٽال ڪرڻ بعد اسان جي ڪمپيوٽر ۽ گوگل سرور جو نه نظر ايندڙ رابطو قائم ٿي ويندو آهي.هڪ اندازي مطابق گوگل تي هر سيڪنڊ ۾ سراسري طور تي پنجونجاه هزار ڳولا جون فرمائشون اچن ٿيون جن کي نهايت ئي تيز رفتاريء سان پورو ڪيو ويندو آهي.جنهن ۾ هر سوال جي جواب جي ڳولا  سراسري طور تي ڏهائي 2 سيڪنڊ ۾ 1000 ڪمپيوٽرن جو استعمال ٿئي ٿو.ان سافٽ ويئر جي پهچ جو اهو حال آهي جو ڪنهن به ڳولا تي ڪي بورڊ جي مدد سان لکيل ڪنهن اڌوري لفظ تي اهو اڳيان امڪاني جملا يا ايڊريس به اسان جي سامهون کڻي اچي ٿو ته جيئن اسان کي آساني ٿئي بلڪه اسان آواز سان به جيڪر ڪو نالو پڪاريون ته گوگل اها لنڪ به کڻي اچي ٿو.اسان جي سمارٽ فون تي گوگل جي گرفت ايڏي مضبوط آهي جو اهو  جيڪر گم ٿي وڃي ته گوگل نه رڳو اوهان کي ان جي لوڪيشن ڏيکاري ٿو بلڪه ان کي لاڪ به ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي ڊيٽا ڊليٽ به ڪري سگھي ٿو.ڪارڪردگي ۽ قوت جو اندازو ان مان لڳايو جو گوگل کي اٽڪل ٻه ارب ماڻهو استعمال ڪن ٿا .پندرهن سيڪڙو نون سوالن جا جواب ڳولهڻ لاء گوگل روزانو ويهه ارب ويب سائيٽ صفحا ڳولهي ٿو.ناليج گراف ڊيٽا بيس ۾ پنجاهه ڪروڙ ستر لک ادارن جا 18 ارب واقعا ۽ حقيقتون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل صورت ۾ محفوظ آهن.اينڊرايڊ ڊوائيسز جو گوگل سان ڳنڍيل انگ ٻن کربن کان مٿي آهي ۽ هڪ سال اندر گوگل ٻه ٽرلين يعني ويهه کرب سرچ ڪري ٿو.يوٽيوب تي روزانو هڪ ارب ڪلاڪ وڊيو ڏٺيون وڃن ٿيون.گوگل جا اٽڪل اسي هزار ملازم آهن.هڪ ارب ويهه ڪروڙ ماڻهو جي ميل استعمال ڪن ٿا.گوگل جو ڊيش بورڊ اهو ڊيٽا بيس آهي جتي گوگل استعمال ڪندڙن جي پوري ڊيٽا هر وقت اپڊيٽ ٿيندي ٿي رهي ۽ تاريخ وائيز اسان جي هر سرگرمي ان ۾ محفوط رهي ٿي.سيڪنڊ کان به گٽ عرصي ۾ ڪنهن به سوال جو جواب سامهون آڻڻ هاڻي گوگل جو معمول بڻجي چڪو آهي ان ڪري اچو ته ان تي غور ڪريون ته ان جي پويا ڪهڙو سسٽم ڪم ڪري ٿو؟
دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙيل اٽڪل ٽيهه لک سرورز جي ڄار گوگل جو اهو حيران ڪندڙ نظام جوڙيو آهي.گوگل جي ڪارڪردگي ڪنهن عام انسان لاء حيران ڪندڙ ٿي سگھي ٿي پر جن کي انهيء پويان ڪم ڪندڙ نظام جي ڄاڻ آهي انهن لاء ان ۾ حيرت جي ڪا ڳالهه ناهي.بهرحال اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سامهون نظر ايندڙ ڪنهن وڏي نظام پويان به وڏي منصوبا بندي ۽ هڪ باترتيب ڪنٽرول سسٽم هوندو آهي.هاڻي ٿورو اڳتي وڃي پوري انٽرنيٽ جي نظام کي ڏسو ته ڪهڙي نموني فيسبڪ،ٽويٽر،واٽس ايپ،مائڪرو سافٽ،اسڪائيپ،انسٽاگرام وغيره پنهنجن اهڙن ئي ڳنڍيل ۽ باترتيب نظامن سان ڪم ڪن ٿا.سڀني کان دلچسپ وائي فائي جو هڪ نطر نه ايندڙ نظام آهي جيڪو ڪروڙين اربين معلومات کڻي اسان جي آسپاس ”غيب“ ۾ موجود هوندو آهي.جيڪڏهن اسان پنهنجي جڳهه کان ڏسون ته ان انٽرنيٽ سسٽم جا ٻه حصا آهن.هڪ اهو جيڪو طبعي يا فزيڪل آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر سرورز،مشيني انفرا اسٽرڪچر،خلائي مصنوعي سيٽ لائيٽس ۽ ڪيبل جو نظام آهي جيڪو اسان جي اکين کان هن وقت لڪيل آهي. ۽ ٻيو حصو اهو جيڪو اسان جي آسپاس وائي فائي طور پر خيالي صورت ۾ موجود آهي.ان سسٽم سان ڳنڍجڻ لاء اسان کي ڪا ڊوائيس يعني ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون وغيره گھربل ٿئي ٿي.اها ڊوائيس ئي
آهي جيڪا وائي فائي جي جي سگنلز کي واپس معلومات ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.اها اهو راز کولي ٿي ته ڪا به عام فضا به حقيقت م خالي ناهي هوندي بلڪه هڪ نه نظر ايندڙ دنيا ان خاموشيء اندر موجود ٿي سگھي ٿي جنهن ۾ بي شمار معلومات موجون هڻندي رهي ٿي.جيڪڏهن گوگل جي وضاحت ڪئي وڃي ته اهو هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو هر پل لکين انسان جي ڳالهه ٻڌي به رهيو آهي ۽ جواب به ڏيئي رهيو آهي.انهن ئي گھڙين م هو هر انسان جي ڪمپيوٽر جي ڪلڪ به محفوظ ڪري رهيو آهي ڄڻ ته هر ماڻهو جو ذاتي ريڪارڊ پاڻ وٽ گڏ به ڪري رهيو آهي.اهو سيٽلائيٽ ميپ ذريعي ماڻهن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ نه رڳو گھمائي رهيو آهي پر سمارٽ فونز جي چرپر به محفوظ ڪري رهيو آهي.جيڪڏهن ان جو تعلق لائيو سيٽلائيٽ ريڪارڊنگ سان هجي ته گھر کان ٻاهر واري سڀني جي چر پر به ريڪارڊ ڪري رهيو آهي.”ڪريم“ ۽ ”اوبر“ سروسز ان جا مثال آهن.اهو سڀ ڪجهه شفاف سچائيون آهن ته هڪ فعال نظام هڪ ئي وقت ڪروڙين انسانن سان مختلف طريقن سان رابطو رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.اهو هڪ انسان جو شاهڪار آهي ۽ ان کي هلائيندڙ ڪنٽرولنگ اٿارٽي به ڪجهه انسان آهن.سوچڻ جي ڳالهه اها اهي ته گوگل انسان جو بنايل هڪ سسٽم آهي ته پوء جنهن هستيء انسان کي جوڙيو اها ڪهڙي ڪهڙي عجيب تخليق تي ڪيئن نه قادر هوندي؟انٽرنيٽ ۽ سرچ سسٽم کي سمجھڻ کان پوء هاڻي ڪائنات جي نظام کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.الله جا نظام جنهن سسٽم هيٺ هلي رهيا آهن اسان کي انهنجي في الحال ڄاڻ ڪانهي پر جديد ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم ۽ انٽرنيٽ اسان کي ٻڌائين ٿا ته انهيء کان به مٿانهون ۽ وڌيڪ عجيب نظام ممڪن آهي.اها ڳالهه ته پڪي آهي ته ڪوبه سسٽم بنان منصوبي جي نه جڙي سگھي ٿو ۽ نه ئي هلي سگھي ٿو.ڪائنات به هڪ سسٽم آهي.انسان جو پنهنجي خالق سان لاڳاپو انتظامي ئي نه پر هڪ فطري گھرج آهي.دنيا جو هر ذرو ۽ هر شيء ڪنهن سمارٽ فون جيان ڪنهن روحاني يا اڻ ڄاتل پروٽوڪول سان ڳنڍيل آهي.ڪائنات جي سسٽم جا به ٻه پاسا آهن.هڪ طبعي ۽ ٻيو نظر نه ايندڙ يعني ”غيب“. پر انٽرنيٽ سسٽم جي ڀيٽ ۾ ان ڪائناتي نظام ۾ نرالي ڳالهه اها آهي جو ان جو هتي ابتو استعمال يا اطلاق آهي.انٽرنيٽ ۾ اسان غيبي ماحول( وائي فائي) سان ڳنڍيل هوندا آهيون ۽ طبعي ماحول”سورورز وغيره) اسان جي اکين کان غائب هوندا آهن.جڏهن ته ڪائناتي ماحول ۾ اسان طبعي ماحول ۾ هوندا آهيون جڏهن ته ان جو فنڪشنل نظم ”غيب“ اسان جي حواسن کان لڪيل هوندو آهي جنهن ۾ فطري قانون،توانائيون ۽ شڪتيون شامل هونديون آهن.هڪ پاسو اهو به آهي ته هر نظام موثر منصوبا بنديء سان لاڳو ٿيندو آهي پر ان کي جاري رکڻ لاء مختلف ڪارندن جو هئڻ ضروري هوندو آهي.ڪائنات جي نظام جي فنڪشنل هئڻ ۾ الله جي ڪارندن جو جيڪو اهم مقام آهي ان جو اندازو ان مان لڳايو جو الله پاڻ کان پوء فرشتن تي ايمان لازمي قرار ڏنو آهي.اهو ان ڳالهه جو ثبوت اهي ته خالق فرشتن جو محتاج نه هئڻ باوجود انسان کي عقلي طور تي به مطئمن ڪري رهيو آهي ته ڪائناتي سسٽم هن ڪيئن جوڙيو ۽ ڪيئن هلائي رهيو آهي.هتي هڪ ٻي ڳالهه به پڌري ٿئي ٿي ته الله تعاليٰ انسان کي پنهنجو نائب بنائڻ کان پهرين پنهنجي ڪجهه صفتن جو عڪس ان ۾ منتقل ڪيو جنهن ڪري انسان پنهنجا نظام هلائي رهيو آهي يعني پلاننگ،انتظام ۽ خالق سان رابطو.جهڙيء طرح گوگل جي نظام جو خالق ٻاهر رهي هڪ عظيم سسٽم کي جاري رکندو ٿو اچي شايد اهڙو ئي ڪو نظم آهي جو الله هن سسٽم کان ٻاهر رهي به ڪائنات ۽ زندگيء جو نظام جاري ۽ ساري رکندو ٿو اچي.گوگل جا پنهنجا فون اينڊرياڊ بلٽ ان سسٽم سان جڙيل هوندا اهن جن ۾ پنهنجو جي ميل اڪائونٽ وجھي اوهان گونگل سان ڳنڍجي وڃو ٿا.بلڪل ان نموني انسان خدا جي باري ۾ هڪ بلٽ ان فڪري تجسس کڻي پيدا ٿيو آهي جيڪو روح ۾ رچيل آهي.رڳو ان جو اقرار ان جو رابطو پنهنجي رب سان ايڪٽيويٽ ڪري ڇڏي ٿو.هتي غور جي لائق اهو نڪتو آهي ته اسان انٽرنيٽ جي ماحول يا نظم سان  تعلق ان وقت قائم ڪري سگھون ٿا جڏهن اسان ان جي فنڪشنل طبعي پاسي سان سهمت ڪا طبعي ڊوائيس استعمال ڪيون ٿا جيئن ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون وائي فائي سسٽم يا ڪيبل ذريعي اسان جو رابطو انٽرنيٽ جي لڪيل نظام سان ڳنڍي ڇڏين ٿا ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪائنات جي نظر نه ايندڙ فنڪشنل پيراميٽرز سان تعلق جوڙڻ لاء به نظر نه ايندڙ واسطا گھربل نه هوندا؟ اها ڳالهه عين منطقي آهي ته ڪائنات کي هلائيندڙ نه نظر ايندڙ نظام کي ڄاڻڻ ۽ ان جي خالق سان رابطي جو ڪو طريقو يا ”ڊوائيس“ موجود هجي.پر اها ڊوائيس ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟ڇا عقل يا شعور؟رسالت،عبادت ۽ نماز ته ناهي؟سوچيو! پر هڪ ٻيو اهم سوال ته ڇا ڊيش بورڊ جيان ڪو اعليٰ ”غيبي“ نظام اسان جي سمورن عملن ۽ حرڪتن کي محفوظ نٿو ڪري سگھي؟ڇا ڪنهن ڪڏهن گوگل کي ڏٺو آهي؟خدا جو انڪار ڪندڙ ڇا اسان کي گوگل،فيسبڪ ۽ مائيڪرو سافٽ ڏيکاري سگھن ٿا؟ٿورو سوچيو.هتي انهن شين جي خدا سان ڀيٽ نه پر اهو واضح ڪرڻو آهي ته دنيا جي طبعي ماحول ۾ به اهڙا نظر نه ايندڙ عوامل موجود آهن جيڪي اسان جي عملن ۾ اوتجڻ جي صلاحيت رکن ٿا.جيئن ته جديديت جو فلسفو انسان کي ئي عقل ڪل سمجھي ٿو ان ڪري ان فلسفي تي ايمان آڻيندڙ جديد انسان خدا کي هڪ بيجان ۽ بي عمل هستي يا خيال سمجھي ٿو.جڏهن ته ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته جديد انسان پنهنجي ننڍڙي ۽ محدود عقل سان پنهنجي ۽ ڪائنات جي شروعات ئي نه سمجھي سگھيو آهي ته پوء الله کي ڪيئن سمجھي سگھندو.ان غير يقيني سوچ ۽ عظمت جي خبط جي فطري نتيجي ۾ جديديت جو پيروڪار انسان “عقل جي قبض“ ۾ ڦاسي وڃي ٿو جنهن سان سندس سوچ ۾ اهڙا ناڪاري ذهني تالا لڳي وڃن ٿا جو هٽ ڌرميء سبب پاڻ کان وڌيڪ ڪنهن مٿانهين قوت يعني خدا جو انڪار ڪرڻ لڳي ٿو.باقي جيڪر عقل کي تالا لڳل نه هجن ته هر زبان اهو پڪاري ٿي ته ”هر وک تي تنهن جي قدرت جا لکين جلوا موجود آهن،بيوس منهنجو عقل ٻن اکين سان ڇا ڇا ڏسي!“

(روزاني هلال پاڪستان)

Thursday, May 14, 2020

ڇا اسلام جو سائنس سان تڪرار آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر

سائنس لاطيني ٻوليء جو لفظ آهي جنهنجي معنيٰ آهي ”ڄاڻڻ“.پروفيسر ڪي لنگسرد مطابق سائنس فطرت جي نظام جو نالو آهي جيڪو مشاهدي،تجربي ۽ عقل سان حاصل ٿئي ٿو.علم ڪي جنهن شعبي کي اسان سائنس چئون ٿا ان جو ٻيو نالو علم ڪائنات آهي جنهن ۾ انسان جو علم به شامل آهي.سائنسدان ڪائنات جي مشاهدي مان ڪجهه نتيجا ڪڍي ٿو.هر صحيح سائنسي نتيجي کي اسان پڪي علمي سچائي يا قدرت جو قانون سمجھندا آهيون.مشاهدي ۽ تجربي سان حاصل ٿيل علمي حقيقتن کي جڏهن مرتب ۽ منظم ڪيو ويندو آهي ته ان کي سائنس چئبو آهي.
قرآن مجيد ۾ به الله تعاليٰ انسانن کي دعوت ڏئي ٿو ته اهي آسمانن،زمين،جبلن،تارن،وڻن،ٻوٽن، ٻجن،جانورن،رات ڏينهن جي تبديلي،انساني بناوت،برساتن ۽ اهڙين ئي ٻين شين تي سوچ ويچار ۽ تحقيق ڪن ته جيئن اهي پنهنجي آسپاس ۾ پکڙيل ڪمال جي هنرمنديء وارن بيشمار نمونن کي ڏسي ان احسن الخالقين کي سڃاڻي سگھن جنهن هن پوري ڪائنات ۽ ان جي اندر موجود سمورين شين کي عدم مان وجود ۾ آندو.الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ” آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن تان اهي ماڻهو گذرندا رهن ٿا ۽ انهن طرف ڌيان ئي نٿا ڏين.“ اهو به فرمايو ويو ته جيڪي ماڻهو سوچين ۽ سمجھن ٿا انهن لاء آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾،رات ۽ ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾،انهن ٻيڙين ۾ جيڪي ماڻهن کي فائدو ڏيندڙ شيون کڻي سمنڊ ۾ هلن ٿيون،الله جي پاران آسمان مان مينهن وسائڻ ۾ جنهن سان هو مئل زمين کي زنده ڪري ٿو ۽ انهيء ۾ هر طرح جي جاندار مخلوق کي پکيڙي ڇڏي ٿو،هوائن جي گردش ۾ ۽ انهن ڪڪرن ۾ جيڪي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ حڪم جا پابند آهن بيشمار نشانيون آهن.“
اهو به فرمايو ويو ته ” آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ انسانن کي پيدا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ پڪ سان وڏو ڪم آهي پر گھڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.“
امام ابن ڪثير هڪ واقعو نقل ڪندي لکي ٿو ته بني اسرائيل جي عابدن مان هڪڙي پنهنجي ٽيهه سالا عبادت جو عرصو پورو ڪري ورتو پر جهڙيء طرح ٻين عابدن تي ٽيهه سالا عبادت بعد ڪڪرن جي ڇانو ٿيندي هئي ان عابد تي اها نه ٿي.هن پنهنجي ماء کان ان جو سبب پڇيو.ماڻس چيو پٽ! تو پنهنجي عبادت جي عرصي دوران ڪو گناهه ڪيو هوندو.هن چيو امان! مون هڪ به گناهه ناهي ڪيو.ماڻس چيو ته پوء تو ڪنهن گناهه جو ارادو ڪيو هوندو.جواب ڏنائين ته ايئن به بلڪل ناهي ٿيو.ماء چيو ته ممڪن اهي ته تو آسمان طرف نظر ڪئي هجي ۽ سوچ ويچار کان سواء هٽائي ڇڏي هجي.غابد چيو ته ايئن ته برابر ٿيندو رهيو آهي.ماء چيو ته بس اهو ئي ان جو سبب آهي.
الله جي رسول صلي الله عليه وسلم جن به ماڻهن کي علم حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڏي تاڪيد سان فرمايو ته علم حاصل ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي.
قرآن مجيد ۾ هڪ هنڌ فرمايو ويو ته ” الله تعاليٰ کان سندس بندن مان رڳو اهي ڊڄندا آهن جيڪي علم رکندڙ آهن.“
هتي هڪ واقعي جو ذڪر مناسب آهي جيڪو علامه عنايت الله مشرقي روايت ڪيو آهي.هن سان اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هو برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو.علامه صاحب فرمائي ٿو ته 1909ع جي ڳالهه آهي،آچر جو ڏينهن هو ۽ سخت برسات ٿي رهي هئي.آئون ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪتس ته ڪيمبرج يونيورسٽي جو مشهور ماهر فلڪيات سر جيمز جينس ڪڇ ۾ بائيبل دٻايو چرچ طرف وڃي رهيو هو.مون ويجھو وڃي سلام ڪيو ته چوڻ لڳو ته ” ڇا ٿو چاهين؟“ مون چيو ٻه ڳالهيون،پهرين اها ته زور سان برسات ٿي رهي آهي ۽ اوهان ڇٽي پنهن جي بغل ۾ دٻائي رکي آهي.سر جيمز پنهنجي بد حواسيء تي مرڪيو ۽ ڇٽي ڪڍي پنهنجي مٿان تاڻيائين.ٻي ڳالهه اها ته اوهان جهڙو مشهور ماڻهو عبادت لاء گرجا گھر وڃي رهيو آهي؟ منهنجي ان سوال تي سر جيمز ڪجهه دير لاء خاموش ٿي ويو ۽ پوء مون ڏانهن منهن ڪندي چيائين” اڄ شام جو چانهه مون سان گڏ پيئجانء.“
آئون شام جو سندس رهائشگاهه تي پهتس،ٺيڪ چئين وڳين ليڊي جيمز ٻاهر اچي چيو ته “سر جيمز تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“اندر ويس ته هڪ ننڍڙي ميز تي چانهه رکيل هئي.پروفيسر صاحب سوچن ۾ گم هو.چوڻ لڳو ” تنهن جو سوال ڇا هو؟“ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ سواء ئي آسماني جسمن جي پيدائش،ان جي حيرت ۾ وجھندڙ نظام،نهايت ئي اونهاين ۽ مفاصلن،انهن جي منجھيل رستن ۽ مدارن،انهن جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي ۽ روشنيء جي طوفانن تي اهڙيون ته ايمان واريون حقيقتون بيان ڪيائين جو جو منهنجي دل الله جي وڏائي ۽ قدرت تي ڪنبڻ لڳي ۽ هن جي پنهنجي ڪيفيت اها هئي جو سندس مٿي جا وار اڀا ٿي رهيا هئا.اکين مان حيرت ۽ خوف جي ڪيفيت ظاهر هئي.الله جي حڪمت ۽ دانائي جي هيبت کان سندس هٿ ڪجهه ڏڪي رهيا هئا ۽ آواز لرزي رهيو هو.چوڻ لڳو ؛ ”عنايت الله! جڏهن آئون الله جي تخليقي ڪارنامن تي نظر وجھان ٿو ته منهن جي سڄي هستي الله جي جلال کان ڪنبڻ لڳي ٿي ۽ جڏهن آئون ڪليسا ۾ الله جي آڏو مٿو ٽيڪي چوان ٿو ته تون نهايت ئي وڏو آهين ته منهن جي وجود جو هر ذرو منهنجو هم آواز بڻجي وڃي ٿو .مون کي نهايت ئي گھڻو سڪون ملندو آهي.مون کي ٻين جي ڀيٽ ۾ عبادت ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ لطف ايندو آهي.ٻڌاء عنايت الله خان! تنهنجي سمجهه ۾ ايو ته آئون گرجا ۾ ڇو ويندو آهيان؟“
علامه مشرقي بيان ڪري ٿو ته پروفيسر جي انهن لفظن منهن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ برپا ڪري ڇڏي.مون چيو جناب عالي! آئون اوهان جي روح پرور ڳالهين کان گھڻو متاثر ٿيو آهيان.ان سلسلي ۾ قرآن ڪريم جي هڪ آيت ياد اچي ويئي ته ” ۽ جبلن ۾ اچي ۽ ڳاڙهي رنگ جا قطعا آهن ۽ ڪجهه ڪارا آهن.انسانن،جانورن ۽ چوپاين جا ڪيترن ئي قسمن جا رنگ آهن.الله کان ته سندس بندن مان اهي ڊڄندا آهن جيڪي علم ورا آهن.“اهو ٻڌندي ئي پروفيسر جيمز چوڻ لڳو” ڇا چيئي؟الله کان رڳو علم وارا ڊڄندا آهن؟عجيب ڳالهه اهي جيڪا مون کي پنجاهه سالن جي مطالعي ۽ مشاهدي بعد معلوم ٿي آهي.“
سائنس اسان کي هن ڪائنات ۽ ٻي مخلوق جي مطالعي جو هڪ طريقو ٻڌائي ٿي جنهن سان اسان کي مخلوق جي وجود جي سونهن  ۽ خالق جي عظيم دانائيء جو شعور ملي ٿو.ان ڪري اسلام سائنس جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ڇو ته اسان ان ذريعي خدا جي تخليق جي لطافتن ۽ نزاڪتن جو بهتر نموني اڀياس ڪري سگھون ٿا.اسلام نه رڳو سائنس جي حوصلا افزائي ڪري ٿو پر اها به اجازت ڏئي ٿو ته جيڪر اسان گھرون ته پنهنجي تحقيقي ڪم کي نتيجي وارو بنائڻ لاء دين جي بيان ڪيل حقيقتن کان به مدد حاصل ڪري سگھون ٿا.ان سان ٺوس نتيجا حاصل ٿيڻ سان گڏوگڏ منزل به ترت ويجھو اچي ويندي.ان جو سبب اهو جو دين اهو اڪيلو ذريعو آهي جيڪو ڪائنات ۽ زندگيء جي وجود ۾ اچڻ جي باري ۾ سوالن جا صحيح ۽ سڌا جواب ڏئي ٿو.جيڪڏهن تحقيق جو بنياد صگحيح هجي ته ڪائنات جي شروعات،زندگيء جو مقصد ءٌ زندگيء جي نظام جي باري ۾ ڪو مونجھارو باقي نٿو رهي.اڄ سائنسي علمن جيڪا ترقي ڪئي آهي ان انسان تي حيرت جا دروازا کولي ڇڏيا آهن.لنهن شيء جي باري ۾ اڄ کان سو سال پهرين سوچڻ به ناممڪن هو اهي شيون هاڻي ممڪن بڻجي چڪيون آهن.انسان زندگيء جي هر ميدان ۾ سائنسي علم تي ڀروسو ۽ ان کي عمل ۾ آڻيندو ٿو وڃي پر سائنس جو هڪ نقصانڪار پاسو اهو آهي جو ڪجهه مسلمان به دين جي معاملي ۾ سائنس کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳا آهن.اهي سمجھن ٿا ته اسلام ۽ سائنس ۾ ڪو ضد ۽ تڪرار آهي.اهي ٻئي گڏ هلي نٿا سگھن ۽ اهو ته اسلام هڪ قديم مذهب اهي جيڪو هاڻوڪي دور جي ضرورتن کي پورو نٿو ڪري سگھي جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي.مولانا سيد مودودي جديد سائنس جي حوالي سان لکي ٿو ته ” پراڻي زماني ۾ ماڻهن آسمان ۽ زمين جي پيدائش،پاڻيء مان هر ساهواري شيء جي پيدا ٿيڻ ۽ تارن جي هڪ هڪ مدار ۾ ترڻ جو مفهوم ڪجهه ٻيو هو،هاڻوڪي زماني ۾ فزڪس،بايولاجي ۽ اسٽرونامي جي جديد معلومات اسان لاء انهن جو ڪجهه ٻيو مفهوم پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ نٿو چئي سگھجي ته اڳيان هلي ڪري انسان کي جيڪا معلومات حاصل ٿيندي اها انهن لفظن جي ڪهڙين معنائن تي روشني وجھندي.“
فزڪس جي مشهور نوبل انعام يافته سائنسدان البرٽ آئن اسٽائين موجب سائنس مذهب سواء منڊي آهي ۽ مذهب سائنس سواء انڌو آهي.ان جو مطلب اهو آهي ته سائنس کي جيڪر مذهب جي روشني ۽ رهنمائي مهيا نه هجي ته اها ضحيح نموني اڳيان وک وڌائي نٿي سگھي.ماضي گواه آهي ته اڪثر ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي.مادي پرست سائنسدانن ماضيء ۾ جيڪو طريقو اختيار ڪيو انهيء ۾ گھڻو وقت ضايع ٿي ويو.بلڪه اهڙيون خطرناڪ شيون به ايجاد ٿيون جيڪي انسانيت جي لاء تباهيء جو سامان آهن.اها ئي شيء سائنس ۽ مذهب جي وچ ۾ ٽڪراء جو سبب بڻي.اها سوچ ته سائنس ۽ مذهب هڪ ٻئي جا مخالف آهن،يهوديت ۽ عيسائيت جي اثر هيٺ ملڪن ۾ به ساڳيء طرح پکڙيل آهي جهڙيء طرح مسلمان دنيا ۾.حقيقيت اها آهي ته ڪنهن به توحيد پرست مذهب ۾ ڪا اهڙي تحرير موجود ناهي جيڪا سائنس کي رد ڪندي هجي.تنهن هوندي به اهو به سچ آهي ته ماضيء ۾ چرچ جي حڪم تي سائنسي علمن جو حصول ۽ ان جي جستجو گناهه قرار ڏني ويئي.پادرين قديم عهد نامن مان اهڙيون گواهيون حاصل ڪيون جن ۾ لکيل هو ته اهو منع ڪيل وڻ جنهنجو ميوو حضرت آدم عليه السلام کاڌو هو اهو علم جو وڻ هو.ان سبب الله تعاليٰ هن کان ناراض ٿيو.سائنسي علم چرچ جي حڪم تي رد ڪيا ويا ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو.جيئرو ساڙڻ جي ڊپ کان ڪيترائي سائنسدان جلا وطنيء تي مجبور ٿيا ايستائين جو انهن کي توبه ڪرڻ،پنهنجو رويو بدلائڻ ۽ معافي وٺڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.مشهور سائنسدان گليلو تي ان ڪري مقدمو هليو جو هن ان نظريي کي مڃي ورتو هو ته جيڪو زمين جي گردش جي باري ۾ ڪوپر نيڪس پيش ڪيو هو.بائيبل مان هڪ غلط تاويل ڪري گليلو کي سزا ڏني ويئي.
(روزاني هلال پاڪستان)

Friday, April 24, 2020

گھٻراهٽ،فوبيا۽ پينڪ.



شفيق الرحمان شاڪر
گھٻراهٽ هڪ عام انساني احساس آهي.اسان سڀني کي ان جو تجربو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن اسان ڪنهن مشڪل يا سخت وقت مان گذرون ٿا.خطرن کان بچڻ،هوشيار رهڻ ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ عام طور تي خوف ۽ گھٻراهٽ فائديمند ثابت ٿين ٿا تنهن هوندي به جيڪڏهن اهي احساس سخت ٿي وڃن يا گھڻي عرصي تائين رهن ته اهي اسان کي انهن ڪمن کان به روڪي ڇڏين ٿا جيڪي اسان ڪرڻ گھرون ٿا ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي زندگي ڏکي بڻجي سگھي ٿي.
فوبيا ڪنهن اهڙي خاص صورتحال يا شيء جو خوف آهي جيڪا خطرناڪ نٿي ٿئي ۽ عام طور تي ماڻهن لاء پريشانيء جو سبب نه هوندي آهي.
گھٻراهٽ جون هيٺيون نشانيون ٿي سگھن ٿيون.دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ،وڌيڪ پگھر اچڻ،پٺن ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيڻ،ساهه جو تيز هلڻ،بيهوش ٿيڻ جو خوف هئڻ،بد هضمي،دست ۽ ذهني علامتن ۾ هر وقت پريشانيء جو احساس،ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ،ڪنهن شيء تي ڌيان نه ڄمڻ،طبيعت ۾ اجائي چڙ،ننڊ نه اچڻ وغيره شامل آهن.
گھٻراهٽ جو شڪار ماڻهو انهن نشانين سبب اهو سمجھندا آهن ته انهن کي ڪا  شديد جسماني بيماري ٿي ويئي آهي.گھٻراهٽ سان انهن نشانين ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو اچي ويندو آهي.گھٻراهٽ جا غير امڪاني اوچتا دورا پينڪ(Panic) سڏرائين ٿا.گھڻو ڪري گھٻراهٽ ۽ پينڪ سان گڏ ڊپريشن به ٿيندو آهي.جڏهن اسان اداس ٿيندا آهيون ته اسان جي بک ختم ٿي ويندي آهي ۽ مستقبل اونداهون نظر اچڻ لڳندو آهي.ڪو اهڙو شخص جنهن کي فوبيا هجي ان ۾ مٿي بيان ڪيل گھٻراهٽ جون سخت نشانيون پاتيون وينديون آهن پر اهي ان وقت ظاهر ٿينديون آهن جڏهن اهو شخص ڪنهن خاص صورتحال ۾ هجي جنهن ۾ هن کي سخت گھٻراهٽ ٿيندي هجي.ٻين موقعن تي ان کي ان قسم جي گھبراهٽ نٿي ٿئي.جيڪڏهن اوهان کي ڪتن جو خوف هجي ته ان وقت اوهان بلڪل ٺيڪ هوندا جڏهن اوهان جي آسپاس ڪتا موجود نه هجن.جيڪڏهن اوهان کي بلنديء کان خوف ايندو هجي ته اوهان زمين تي بلڪل نارمل رهندا.جيڪڏهن اوهان هجوم کي منهن نه ڏيئي سگھندا هجو ته اڪيلائيء ۾ اوهان کي ڪو مسئلو نه ٿيندو.فوبيا ۾ ڦاٿل شخص اهڙي صورتحال کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪا کيس گھٻراهٽ ۾ ڦاسائي سگھي ٿي پر اصل ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فوبيا سخت کان سخت ٿيندي ويندي آهي.ان جو مطلب اهو به ٿي سگھي ٿو ته متاثر ٿيل شخص جي زندگي انهن احتياطي تدبيرن جي محتاج ٿي وڃي جيڪي کيس انهيء صورتحال کان بچڻ لاء اختيار ڪرڻيون پون ٿيون.انهيء بيماريء ۾ ورتل ماڻهوء کي معلوم هوندو آهي ته اهڙو ڪو حقيقي خطرو موجود ناهي.هن کي پنهنجو خوف بيوقوفاڻو لڳندو آهي پر ان جي باوجود هو انهيء کي قابوء ۾ آڻي نٿو سگھي.اهڙي فوبيا جيڪا ڪنهن پريشان ڪندڙ واقعي يا حادثي جي نتيجي ۾ شروع ٿي هجي ان جي ختم ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ چٽا هوندا آهن.هر ڏهن مان هڪ ماڻهو زندگيء ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن تڪليف ڏيندڙ گھٻراهٽ يا فوبيا جو شڪار ضرور ٿئي ٿو تنهن هوندي به گھڻا ماڻهو ان جو علاج نٿا ڪرائين.هاڻي اچو ته ان جي سببن تي سوچيون. اسان مان ڪجهه ماڻهن جي طبيعت ان قسم جي هوندي آهي جو اهي هر ڳالهه تي پريشان ٿي ويندا آهن.جاچ مان خبر پيئي آهي ته ان قسم جي طبيعت جينز ذريعي ورثي ۾ ملي ٿي تنهن هوندي به جيڪي ماڻهو قدرتي طور تي هر وقت پريشان  نٿارهن جيڪر انهن تي به لاڳيتو دٻاء پوندو رهي ته اهي به گھٻراهٽ جو شڪار ٿي سگھن ٿا.ڪڏهن ڪڏهن گھٻراهٽ جو سبب نهايت چٽو ۽ واضح هوندو آهي ۽ جڏهن مسئلو حل ٿي وڃي ته گھٻراهٽ به ختم ٿي ويندي آهي پر ڪجهه واقعا ۽ حالتون ايتريون ته تڪليف ڏيندڙ ۽ خوفناڪ هونديون آهن جن سبب پيدا ٿيندڙ گھٻراهٽ واقعن جي ختم ٿيڻ کان ڊگھي عرصي بعد به جاري رهي ٿي.اهي عام طور تي ان قسم جا واقعا هوندا آهن جن مان انسان جي جان کي خطرو هجي.مثال،ڪار يا ريل جا حادثا ۽ باهه وغيره.انهن واقعن ۾ شامل ماڻهو مهينن ۽ سالن تائين گھٻراهٽ ۽ پريشانيء جو شڪار رهي سگھن ٿا.توڙي جو انهن کي ڪا جسماني چوٽ نه لڳي هجي.اهي نشانيون Post Traumatic Stress Disorder ۾ پاتيون وڃن ٿيون.ڪڏهن ڪڏهن نشي وارين شين جهڙوڪ ايمفيٽا مائينز،ايل ايس ڊي يا ايڪسٽيسي جي استعمال سبب به گھٻراهٽ ٿي سگھي ٿي ايستائين جو ڪافي ۾ موجود ڪيفين به اسان مان ڪجهه ماڻهن کي تڪليف ڏيندڙ حد تائين گھٻراهٽ جو شڪار ڪري سگھي ٿو.تنهن هوندي به ٻئي پاسي اهو واضح ناهي ته ڪو خاص شخص ڪهڙي سبب گھٻراهٽ ۾ ڦاٿل آهي.ان ڪري جو اهو ان جي شخصيت،ان تي گذرندڙ واقعن ۽ زندگيء جي تبديلين جي سبب ٿي سگھي ٿو.جيڪڏهن اسان کي گھڻو دٻاء ۾ رهڻو پوي ته اسان گھڻو وقت پريشان ۽ ڊنل رهنداسين. اسان عام طور تي انهن ڪيفيتن جو مقابلو ڪري به وٺندا آهيون ڇو ته اسان کي انهن جي سببن جي خبر هوندي آهي ۽ اهو معلوم هوندو آهي ته اها صورتحال ڪڏهن ختم ٿيندي.مثال ڊرائيونگ ٽيسٽ کان پهرين اسان مان گھڻا ماڻهو گھٻراهٽ جوشڪار ٿين ٿا پر اسان ان تي قابو پائي وٺون ٿا ڇو جو اسان کي خبر هوندي آهي ته ٽيسٽ ختم ٿيڻ بعد گھٻراهٽ ختم ٿي ويندي.پر گھڻا ماڻهو تمام گھڻي وقت تائين ان گھٻراهٽ ۽ خوف جي احساس جو شڪار رهن ٿا.انهن کي ناهي خبر هوندي ته کين ڪهڙي سبب پريشاني ٿي رهي آهي ۽ اها گھٻراهٽ ڪڏهن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي.انهيء تي قابو پائڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ عام طور تي ڪنهنجي مدد جي گھرج هوندي آهي.گھڻو ڪري ماڻهو ان موقعي تي مدد حاصل ڪرڻ ناهن گھرندا جو انهن کي لڳندو آهي ته ماڻهو کين چريو سمجھندا.جڏهن ته حقيقت اها آهي ته گھٻراهٽ ۽ خوف ۾ ورتل ماڻهو مشڪل سان ئي ڪنهن سخت ذهني بيمارين جو شڪار ٿين ٿا.جيترو جلد ممڪن ٿئي مدد حاصل ڪرڻ بهتر هوندي آهي.
گھڻا ٻار به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن سبب ڊڄي ويندا آهن.اوسر دوران اها معمول جي ڳالهه آهي.ڪجهه ٻار اوندهه يا فرضي وجودن جهڙوڪ جنن ڀوتن کان ڊڄندا آهن.اهو خوف عام طور تي وڏي ٿيڻ بعد ختم ٿي ويندو آهي.گھڻا ٻار ادسڪول جي پهرئين ڏينهن نهايت ئي هيسيل رهن ٿا ۽ بعد ۾ اهو خوف ختم ٿي وڃي ٿو.نوجوانن جي طبيعت اڪثر بدلبي رهبي آهي.انهن جي پريشانين جا سبب مختلف ٿي سگھن ٿا.مثال؛ اهي ڪيئن لڳي رهيا آهن،ٻيا ماڻهو انهن جي باري ۾ ڇا ٿا سوچين وغيره. انهن پريشانين تي ڳالهه ٻولهه ذريعي قابو پائي سگھجي ٿو تنهن هوندي به جڏهن پريشانيون حد کان وڌي وڃن ته ڊاڪٽر سان مشورو لازمي آهي.جڏهن پريشاني ڪنهن خاص مسئلي سبب پيدا ٿي هجي ته مائٽن ۽ دوستن سان گفتگو ذريعي ڪافي مدد ملي سگھي ٿي.بنيادي ڳالهه اها آهي ته گھبراهٽ ۽ پريشانيء کي منهن ڏيڻ لاء پرسڪون رهڻ جو طريقو سکڻ گھرجي.اهو گروپ جي صورت ۾ به ٿي سگھي ٿو،ماهرن جي مدد سان به ۽ ان کان سواء مختلف ڪتابن ۽ وڊيوز جي مدد سان پڻ.انهيء کان سواء سائيڪو ٿراپي ڳالهه ٻولهه جو هڪ وڌيڪ جامع ۽ ڪارگر طريقو آهي جنهن سان گھٻراهٽ جي سببن کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي.گھٻراهٽ ۽ فوبيا ۾ ورتل ماڻهن جو علاج دوائن ذريعي به ڪيو وڃي ٿو.عام سڪون ڏيندڙ دوائوم جهڙوڪ ويليم وغيره گھٻراهٽ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون پر اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته انهن دوائن جي گھڻي استعمال سان انسان انهن جو عادي بڻجي سگھي ٿو جن کي ڇڏڻ جي صورت ۾ اڻ وڻندڙ علامتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو ان ڪري انهن دوائن جو استعمال ڪنهن به مستند ڊاڪٽر جي مشوري سواء هرگز نه ڪرڻ گھرجي.
 (روزاني مهراڻ)





Tuesday, March 24, 2020

”اسٽرنگ ٿيوري“ جو انڪار ڇو نه؟



شفيق الرحمان شاڪر
ڪائنات جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مفاصلو 93 ارب نوري سال آهي ۽ اها لاڳيتو پکڙجي رهي آهي.روشنيء جي رفتار ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي.جيڪڏهن روشنيء جو ڪرڻو هڪ ڇيڙي کان سفر شروع ڪري ته اهو ڪڏهن به ٻئي ڇيڙي تائين نٿو پهچي سگھي يعني سائنس وٽ ڪو اهڙو طريقو موجود ناهي جنهن ذريعي ڄاڻي سگھجي ته ڪائنات جي ٻئي ڇيڙي تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ البت ”هائر ڊائمينشنز“ ۾ پهچ سان اهو ممڪن آهي.”اسٽرنگ ٿيوري“ مطابق وقت کي ملائي ڪل يارهن ڊائمينشنز ٿين ٿيون جن مان اسان رڳو ٽن ۾ قيد آهيون.اسان جي چوٿين ڊائمينشن ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي ان کي هڪ مثال ذريعي سمجهو.فرض ڪريو ته ڪا مخلوق ٻن ڊائمينشنز تائين محدود آهي يعني ڪاغذ جي هڪ ٽڪري اندر.جيڪڏهن اها ڪاغذ جي ٽڪري مان نڪري اوهان جي ڪمري ۾ اچي وڃي ته ان کي اوچتو ايتري قدر گھڻي ڊيٽا کي پنهنجي حسيات ۽ دماغ سان سنڀالڻو پوندو جو اهو مائوف بڻجي ڪري رهجي ويندو ۽ هوڏانهن اهڙن تجربن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ان لاء ممڪن نه رهندو.ساڳيو حال اسان جو ٿيندو جيڪر اسان چوٿين ڊائيمينشن ۾ هليا وڃون.ته اها ڳالهه آهي جيڪا سائنس به مڃي ٿي.پوء وري اهي ماڻهو آهن جيڪي سمهڻ مهل جسم مان آزاد ٿي روحاني سفرن جو تجربو ڪري چڪا آهن. جيڪي هوا ۾ ٽنگجي پاڻ پنهنجي ستل جسم کي ڏسي سگھن ٿا ۽ ٻين روحاني جسمن سان ملاقات ڪري سگھن ٿا ۽ مختلف مشقن ذريعي اها ڪيفيت پنهنجي مرضيء سان به پنهنجي مٿان طاري ڪري سگھن ٿا.ڄڻ ته هائير ڊائيمينشن ۾ وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا جنهن کي Out of body experience چئجي ٿو.
اهڙيء طرح اسان جو دين جڏهن معجزن،ڪرامتن،برزخ،آخرت،جنت،جهنم جي ڳالهه ڪري ٿو ته اهي سمجھو ته اهي ڊائيمينشنز آهن جن جي ڪيفيت اسان جي ٽن ڊائيمينشنز جي عادي ۽ انهن ۾ قيد عقل سمجھڻ کان لاچار آهي.هاڻي جيڪي ماڻهو عقل کي ڪسوٽي مڃين ٿا اهي انهن ”غيبي“ معاملن جو انڪار ڪري ڇڏين ٿا. اهي ماڻهو ٻئي قسم جي ماڻهن جي روحاني سفرن کي به سندن وهم قرار ڏيڻ لڳن ٿا ۽ نبين سڳورن جي ذاتي تجربن مثال معراج جي واقعي جو به مذاق اڏائڻ لڳن ٿا پر جڏهن” نيل ڊي گراس ٽائيسن “ جهڙو ملحد انهن کي اسٽرنگ ٿيوري پڙهائي رهيو هوندو آهي ته ڪنڌ لوڏڻ ۽ واه واه ڪرڻ لڳن ٿا.توڙي جو هو پاڻ مڃي رهيو هوندو آهي ته اسان جي فزڪس جا قانون هائير ڊائمينشنز ۾ لاڳو نٿا ٿين.جنهن بنياد تي اوهان مذهب جي غيبي معاملن جو انڪار ڪيو ٿا،روحاني سفر ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا.جنات سان تعلق پيدا ڪندڙن جو انڪار ڪيو ٿا عين ان بنياد تي اسٽرنگ ٿيوري جو انڪار ڇو نٿا ڪريو؟جڏهن ڪو ملحد ناول نگار لکي ٿو ته فلاڻي ڪردار هڪ ”غير مرئي دروازي“ ( وارپ پوائنٽ) مان گذري چوٿين ڊائيميشن ۾ وڃي ڪري پنهنجن ساٿين کي ڏٺو ته ان کي سندن هڏين جو گودو به نظر نه اچي رهيو هو ته انهيء تي اوهين داد ڏيئي نچڻ ٽپڻ لڳو ٿا پر اها ئي ڳالهه جڏهن حديث ۾ جنت جي حورن جي باري ۾ اچي ٿي ته اوهان مذاق اڏائڻ لڳو ٿا.اصل سبب اهو آهي جو مذهب جي غيبي شين کي مڃڻ جي صورت ۾ انهن غيبي شين جي خبر ڏيندڙ خدا کي به مڃڻو پوي ٿو ۽ ان جي بندگي به اختيار ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوء ان جي هر ڳالهه کي مڃڻو پوي ٿو ۽ هن کي ناراض ڪندڙ هر ڳالهه کان به بچڻو پوي ٿو جڏهن ته اهي ماڻهو هن دنيا جو هر مزو حاصل ڪرڻ گھرن ٿا.بنان روڪ ٽوڪ جي عياشيون ڪرڻ گھرن ٿا،جيڪو جيء ۾ اچي سو ڪرڻ گھرن ٿا.بلڪل انهن ٻارن وانگر جن کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جي ڪا خبر نه هوندي آهي.جيڪي وڏن کي رڳو ان ڪري خراب سمجھن ٿا جو اهي کين روڪين ٽوڪين ٿا،مٿانئن ڪي پابنديون لڳائين ٿا،کين زوريء اسڪول موڪلين ٿا،خراب حرڪتون ڪرڻ کان روڪين ٿا،گنديون شيون کائڻ کان منع ڪن ٿا.توڙي جو انهن جي پنهنجي عقل مطابق نه اسڪول وڃڻ ضروري هوندو آهي ۽ نه اها ڳالهه خراب هوندي آهي جيڪا اهي پنهنجي دل سان ڪري رهيا هوندا آهن.نه وري سندن نظر ۾ اها شيء گندي هوندي آهي جيڪا اهي کائڻ پسند ڪندا آهن.ته پنهنجو پاڻ کي عقل ڪل سمجھندڙ ملحدين به اصل ۾ذهني طور تي اهڙا ئي بي سمجھه ٻار آهن جيڪي هر ان شيء کي رد ڪري ڇڏين ٿا جيڪا شيء سندن نابالغ ذهن ۾ سمائجي نه سگھي.
۔
(روزاني هلال پاڪستان)