Thursday, June 16, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز؛ ٻه اوڀر ۽ ٻه اولهه !


۔قرآن مجيد ۾ اللھ تعاليٰ ارشاد فرمايو ته
(رَبُّ الْمَشْرِقَیْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَیْنِ)
(ٻنهي  اوڀرن ۽ ٻنهي اولهن جو رب هو ئي آهي)
عربي زبان ۾ جمع ٻن قسمن جو ٿئي ٿو،هڪڙو “تثنيه” يعني  “ ٻه” ،ٻيو “جمع” يعني ٻن کان مٿي.
هن آيت ۾ “ تثنيه” جو صيغو استعمال ٿيو آهي.يعني ٻن اوڀرن ۽ ٻن اولهن جو رب. اسن ڄاڻون ٿا ته سج اوڀر کان اڀري ٿو ۽ اولهه ۾ لهي ٿو.سائنس اسان کي ٻڌائي ٿي ته سج جي اڀرڻ جي ڪنڊ روزانو بدلجي ٿي ۽ اهڙيء طرح اهو جڏهن اولهه ۾ لهندو آهي ته به ان جي لهڻ وارو نڪتو يا ڪنڊ روزانو مختلف هوندي آهي.سال ۾ رڳو ٻه ڏينهن اهڙا آهن جو سج اوڀر جي نهايت ئي پري واري هنڌ کان اڀرندو آهي ۽ وري انهيء مطابق ئي اولهه جي پري واري هنڌ لهندو آهي.ان کان سواء سال ۾ ٻه ڏينهن 20ــ21 مارچ  ۽ 22ــ23 سيپٽيمبر تي سج ڪجهه وقت لاء بلڪل ئي خط استوا واري هنڌ وٽان گذرندو آهي ،ان تاريخ تي رات ۽ ڏينهن جي ڊيگهه هڪجيڏي هوندي آهي.انهن وقتن کي Equinox چئبو آهي.

21 جون تي سج اوڀر کان اتر طرف 23.5 درجن جي ڪنڊ تي اڀرندو آهي ۽ انهيء مناسبت سان 23.5 درجن جي ڪنڊ سان اتر ۾ لهي ويندو آهي.اهو اونهاري جي موسم جو سڀ کان وڏو ڏينهن هوندو آهي جنهن کي Summer Solstice چئبو آهي.ان وقت اڌ اتر واري حصي تي اونهارو هوندو آهي  جڏهن ته باقي اڌ ڏاکڻئي حصي تي سيارو هوندو آهي.يعني اهو ڏينهن دنيا جي اتر واري علائقي لاء Summer Solstice  جڏهن ته ڏاکڻئي حصي وارن لاء Winter Solstice  سڏجي ٿو.
اهڙيء طرح 21ــ22 ڊسمبر تي سج اوڀر کان ڏکڻ طرف 23.5 درجن جي ڪنڊ کان اڀري ٿو ءُ انهيء ئي مناسبت سان اهو اولهه ۾ 23.5 درجن جي  ڏکڻ ڪنڊ تي لهي ٿو.اهو سياري جي موسم جو ننڍي ۾ ننڍو ڏينهن هوندو آهي.
ان وقت زمين جي اڌ ڏاکڻئين حصي تي گرميء جي موسم هوندي آهي ۽ باقي اڌ حصي تي سيارو هوندو آهي.يعني اهو ڏينهن اترئين حصي وارن لاء ته Winter Solstice  سڏبو پر ڏاکڻئين حصي وارن لاء Summer Solstice سڏبو.معلوم ٿيو ته سال ۾ ٻه ڏينهن سج اوڀر جي نهايت ئي پري وارن نڪتن کان جن جي وچ ۾ 47 درجن جو فاصلو آهي،اتان اڀري ٿو ۽ وري ان ترتيب سان ئي اولهه جي ٻن نهايت ئي پري وارن نڪتن تي لهي ٿو.تنهن ڪري مٿين آيت جو مطلب اهو ٿي سگھي ٿو  ته رب انهن ٻنهي اوڀرن ۽ ٻنهي اولهن جو رب آهي.
                                                                           
                                                                         (وڌيڪ بهتر ته اللھ تبارڪ وتعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو.)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو