Saturday, June 4, 2016

؛ فيس بڪ جا ”پياسي“ هوشيار ٿين! سندن آواز ٻڌو پيو وڃي...!!

facebook mobile smart phone

سڄي دنيا ۾ فيس بڪ جا ڏيڍ ارب کان وڌيڪ جڏهن ته پاڪستان ۾ ئي ڪروڙين صارف موجود آهن، پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽ هر وقت ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌندو رهندو آهي؟ جي ها! اها دعويٰ آمريڪا جي سائوٿ فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي هڪ ماهر پروفيسر ڪئي آهي. پروفيسر ”ڪيلي برنس“ دعويٰ ڪئي آهي ته فيس بڪ ايپليڪيشن ماڻهن جي سمارٽ فونن جي مائيڪ اسعتمال ڪندي ماڻهن جي آواز واري ڊيٽا گڏ ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف آهي. فيس بڪ پاڻ به مڃي ٿو ته سندس ”ايپليڪيشن صارفن جي چوڌاري وارن آوازن کي ٻڌندي آهي، پر ان جو مقصد اهو ڄاڻڻ هوندو آهي ته ماڻهو ڇا ٻڌي ۽ ڏسي رهيا آهن، جيئن پوسٽن بابت سندن پسند ۽ ناپسند جو خيال رکيو وڃي.“  اهو فيچر ڪيترن ئي سالن کان فيس بڪ تي موجود آهي، پر آمريڪي پروفيسر پهريون ڀيرو ان بابت ڌيان ڇڪايو آهي. پروفيسر ڪيلي جو چوڻ هو ته فيس بڪ ان ٽول جي لاءِ آڊيو کي استعمال ڪندو آهي، جنهن جو مقصد رڳو صارفن جي مدد ڪرڻ نه پر انهن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي انهن سامهون لاڳاپيل اشتهار پيش ڪرڻ هوندو آهي. پروفيسر ڪيلي ٻڌايو ته هن ان فيچر کي آزمائيندي پنهنجي فون ويجھو خاص موضوعن تي ڳالهايو، جنهن کان پوءِ سندس فيس بڪ آءِ ڊيءَ تي ان بابت نوان نوان اشتهار ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا، فيس بڪ انتطاميا پاران ان دعويٰ تي اڃا تائين پنهنجو رد عمل ظاهر ناهي ڪيو ويو. پروفيسر ڪيلي برنس پاران فيس بڪ جي پاڻ مرادو ڪم ڪندڙ ايپليڪيشن جنهن ۾ فيس بڪ پاران صارفن جون تازيون ڪڍيل تصويرون پاڻ مرادو کڻي وال تي رکڻ ۽ دوستن توڙي ٻين غير لاڳاپايل ماڻهن ڏانهن شيئر ڪرڻ واري عمل تي به ڳالهائيندي چيو ته فيس بڪ جي اها ايپليڪيشن ماڻهن جي ذاتي زندگيءَ جا پردا چاڪ ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته فيس واري واري اها آٽو ميٽڪ ايپليڪيشن سمارٽ فونن جي صارفن جا تازا ۽ پراڻا نڪتل فوٽو پاڻ مرادو کڻي انهن کي سندن مرضيءَ کان سواءِ شيئر ڪري ماڻهن جي زندگيءَ تي خراب اثر ڇڏي رهي آهي، جنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن جي ذاتي زندگي زهر ٿيڻ سان گڏ سندن گھر پڻ اُجڙي رهيا آهن. ان کان اڳ بيلجيم جي پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته فيس بڪ جي نئين لائيڪ بٽڻ جي ري ايڪشنن جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ گھرجي، ڇو ته هي پرائيويسيءَ جي لاءِ نقصان ڏيندڙ فيچر آهي. بيلجيم جي پوليس موجب فيس بڪ ان نئين بٽڻ کي ماڻهن بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۽ ڪيئن اشتهارن وسيلي ڏوڪڙ ڪمائڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو