Thursday, February 7, 2019

قرآن ۽ سائنسي راز ؛ ماء جي پيٽ ۾ ٽي اونداهان پردا.



شفيق الرحمان شاڪر
الله تعاليٰ سورت زمر ۾ ارشاد فرمائي ٿو ته
”هن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو پوء ان مان سندس زال بنائي ۽ اوهان لاء جانورن مان اٺ نر ۽ ماديون پيدا ڪيون،هو اوهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽ ۾ ٽن اوندانهن پردن ۾ هڪ کان بعد ٻي شڪل ڏيئي پيدا ڪري ٿو.اهو الله انهن صفتن وارو اوهان جو پروردگار،بادشاهي انهيء جي ئي آهي،ان کان سواء ٻيو ڪو معبود ناهي پوء اوهين ڪيڏانهن گمراهه ٿي وڃو ٿا؟“
قرآن مجيد جي جديد دور جا مفسر مٿين آيت ۾ ٻڌايل ماء جي پيٽ جي ٽن اونداهن پردن کي جديد سائنس جي بيان ڪيل ٽن حصن سان منسوب ڪن ٿا جن جي اندر ٻار جي پيدائشي وقفي دوران حفاظت ڪئي وڃي ٿي.

1)۔ پهرين مادري شڪمي ديوار (The Maternal Interior Abdominal Wall)

اهو پهريون مرحلو آهي جڏهن بيضي وارو سيل رحم جي ٻن نالين ۾ اوسر وٺي ٿو.زندگيء جي شروعات جو تجربو ان حياتياتي سيل (Zygote)  کي ان پهرئين مرحلي ۾ هوندو آهي.دراصل هڪ بيضي وارو خليو Ovum  رڳو الله جي مرضيء سان زرخيزFertilized بڻجي ٿو.اهو سنهي ۾ سنهو خليو ئي آهي جنهن ۾ هر شيء تيار ٿيندي آهي ۽ انساني زندگيء جا ايندڙ تفصيل به اتي طيء ٿيندا آهن.
عورت جي بيضي جي زرخيزيء لاء مرد جي فقط هڪ Single Sperm جي ضرورت هوندي آهي پر مرد جي جسم مان انهن جو نيڪال ڪروڙن جي تعداد ۾ ٿيندو آهي جڏهن ته انهن ۾ ڪمائتو رڳو هڪڙو ئي سيل هوندو آهي باقي ٻيا پاڻهي ختم ٿي ويندا آهن.ان ڪري قرآن جي اصطلاح ۾ ان کي پهرين اونداهين چئي سگھجي ٿو.
2)۔ رحمي ديوار   (The Uterine Wall)
زرخيز بڻيل بيضي جو خليو رحم جي لعاب دار جھليء جنهن کي Intrauterine Epithelium Endometrial به چئبو آهي ۾ پهچي ٿو.اها هڪ جھنگل جيان آهي.اهو ان ۾ هڪ نموني سان پاڙ هڻي ٿو ۽ پاڻهي اتي مناسب جڳهه قائم ڪري وٺي ٿو. حياتياتي خليو انهيء جاء تي ورهاست جو عمل شروع ڪري ٿو ان ڪري جنين Embryo جي پهرئين مرحلي ۾ سمورن عضون جي جوڙجڪ جي شروعات به اتان شروع ٿئي ٿي.خلين جي شروعاتي ورهاست ان جي ٻئي مرحلي جي جوڙجڪ ڪري ٿي.ان مرحلي ۾ انساني جسم جي شڪل خلين جي ميڙ وانگر هوندي آهي.منيء وارو مادو انسان جي خلين ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ پوء عارضي طور تي نالين جي هڪ نظام ۾ گڏ ٿئي ٿو.پوء زرخيز بڻيل بيضو عورت جي پيدائشي نظام ۾ بيضي وارين نالين Fallopian Tubes جي رستي کان گذري ماء جي رحم Uterus ۾ هليو وڃي ٿو ۽ اتي هڪ خاص جڳهه تي ٽڪي ٿو.ان جڳهه کي ٻي اونداهين چيو وڃي ٿو.

3)۔غلاف جنين پردو    (The Amniochorionic Membrane )
هتي هڪ ڳوٿري Amniotic Sac شروعاتي شڪل جي آسپاس مخصوص پاڻياٺ جي شڪل ۾ پيدا ٿي پوي ٿي.پوء انساني عضوا ۽ ٻيو حياتياتي نظام ان جي اندر جڙي ٿو.پوء اهي جنين جڏهن ڏسڻ جي قابل ٿين ٿا ته اهو رڳو گوشت جو ڪو لوٿڙو نظر ايندو آهي جنهن جي مرڪز ۾ انسان کي شروعاتي حالت ۾ سڃاڻڻ مشڪل هوندو آهي ۽ اتي آهستي آهستي اهو وڌڻ شروع ڪري ٿو ۽ اتي ئي هڏين جي بناوت Bone Structure،اعصابي نظام Nervous system، مشڪون Muscles system ۽ آنڊا Viscera جڙن ٿا.انهيء هنڌ کي ٽين اونداهين چئبو آهي.



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو