Thursday, September 19, 2019

ڪائنات بابت ڪجهه اهم سوال!



شفيق الرحمان شاڪر

هيء ڪائنات جنهن ۾ اسان رهون ٿا ڏينهون ڏينهن پکڙجي رهي آهي،اسان اهو ڄاڻون ٿا ڇو ته اسان جو مشاهدو آهي ته ڪهڪشائون ۽ انهن جا گروهه تيزيء سان هڪ ٻئي کان پري سفر ڪندا ٿا وڃن.اها پکيڙ ان وقت کان جاري آهي  جڏهن کان هيء ڪائنات وجود ۾ آئي آهي يعني اڄ کان اٽڪل چوڏهن کرب سال پهرين هڪ نهايت ئي گرم ۽ ڪثيف عمل ذريعي جنهن کي اسان ”بگ بينگ“ جي نالي سان ڄاڻون ٿا.هاڻي اسان ڪائنات جي حوالي سان ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشس ڪيون ٿا جيڪي سوال عام طور تي پڇيا ويندا رهيا آهن.
پهريون سوال اهو ته هن ڪائنات جو مرڪز ڪٿي آهي؟ان سوال جو جواب اهو آهي ته هن ڪائنات جو مرڪز آهي ئي ڪونه ڇو ته هن ڪائنات جو ڪو ڪنارو ڪونهي.هڪ محدود ڪائنات ۾ خلا مڙيل آهي ته جيڪر اوهان هڪ سڌي ليڪ ۾ کربن نوري سالن جو سفر طيء ڪيو ٿا ته اوهين واپس ان جڳهه تي پهچي ويندا هتان اوهان شروعات ڪئي هئي.اهو به عين ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات لامحدود هجي.ٻنهي مثالن ۾ ڪهڪشائڻ جا جھرمٽ جيڪي ڪائنات کي ڀرين ٿا اهي هڪٻئي کان پري ٿيندا ٿا وڃن ۽ جنهن سان ڪائنات پکڙجندي ٿي وڃي.ان لاء ڪنهن تصوير تي غور ڪجي جنهن ۾ هڪ تمام ننڍڙي ڪائنات جو مثال ڏنل هجي جنهن ۾ رڳو 48 تارا آهن.ڪو خلائي جهاز جيڪو انهن تارن جي وچ ۾ اڏامي رهيو هجي اهو ڪائنات جو ڪنارو ڳولهي نه سگھندو جيڪر اهو خلائي جهاز ڪائنات جي هڪ طرف کان روانو ٿيندو ته ٻئي طرف کان وڃي ظاهر ٿيندو.جهاز ۾ موجود ماڻهو پنهنجن طرفن ۾ لامحدود ستارن کي ڏسي سگھندا.هن ڪائنات جي ڪا سرحد يا مرڪز نه آهي. ٻيو سوال اهو ته ”بگ بينگ“ ڪائنات ۾ ڪهڙي جڳهه تي ٿيو؟هڪ عام مفروضو اهو آهي ته بگ بينگ هڪ ڌماڪو هو جيڪو خالي خلا ۾ ٿيو جڏهن ته اها ڳالهه غلط آهي.خلا ۽ وقت ٻئي بگ بينگ کان بعد وجود ۾ آيا.ڪائنات جي شروع ۾ خالي خلا مادي سان پوريء طرح ڀريل هو.اهو مادو گرم هو ۽ نهايت ڪثيف پڻ جيڪو پکڙيو ۽ ٿڌي ٿيڻ تي جنهن ستارن ۽ ڪهڪشائن کي جنم ڏنو جن کي اسان اڄ ڏسون ٿا.جيتوڻيڪ خلا بگ بينگ وقت ممڪنه طور تي هڪڙي هنڌ مرتڪز ٿي ويو هوندو.اهو هڪجهڙي طور تي ممڪن آهي ته بگ بينگ وقت خلا لامحدود هجي.ٻنهي منظر نامن ۾ خلا پوريء طرح مادي سان ڀريل هئي جيڪو پکڙجڻ شروع ٿيو.ان پکيڙ جو ڪو مرڪز نه هو.هيء ڪائنات سادن لفظن ۾ سمورن طرفن ۾ پکڙجي رهي آهي.مشاهدو ڪندڙن اهو ڏٺو آهي ته سموريون ڪهڪشائون هڪ ٻئي کان پري ٿينديون ٿيون وڃن.اهو سوال ته بگ بينگ ڪٿي ٿيو هوجو جواب اهو آهي ته اهو ڪائنات ۾ هر جڳهه ٿي ٿيو هو.
ٽيون سوال اهوته ڇا زمين به ڪائنات سان گڏ پکڙجي رهي آهي؟جواب اهو ته زمين ڪائنات سان گڏ نه پکڙجي رهي آهي ۽ نه ئي سورج منڊل پکڙجي رهيو آهي ۽ هيء اسان جي ملڪي وي ڪهڪشان به نه پيئي پکڙجي.اهي شيون ڪشش ثقل جي اثر سبب وجود ۾ آيون ۽ پوء جن الڳ الڳ ٿيڻ ڇڏي ڏنو.ڪشش ثقل،ڪهڪشائن کي به گروهن ۽ جھنڊ جي شڪلين ۾ جوڙي رکي ٿي.اهي خاص طورتي ڪهڪشائن جا گروهه ۽ جھنڊ ئي آهن جيڪي هڪٻئي کان پري وڃي رهيا آهن.
چوٿون سوال اهو ته ڇا هن ڪائنات کان ٻاهر به ڪجهه آهي؟جيئن ته خلا بگ بينگ سان گڏ ئي وجود ۾ آئي.اسان جي ڪائنات جو ڪو ڪنارو يا حد ناهي.ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات ٻين ڪيترين ئي لامحدود ڪائناتن مان هڪ هجي پر ضروري ناهي ته انهن ڪائناتن کي وجود رکڻ لاء ڪنهن خلا جي ضرورت هجي.
پنجون سوال اهو ته بگ بينگ کان اڳ ڇا موجود هو؟وقت بگ بينگ سان گڏ وجود ۾ آيو.اسين نٿا ڄاڻون ته اهو ان کان اڳ موجود هو يا نه.اهو سوال ان ڪري به گھڻو ڏکيو آهي. ڪجهه نظرين مطابق اسان جي ڪائنات لامحدود ڪائناتن جو هڪ حصو آهي جنهن کي ملٽي يونيورس جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ جيڪي لاڳيتو پيدا ٿي رهيون آهن.اهو ممڪن ته آهي پر ان کي ثابت ڪرڻ مشڪل آهي. جيڪر ڪائنات چوڏنهن بلين سال پراڻي آهي ته ڪهڪشائون ڪهڙيء طرح چوڏهن بلين سالن کان مٿي سفر ڪري چڪيون آهن؟اهو ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات لامحدود هجي ۽ بگ بينگ کان اڳ هر طرف کان مادي سان ڀريل هجي پر پڪ سان اهڙو ڪجهه به نه هو جيڪو ڪائنات کي روشنيء جي رفتار سان تيز پکڙجڻ سان روڪي ها.جيتوڻيڪ ڪائنات جي اندر ڪنهن خاص جڳهه تي ڪابه اهڙي شيء ناهي جيڪا روشنيء کان وڌيڪ تيزيء سان سفر ڪري سگھي.اها ڳالهه سڄي ڪائنات لاء صحيح ڪانهي.ان ڳالهه جي ڪا حد ناهي ته ڪائنات ڪيتري تيزيء سان پکڙجي ٿي.اسان اهو تصور ڪري سگھون ٿا ته ڪهڪشائون ڪنهن بال جيان آهن جيڪو رٻڙ شيٽ تي موجود هجي ۽ جيڪا خلا جي ترجماني ڪندي هجي.جيڪر اسان شيٽ کي پکيڙيون ته بال هڪٻئي کان پري ٿي ويندا.اهي بال جيڪي هڪٻئي جي ويجھو هوندا اهي سستيء کان هڪٻئي کان پري هوندا،اهي بال جيڪي همه گير طريقي سان هڪٻئي کان پري ٿيا هئا  اهي نهايت تيزيء سان هڪ ٻئي کان پري ٿيندا ويندا.ڪنهن به بال تي رهندڙ ماڻهو پنهنجي بال کي ساڪن محسوس ڪندا.اهي ڏسندا ته پري جي بالن جو مفاصلو نهايت تيزيء سان وڌي رهيو آهي جڏهن ته ويجھا بال سست رفتاريء سبب فاصلو وڌائي رهيا آهن.گھڻو پري وارا بال روشنيء جي رفتار کان به تيز پري وڃي رهيا هوندا پر ماڻهو انهن کي ڏسي نه سگھندا.مقامي طور تي انهن جي پنهنجن ڪهڪشائن ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي جيڪو روشنيء جي رفتار سان سفر ڪندو هجي.



(روزاني هلال پاڪستان 18 سيپٽيمبر 2019ع)

Friday, September 13, 2019

قرآن ۽ سائنسي راز؛ برسات،ڪڪر ۽ ڳڙا.



شفيق الرحمان شاڪر
پاڻيء جا بخار نهايت ئي بلنديء تي پهچي آلاڻ جي ذرن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا جن کي ڪڪر چيو ويندو آهي.ڪڪرن جو ڪو رنگ ناهي ٿيندو،اهي صاف ۽ شفاف ٿيندا آهن.سج جي روشني انهن کي وڌيڪ سفيد ۽ چمڪندڙ بنائي ٿي ۽ جڏهن اهي آسمان تي تري رهيا هوندا آهن ته انهن مان مختلف تصويرون ۽ شڪليون جڙيل معلوم ٿينديون آهن.ڪڏهن ڪڏهن ننڍن ننڍن ڪڪرن جا ڪيترائي تهه هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا آهن ته سج جا ڪرڻن کي زمين تائين پهچڻ ۾ رنڊڪ پوي ٿي ۽ اهڙي ڏينهن کي ”جھڙالو ڏينهن “ چئبو آهي. اهڙو اتفاق به ٿيندو آهي جو ڪڪر آسمان تي نهايت ئي گھڻي بلنديء تي هليا ويندا آهن جتي گھڻي سردي هوندي آهي،اتي اهي آبي بخار ڄمي ويندا آهن تڏهن اهي ذرڙا هوا ۾ هيٺائين طرف لاڳيتو ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا جنهن کي ”برفباري“ يا ”ڳڙا پوڻ“ چئبو آهي.پاڻيء جا اهي ئي ننڍڙا ذرڙا جڏهن آسمان جي بلندين کي ڇهڻ لڳن ته ڪڪر سڏائين ٿا پر جيڪر اهي زمين جي سطح تائين پهچي وڃن ته انهن کي ”ڌنڌ“ چئبو آهي.مطلب ته جڏهن اسان ڌنڌ ۾ هلي رهيا آهيون ته ڄڻ ته ڪڪرن جي اندر گھمي رهيا آهيون.آبهوا ئي موسم ۾ تبديليون آڻي ٿي ۽ سردي يا گرميء جي فرق کي واضح ڪري ٿي.جڏهن ڪڪر هٽي ويندا آهن ته آبهوا موسم جي گرميء جي درجي ۾ معمولي واڌارو ڪري ڇڏي ٿي،پاڻيء جا بخار جيڪي هوا ۾ تري رهيا هوندا آهن توڙي جو اهي ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن،جيئن ئي هوا ٿڌي ٿئي ٿي آبي بخار پاڻيء جي وڏن وڏن ڦڙن ۾ بدلجي وڃن ٿا ۽ جڏهن اهي گھڻو ڳرا ٿي پون ٿا ته هوا ۾ ٽنگجي زمين طرف اچڻ شروع ڪري ڏين ٿا.پاڻيء جي لکن ڪروڙن ڦڙن جي زمين طرف اچڻ جي ان عمل کي ”برسات“ چئبو آهي.ڪجهه شيون اهڙيون به آهن جيڪي آسمان ۾ بنجڻ وقت ڪنهن ٻي شڪل ۾ هونديون آهن پر زمين تائين پهچندي پهچندي انهن جي شڪل ۽ صورت بدلجي ويندي آهي انهن ۾ ”ڳڙا“ به شامل آهن.ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڳڙا به ڏٺا ويا جيڪي بيس بال جيترا وڏا هئا.جيڪر انهن ڳڙن کي وچان ڪپي ڏٺو وڃي ته انهن ۾ ڪيترا ئي تهه هڪٻئي مٿان چڙهيل نظر ايندا جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ ڳڙي کي زمين تائين پهچڻ کان پهرين ڪيئي ڀيرا فضا جي بلندين ۾ هيٺ مٿي ٿيڻو پوي ٿو تڏهن اهي وڃي زمين تي ڪرن ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه هوا جي سبب ٿئي ٿو.
موسمي ريڊار جي ايجاد بعد ئي اهو معلوم ڪرڻ ممڪن بڻيو ته اهي ڪهڙا مرحلا آهن جن مان گذري برسات اها شڪل اختيار ڪري ٿي.ان کوجنا مطابق برسات ٽن مرحلن مان گذري ان شڪل ۾ اچي ٿي.پهريون مرحلوهوا جي جوڙجڪ جو آهي،ٻيو مرحلو ڪڪرن جي ٺهڻ ۽ ٽيون مرحلو پاڻيء جي ڦڙن جي ڪرڻ جو آهي.قرآن ۾ جيڪي ڪجهه برسات جي جوڙجڪ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ان کوجنا ان جي تصديق ڪئي آهي.جڏهن هوائون ڪڪرن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي ڌڪي پاڻ ۾ گڏين ٿيون ته اهي وڏن وڏن ڪڪرن جي جبلن ۾ بدلجي وڃن ٿا ۽ پوء انهن جي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سان آسماني بجلي پيدا ٿئي ٿي ۽ نيٺ مينهن وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو.انهيء حقيقت طرف هيٺين آيتن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي؛
”ڇا اوهين نٿا ڏسو ته الله ڪڪرن کي آهستي آهستي هلائي ٿو پوء ڪڪرن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو پوء انهن کي تهن مٿان تهن ۾ بدلائي ٿو پوء تون ڏسين ٿو ته انهن جي وچان مينهن جا ڦڙا ڳڙن ٿا ۽ هو آسمانن مان انهن جبلن ذريعي جيڪي انهيء ۾ بلنديء تي آهن انهن مان ڳڙا وسائي ٿو.پوء جنهن کي گھري انهن مان نقصان پهچائي ٿو ۽ جنهن کي چاهي انهن کان بچائي ٿو.ان جي بجليء جي روشني اکين کي خيرو ڪريو ڇڏي.“ (سوره نور)
هڪ ٻئي هنڌ الله ربالعزت جو ارشاد آهي ته؛
”الله اهو آهي جيڪو هوائون موڪلي ٿوجيڪي ڪڪرن کي کڻي اچن ٿيون پوء جيئن گھري ٿو انهن ڪڪرن کي آسمان ۾ پکيڙي ڇڏي ٿو پوء انهن کي ٽڪڙيون بنائي ڇڏي ٿو پوء تون ڏسين ٿو ته برسات جا ڦڙا ان مان نڪرندا اچن ٿا.پوء الله پنهنجن بندن مان جن تي چاهي برسات وسائي ٿوته اهي خوش ٿي وڃن ٿا.“
انهن آيتن مان معلوم ٿيو ته هوائون الله جي حڪم سان ڪڪرن کي فضا ۾ پکيڙين ٿيون ۽ جتي الله جو حڪم ٿئي ٿو انهن علائقن ۾ پاڻي وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو.گمندڙ اهي ڪڪر جڏهن ڪنهن نهايت ئي ٿڌي فضائي علائقي ۾ پهچن ٿا جيڪو آبي بخارن کي واپس پاڻيء ۾ بدلائي سگھي ته اتي به ڪڪرن جو سمورو پاڻي هڪ ئي ڌڪ سان زمين تي نٿو ڪري بلڪه ڦڙو ڦڙو ٿي وسي ٿو.ان پاڻيء کي ڪثير مقدار ۾ ان انداز سان نازل ڪرڻ جو اهو خلق خدا وڻن ۽ زمين لاء نقصانڪار ثابت ٿيڻ بدران فائديمند ثابت ٿئي،اهو نيٺ ڪهڙن بيجان طبعي قانونن جو نتيجو آهي؟پڪ سان ان ۾ الله جون وڏيون حڪمتون آهن.ان کان سواء اسان جو مشاهدو آهي ته هر سال هڪجهڙي برسات نٿي پوي.ڪنهن سال نهايت گھڻي برسات ٿئي ته ته ڪنهن سال بلڪل ئي برسات نٿي پوي پوء انهن طبعي قائدن ۾ اها واڌي گھاٽي ڇو ٿي ٿئي؟آخر انهن ڳالهين مان اهو نتيجو ڇو نه ڪڍجي ته ڪا اهڙي زبردست ۽ مٿانهين هستي به موجود آهي جيڪا انهن بيجان قائدن جي نتيجن ۾ تبديليء جو پورو اختيار رکي ٿي.
علم موسميات جي ماهرن معلوم ڪيو آهي ته ڪڪرن جا اهي ٽڪرا جيڪي ڳڙا وسائين ٿا اهي 7.6 کان 9 ڪلوميٽر مٿانهان ٿين ٿا،ڪڪرن ۾ گوڙ ۽ وڄ جو پيدا ٿيڻ اصل ۾ بجليء جو پيدا ٿيڻ آهي.ڪڪر جڏهن هڪٻئي سان ٽڪرائين ٿا ته انهن ۾ گاٺ پيدا ٿئي ٿي ۽ گاٺ سبب آواز ۽ بجلي ٺهن ٿا.ڪڪرن ۾ جيڪر آلاڻ يا پاڻيء جا ڦڙا موجود نه هجن ته ڪڏهن به بجلي پيدا نه ٿئي.ڪڪرن ۾ پاڻيء جا ڦڙا گھمندي جڏهن هڪٻئي سان ٽڪرائين ٿا ته انهن ۾ برقي ڪرنٽ پيدا ٿئي ٿو.چارج ٿيل هڪڙو ڪڪر جيڪر ٻئي چارج ٿيل ڪڪر سان ٽڪرائجي ٿو ته آواز سان گڏ بجلي پيدا ٿئي ٿي جيڪا ٽپا ڏيندي زمين تائين پهچي ويندي آهي.جڏهن اها زمين تي ڪري ٿي ته ڌماڪي سان گڏ هڪ وڏو ڀنڀٽ پيدا ڪري ٿي.چمڪ پيدا ٿيڻ سان هوا گرم ٿي پکڙجي ٿي.ان لهر سان پيدا ٿيندڙ گرجدا آواز اسان کي ڪجهه سيڪنڊن بعد ٻڌڻ ۾ ايندو آهي جيئن ته روشنيء جي رفتار آواز جي رفتار کان تيز آهي ان ڪري ڪڪرن جي پاڻ ۾ تڪرائڻ وقت پهريائين روشني ۽ بعد ۾ آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.
برسات وسائيندڙ ڪڪرن جي لاء گھٽ ۾ گھٽ بلندي 1200 ڪلوميٽر هوندي آهي.ڪجهه اهڙا ڪڪر به آهن جيڪي 10000 ميٽرن جي بلنديء تان پاڻي وسائين ٿا.انهيء کان سواء قرآن ڪريم اسان جو ڌيان برسات جي مٺي پاڻي طرف به ڇڪائي ٿو؛
 (اَفَرَئَ یْتُمُ الْمَآءَ الَّذِیْ تَشْرَبُوْنَ ۔ ئَ اَنْتُمْ اَنْزَلْتُمُوْہُ مِنَ الْمُزْنِ اَمْ نَحْنُ الْمُنْزِلُوْنَ ۔ لَوْنَشَآءُ جَعَلْنٰہُ اُجَاجًا فَلَوْ لَا تَشْکُرُوْنَ)
” ڪڏهن اوهان اکيون کولي ڏٺو آهي ته هي پاڻي جيڪو اوهان پيئو ٿا ان کي اوهان ڪڪرن مان وسايو آهي يا اسان ان جا وسائيندڙ آهيون؟اسان چاهيون ته ان کي سخت کارو بنائي ڇڏيون پوء اوهين شڪرگزار ڇو نٿا بڻجو؟“(سوره واقعه آيت 68 کان 70)
زمين کي پاڻي مهيا ڪرڻ سواء جيڪا جاندارن جي هڪ اهڙي ضرورت آهي جنهن سواء زندگي جو تصور ڪري نٿو سگھجي،برسات جو هڪ هڪ ڦڙو هڪ ٻيو اثر ”زرخيزي“ پيدا ڪري ٿو.برسات جا اهي ڦڙا جيڪي سمنڊن مان بخارن جي شڪل ۾ اٿن ٿا انهن ۾ گھڻو اهڙو مواد هوندو آهي جيڪو مئل زمين کي زنده ڪري ٿو.
ڪڪرن جا قسم؛ ڪڪرن جا هيٺ ڏنل چار قسم بيان ڪيا ويا آهن.
1.ڪمولس(Cumulus)؛ اهي اڇي رنگ جا ڪڪر آهن جيڪي آسمان تي ٿلهن تهن جي ڍيرن ۾ نظر ايندا آهن.جڏهن اهي آسمان تي ڇاننئيل هوندا آهن ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته انهيء تي ڪپهه جي جبلن نهايت ئي سهڻو سلسلو موجود هجي.ان قسم جا ڪڪر عام طور تي گرميء جي مند ۾ ٻنپهرن کان پوء ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ عام طور تي 4000 کان 5000 فٽن جي بلنديء تي هوندا آهن.جڏهن اهي پاڻيء سان ڀرجن ٿا ته گرجڻ ۽ وسڻ وارا بڻجي وڃن ٿا.
2.سائرس (Cirrus)؛ انهن جي شڪل اڇن گھنگرودار پرن جيان هوندي آهي.اهي ڪڪر نهايت ئي بلنديء تي هوندا آهن.اهي عام طور تي خشڪ موسم ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ اسان جي زمين کان ڇهن کان اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هوندا آهن.اهي هوائن جي رخ تي اڏامندا آهن ۽ عام طور تي طوفانن جي خبر ڏيندا آهن.
3.اسٽريٽس (Stratus)؛ اهي ڪڪر آسمان تي هر طرف پکڙيل ٿين ٿا ۽ ڌنڌ جيان نظر ايندا آهن.اهي گھڻو مٿي نه هوندا آهن.عام طور تي 2000 کان 7000 فٽن جي بلنديء تي ٿين ٿا.ظاهر ۾ اهي ڪڪر خاموش نظر ايندا آهن تنهن هوندي به اهي خراب موسم جي نشاني سمجھيا ويندا آهن.
4.نمبس (Nimbus)؛ انهن مان مراد برسات جو طوفان آهي.انهن کي مينهن جا ڪڪر به چيو ويندو آهي.انهن جو رنگ گهاٽو سليٽي ٿيندو آهي.انهن جي ڪا واضح شڪل ۽ صورت نٿي ٿئي.موسميات جا ماهر انهن ئي ڪڪرن جو مشاهدو ڪري موسم جي باري ۾ ڪا اڳڪٿي ڪندا آهن.
 

(روزاني مهراڻ 13 سيپٽيمبر 2019ع)