Tuesday, May 17, 2016

فصلن کي باندرن کان محفوظ بنائڻ جي دلچسپ اٽڪل .....!!!


سوين شرارتي باندر انڊيا جي رياست  هماچل پرديش ۾ فصلن جي  ستيا ناس ڪندا رهن ٿا ۽ انهن جي انهن حرڪتن کي منهن ڏيڻ ڪو سولو ڪم ناهي.اهي ٻنين ۾ گھڙي اهڙيء طرح ته فصل برباد ڪندا آهن ڄڻ ته ٻنيون انهن جي ڏاڏن جون هجن. پر هڪ هاري گجننا انهن باندرن کي پنهن جي ٻنيء کان پري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،گھني ڊوڙڊڪ ۽ جاچ کان پوء آخر هن کي اهڙي ٽيڪنيڪ هٿ اچي ويئي جو فصلن جي موسم ۾ باندرن کان سندس جان ڇٽي پيئي .تفصيل مطابق گجننا باندرن کان هار مڃڻ بدران مسلسل ان تحقيقات ۾ رڌل هو ته ڪنهن طريقي سان انهن مان جان ڇڏائي وڃي.نيٺ انٽرنيٽ جي ذريعي هن کي ان جو حل هٿ اچي ويو .طريقو اهو ٻڌايو ويو هو ته باندر تمام وڏي گوڙ ۽ آواز کان ڀڄندا آهن سو ڪنهن ڊوائيس ۾ وڏو گوڙ،شور ۽ رڙيون ريڪارڊ ڪري اهي باندرن کي ٻڌايون وڃن.هن ايئن ئي ڪيو.ڪيتريون ئي ڊوائيسون ٻنيء ۾ لڳائي ڇڏيون جنهن ڪري هو فصل دوران باندرن جي عذاب مان ڇٽل رهيو.دلچسپ ڳالهه اها ته اهي آڊيوز وقت به وقت بدلائڻا پون ٿا ته جيئن باندر ساڳئي قسم جا آواز ٻڌي ٻڌي ان جا عادي نه ٿي وڃن.
                                                                                                                         mehranscienceclub.blogspot.com


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو