Saturday, May 21, 2016

سائنس جا سولا سبق ؛ مادي جون حالتون STATES OF MATTER

شفيق شاڪر





سائنس جا سولا سبق ؛ مادي جون حالتون 
                                                 STATES OF MATTER

اڪثر مادا ( شيون) ٽن مان ڪنهن هڪڙي حالت ۾ هونديون آهن .                            

1.   نهري يا سخت  SOLID  2۔ پٽڙي يا پاڻياٺ LIQUID  3. گئس GAS

انهن کي مادي جون حالتون   STATES OF MATTERچئبو آهي.
انهن مادن کي گرم يا ٿڌو ڪرڻ سان سندن هڪ حالت مان ٻي حالت ۾ بدلائي سگھجي ٿو.

مثال ؛ پاڻي ڪمري جي گرمي درجي Temperature  تي پاڻياٺ واري حالت ۾ رهي ٿو پر جيڪر ان کي ٿڌو Freeze  ڪبو ته اهو برف يعني نهري حالت ۾ بدلجي ويندو.پر پاڻيء کي جيڪر  گھڻوگرم  Boilڪبو ته اهو بخارن يعني گئس واري حالت ۾ بدلجي ويندو.












هاڻي اچو ته اهو سمجھون ته آخر مادن جون حالتون هڪ ٻئي کان مختلف ڇو آهن.اسان اهو ته ڄاڻون ٿا ته سمورا مادا ماليڪيولن جا ٺهيل آهن پر دلچسپ ڳالهه اها ته اهي ماليڪيول هر وقت چرپر ڪندا رهن ٿا.انهن مادن جي بناوت،حالت،شڪل ۽ صورت سان، انهن  جي ماليڪيولن جي چرپر ۽ انهن جي وچ ۾ موجود مفاصلي جو وڏو تعلق آهي.













1.   نهرن جسمن جا ماليڪيول هڪ ٻئي سان گھڻو ڳتيل ۽ سندن وچ ۾ مفاصلو نه هئڻ جي برابر ٿئي ٿو .انهن جي وچ ۾ موجود اجائي ڪشش جي قوت کين آزاديء سان چرپر ڪرڻ نٿي ڏئي.ان ڪري انهن جي هڪ خاص ۽ سخت شڪل ٿئي ٿي.
2.    پاڻياٺ يا پٽڙن جسمن جا ماليڪيول نهرن جسمن جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي کان ڇڊا ٿين ٿا جنهن ڪري انهن جي وچ ۾ ڪشش جي قوت به گھٽ ٿئي ٿي ان ڪري اهي نهرن جسمن جي ماليڪيولن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آزاديء سان حرڪت ڪري سگھندا آهن. ان ڪري انهن جي ڪا خاص شڪل نٿي ٿئي پر جنهن شڪل جي ٿانو يا برتن ۾ وڌا ويندا اها ئي شڪل اختيار ڪندا آهن.
3.    گئسن جا ماليڪيول هڪ ٻئي کان تمام گھڻو ڇِڊا هوندا آهن ۽ انهن جي وچ ۾ ڪشش جو زور نه هئڻ برابر ٿئي ٿو ان ڪري اهي تمام گھڻو آزاديء سان چرپر ڪري سگھندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو انهن جي عام طور تي اسان کي شڪل نظر ئي نه ايندي آهي.

قلم يا ڪرسٽلز  CRYSTALS ؛ ... ڪجهه نهرن جسمن جا ماليڪيول هڪ خاص ترتيب سان جڙيل هوندا آهن انهن جسمن کي قلم  Crystals چئبو آهي .قلم يا ڪرسٽلز ، لسي منهن ۽ سڌن پاسن واريون شڪليون هونديون آهن.انهن کي پاڻ ۾ ملائي منجھائن وڌيڪ وڏيون شڪليون ٺاهي سگھجن ٿيون.

 

                                SALT                               SNOW FLAKES                                               

SUGAR
                                                           


                                                                     
                            
                             MINERAL QUARTZ

مٿي ڄاڻايل شيون قلم يا ڪرسٽلز آهن.

مهراڻ سائنس ڪلب

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو