Tuesday, May 24, 2016

دنيا ۾ گرمي پد ڇو وڌي رهيو آهي؟

خالد ٻانڀڻ


دنيا شديد گرمي پد ڏانهن وڌي رهي آهي. موسمي تبديلين ۾ روزانو اضافو ٿيندو پيو وڃي. گرمي جو پد 45 ڊگري کان ڪڏهن 50 ڊگري ته وري ڪڏهن 51 ڊگري تي وڃي پهچي ٿو. آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ان بابت هن ناچيز جيڪا مختصر معلومات گڏ ڪئي آهي، سا چاهيان ٿو هن ڪالم ۾ توهان سان شيئر ڪجي.
اسان وٽ عالمي حرارت جو بحث عام آهي. دنيا ۾ تيزيءَ سان آبادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. انگن اکرن موجب دنيا ۾ هر سال 75 ملين آباديءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 1800ع کان 2012ع تائين عالمي آبادي هڪ بلين مان وڌي 7 بلين تي وڃي پهتي آهي. پاڪستان ۾ 1999ع کان 2010ع تائين 55.3 سيڪڙو آبادي ۾ واڌارو ٿيو آهي، نتيجن پاڻي، گئس بجلي جو وڌيڪ استعمال ٿيڻ سان گڏ صنعتي انقلاب پڻ آيو آهي. گرمين ۾ ايئرڪنڊيشن، سردين ۾ هيٽر جو استعمال وڌيو آهي. وڻن جي واڍي تيزيءَ سان جاري آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته صورتحال اڳتي هلي اها وڃي بيهندي، جو جتي خشڪي آهي اتي بارشون، ٻوڏون اينديون، جتي ماضي ۾ خوشحالي هئي اتي وري ڏڪار ۽ خشڪ سالي ايندي. اها عالمي حرارت آهي، جنهن مان موسمي تبديليون اچن پيون ۽ هر سال گرمي پد وڌندو ويندو. گليشئر تيزيءَ سان پگهرجڻ شروع ٿيندا، جيڪي پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي ويندا. نتيجن سمنڊ جي پڻ سطح وڌڻ شروع ٿيندي.
هاڻي پاڻ اچئون ٿا گلوبل وارمنگ يا موسمي تبديليءَ تي؛ ته فضا ۾ مختلف گئسون موجود آهن، انهن گئسن جي گهڻي وڌڻ سبب سج جا ڪرڻا زمين سان ٽڪرائڻ بعد خلا ۾ واپس نٿا وڃن. نتيجي طور فضا ۾ گرمي پد وڌي وڃي ٿو. ظاهر آهي ان سان گڏ زمين جو گرمي پد پڻ وڌي وڃي ٿو. ٿئي ڇاٿو ته زميني تپش ۾ روزانو واڌارو ايندو وڃي ٿو ۽ اها سڄي ڳڻتيءَ جهڙي صورتحال اسان پنهنجي لاءِ پاڻ ئي پيدا ڪئي آهي. جنهن جا ڪارڻ مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان؛ جنهن جي ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گهڻي خارج ٿئي ٿي، جيڪا فضا ۾ وڃي ٿي ۽ سج جي انهن ڪرڻن کي فضا ۾ واپس وڃڻ کان روڪي ٿي، جيڪي زمين سان ٽڪرائجن ٿا ۽ پوءِ واپس فضا ۾ وڃن ٿا. هڪ ٻيو ڪارڻ اهو به آهي ته ميٿين گئس جيڪا فصلن مان پيدا ٿيندي آهي، مثلن سارين جي فصل کي اسان گهڻو پاڻي ڏيندا آهيون، ڏينهن جي وقت ۾ سارين جي فصل مان گذرڻ وقت اوٻر محسوس ٿيندو آهي. اها اصل ميٿين گئس هوندي آهي. جيڪي آبي بخارا فضا ۾ وڃن ٿا، وڻن جي ختم ٿيڻ سبب فضا ۾ جيڪا آڪسيجن موجود آهي، اها گهٽجندي پئي وڃي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار وڌندو پيو وڃي. ڇو ته وڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي پنهنجي خوراڪ طور استعمال ڪندا آهن پر وڻ ۽ ٻوٽا گهٽجڻ ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪا سمنڊ، وڻن ٻوٽن کان بچي ٿي اها فضا ۾ وڃي ٿي ۽ آلودگيءَ جو وڏو ڪارڻ بڻجندي پئي وڃي. مان اهو به ٻڌايان ته اوزون گئس جيڪا فضا ۾ 12 ڪلوميٽرن کان 48 ڪلوميٽرن تائين موجود هوندي آهي فضا ۾، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي فضا ۾ وڌڻ سبب اوزن گئس کي شديد نقصان ۽ ان ۾ ڏار پئجي رهيا آهن. ڇو ته اوزن گئس سج جي خطرناڪ شعائن کان بچائيندي آهي، جنهن ۾ ڏار اچڻ جي ڪري آلودگي وڌي آهي. دنيا ۾ ايٽمي اسلحو ايترو ته گڏ ڪيو ويو آهي، جنهن سان دنيا کي ڪيترا ڀيرا تباهه ڪري سگهجي ٿو، جيڪو پڻ غير محفوظ هجڻ سبب تابڪاري وڌي آهي.
موسمي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ڪرسچين ايڊ موجب ته 2060ع تائين ماحولياتي تبديلي سبب جيڪي سمنڊن جي ويجهو شهر آهن، اتي وڏا طوفان ايندا. هڪ ارب آبادي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. خاص ڪري آمريڪا، چين، ڀارت وڌيڪ سامونڊي طوفانن جي خطري هيٺ آهن. اسان جيڪڏهن وڌيڪ تابڪاري کان بچڻ چاهيون ٿا ته ان لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکڻا پوندا. مختلف توانائين جي ضرورت کان وڌيڪ استعمال گهٽايو وڃي. اليڪٽرانڪ شين جي 
ويسٽيج کي ماحول ۾ اڇلڻ کان روڪيو وڃي. تڏهن وڃي ڪو سک جو ساهه کڻي سگهجي ٿو. موسمي تبديلين وارو تمام وڏو ۽ ڊگهو موضوع ۽ بحث آهي، مان پنهنجي ننڍڙي سوچ مطابق جيتري معلومات گڏ ڪئي هئي، ان کي توهان تائين پهچايو آهي. ڇو ته هن وقت گرمي سڀ کان وڏو موضوع آهي. ماڻهن گهرن مان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جون موڪلون ٿي ويون آهن، باقي دڪانداري جي صورت ۾ هلندڙ پرائيويٽ اسڪول، ان جي ڪري کليل آهن ته انهن کي گرمي جي ٻن مهينن جي موڪلن جي فيس اوڳاڙڻي آهي. هڪ ئي ملڪ اندر تعليم کاتي ۾ ٻه قانون ڪم ڪري رهيا آهن، هڪڙو قانون سرڪاري اسڪولن سان لاڳو آهي، ٻيو قانون پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٿو هلي. گهرن، فليٽن، گهٽين ۾ هزارن جي تعداد ۾ اسڪول کلندا پيا وڃن، جتي ماحوليات جي حوالي سان ٻارن کي ڪي به سهولتون مليل ناهن. اڳي اسڪولن ۾ وڏا ميدان ۽ وڻ ان لاءِ لازمي سمجهيا ويندا هئا ته جيئن ٻارن جي تعليم سان گڏ ذهني نشونما به وڌي پر هاڻي پوري عالمِ انسانيت جو ماحوليات کي خراب ڪرڻ ۾ جيڪو پاڻ ڦاسايو آهي، ان اڄ گرمي جو پد 50 ڊگري تي وڃي پهچايو آهي. دنيا ۾ جڏهن گليشيئر ختم ٿي ويندا، تڏهن وري گرمي پد سان گڏ پاڻي جو به وڏو بحران اچڻ وارو آهي. آباديءَ جو تناسب روڪڻ بجاءِ ان کي اڃا وڌايو پيو وڃي. ڳوٺن جون رونقون ختم ٿينديون پيون وڃن. شهر وڌندا پيا وڃن. شهرن ۾ وڏن پلازائن جي صورت ۾ زمين بجاءِ اسان آسمان ڏانهن فليٽ ٺاهيندا پيا وڃون، جنهن جا نتيجا ايندڙ وقت ۾ اڃا وڌيڪ خطرناڪ ۽ خراب نڪرندا. ان سڄي صورتحال کان بچڻ لاءِ هاڻي قدم کڻڻا پوندا. ٻي صورت ۾ ايندڙ وقت ماحوليات جي تباهه ٿيڻ سان دنيا ۾ به تباهي ايندي.

م                                                                             مهراڻ سائنس ڪلب


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو