Wednesday, June 1, 2016

سائنس جا سولا سبق ؛ EASY LESSONS OF SCIENCE ڌاتو ؛ METALS

سائنس جا سولا سبق ؛ EASY LESSONS OF SCIENCE
ڌاتو ؛ METALS
سڀني عنصرن مان اٽڪل چئن مان ٽي حصا ڌاتوMetalsآهن .انهن مان گھڻن جون خاصيتون Propertiesهڪجهڙيون آهن.
مثال؛ گھڻو ڪري سڀيئي ڌاتو ڪنهن ڪمري جي گرميء جي درجي تي نهري حالت Solid State ۾ رهن ٿا.اهي هڪ خاص قسم جي چمڪ Shining  رکن ٿا.اهي مضبوط ۽ سخت ٿين ٿا جيڪا خاصيت انهن کي اڏاوت ۽ مشينريء جي ڪم ۾ استعمال ڪرڻ لاء ڪمائتو بنائي ٿي.جيئن پلين ۽ ڪارن وغيره جي بناوت ۾.
اهي گرمي Heat ۽ بجلي Electricity کي پڻ جذب Conductڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
















سون Gold۽ چاندي Silverٻه نهايت قيمتي ۽ چمڪندڙ ڌاتو آهن.مٿي ڏيکاريل ميڊل انهن جا ٺهيل آهن.


















بيٽري سيلن جي ڪيسنگ زنڪ Zinc ڌاتوء جي ٺهيل  آهي.

بلب جي اندر ٻرندڙ سنهڙي ڪوئل واري فليمينٽ ، ٽنگسٽن  Tungsten ڌاتوء مان ٺهيل آهي   

پارو   Mercuryاهو اڪيلو ڌاتو آهي جيڪو ڪمري جي ٽيمپريچر تي پاڻياٺ Liquidجي حالت ۾ هوندو آهي.اهو ٿرماميٽرن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.


ڌاتو ڪاپرCopper پائيپ ۽ وائرون ٺاهڻ لاء ڪم اچي ٿو.


پلوٽونيم Plutoniumهڪ خطرناڪ قسم جو تابڪاري ڌاتو آهي جيڪو نيوڪليئر بم ٺاهڻ ۾ استعمال ٿئي ٿو.   
 ************                                   

مٺ يا ڌاتن جون ملاوتون ALLOYS ؛ ڌاتن کي ٻين جدا جدا شين سان ملائي نوان ڌاتو ٺاهي سگھجن ٿا ،انهن نون ٺهيل ڌاتن کي مٺ يا ڌاتن جي ملاوت Alloy چئبو آهي.
مثال ؛ اسٽيل هڪ مٺ Alloy  آهي جيڪو گھڻي قدر لوه Iron جو ٺهيل آهي پر ان ۾ ڪاربان ۽ ڪجھه ٻيا ڌاتو به شامل آهن.                                                                                 
                                                                                                                                                                           
اسٽيل الائي Steel Alloy ڪيترائي اوزار ۽ ٿانو وغيره ٺاهڻ لاء ڪم اچي ٿو.

















برونز  Bronze ڪاپر ۽ قلعي Tin جي مٺ يا  Alloy آهي.














ايليومينم  Aluminumهڪ هلڪو ۽نرم ڌاتو آهي پر ان جا الائيز Alloys ٽرڪ،ٽرالا ۽ جهاز وغيره ٺاهڻ لاء استعمال ٿين ٿا.
















آتشازي ۽ پٽاخن وغيره جي سامان ۾ پائوڊر ٿيل ڌاتن جا الائيز استعمال ٿين ٿا جيڪي انهن کي روشنيء جي وڻندڙ رنگن ۾ بدلائين ٿا.
















 ٽائيٽينيم Titanium  جا الائيز تمام هلڪا ٿين ٿا ۽ اهي سائيڪلون ٺاهڻ جي ڪم اچن ٿا.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو