Saturday, June 25, 2016

قرآن ۽ سائنسي راز؛ قرآن جي تلاوت جي آواز جون لهرون


۔قرآن مجيد ۾ اللھ تعاليٰ ارشاد فرامايو ته
(وَ اِذَا قُرِیَٔ الۡقُرۡاٰنُ فَاسۡتَمِعُوۡا لَہٗ وَ اَنۡصِتُوۡا لَعَلَّکُمۡ تُرۡحَمُوۡنَ)
(سوره الاعراف آيت 204)
(۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي)
روزانو ٽن ڪلاڪن تائين قرآن شريف جي تلاوت ٻڌڻ  توهان جي اميونز سسٽم کي وڌائي ٿو،توهان جي دل ۽ دماغ جي حفاظت ڪري ٿو ۽ توهان جي جسم جي جيو گھرڙن جي ري پروگرامنگ ڪري ٿو.
قرآن مجيد جي تلاوت جي آواز جون لهرون جسم جي جيو گھرڙن کي ايڪٽيويٽ ڪن ٿيون ۽ جسم کي خطرناڪ بيمارين خاص طور تي دل جي دوري ۽ ڪينسر کان بچائين ٿيون.
جيئن اللھ تعاليٰ فرمايو ته
(۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي)

هاڻي اچو ته ڪجھه سائنسي حقيققتن تي غور ڪريون.
1839ع ۾ هڪ سائنسدان “ انرڪ وليم ڊوو ” اهو دريافت ڪيو ته جيڪر دماغ کي آواز جي لهرن سامهون آڻجي ته اهي لهرون دماغ تي سٺا ۽ خراب،ٻنهي قسمن جا اثر وجھن ٿيون.جڏهن هن مختلف آوازن جي لهرن کي ڪنن ۾ داخل ڪيو ته هن ڏٺو ته دماغ انهن لهرن تي مختلف ردعمل ڏيکاري ٿو.هن اهو ه ثابت ڪيو ته دماغ جا سيل هروقت لرزش ۾ رهن ٿا ۽ مختلف آوازن جون لهرون انهيء لرزش کي متاثر ڪن ٿيون.معلومات حاصل ڪرڻ ۽ منتقل ڪرڻ جو مڪينزم انهن سيلن جي لرزش  ۽ انهي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ   برق مقناطيسي ميدانن تي دارومدار رکي ٿو. جڏهن به ڪو منفي واقعو يا ان وڻندڙ  آواز دماغ جي سيلن تائين پهچي ٿو ته اهو انهن تي دٻاء وجھي ٿو.اهڙن منفي اثرن کان دماغ کي بچائڻ لاء جيڪا دوا ڳولهي لڌي ويئي آهي سا آهي قرآن ڪريم جي تلاوت. اها رڳو دعويٰ نه پر تجربن ذريعي ثابت ٿيل حقيقت آهي.اهو ان ڪري جو قرآن ٻڌڻ سان نه صرف دماغي سيلن ۾ توازن پيدا ٿئي ٿو پر ان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به وڌي ٿي.



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو