Monday, May 23, 2016

سائنس جا سولا سبق ؛ (4) EASY LESSONS OF SCIENCE ڪيميائي ردعمل CHEMICAL REACTIONS

سائنس جا سولا سبق ؛ (4) EASY LESSONS OF SCIENCE


ڪيميائي ردعمل CHEMICAL REACTIONS                            

جڏهن هڪڙا مادا نئين شيء ٺاهڻ لاء ٻين مادن سان ملن ٿا ته اهڙي  عمل کي ڪيميائي ردعمل   Reaction Chemical چئبو آهي.
اهي ڪيميائي ردعمل قدرتي Natural    به ٿي سگھن ٿا.

مثال ؛ اسان جيڪو کاڌو کائون ٿا اهو ڪيترن ئي قدرتي ڪيميائي ردعملن کان پوء اسان جي  جسم لاء توانائي Energy پيدا ڪري ٿو.



اهڙيء طرح اسان ڪيميائي ردعملن جي ذريعي دوائون ، مشروب ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪمائتيون شيون ٺاهي سگھون ٿا.
هوا ۾ موجود ڪجھه خاص گئسون برسات جي پاڻيء سان ڪيميائي ردعمل ڪري  تيزاب Acids    ٺاهين ٿيون،گھڻو وقت گذرڻ کان پوء ان عمل جي نتيجي ۾ ڪيترائي پٿر جهڙوڪ چن جو پٿر ، مورتون ۽ عماتون پڻ خراب ٿي يا ڏري  يا رنگ ڇڏي وڃن ٿيون.


آڪسيڊيشن  (OXIDATION)    ؛ـــ   آڪسيجن ، لوھ قدرتي طور تي ڪيميائي رد عمل ڪندي رهندي آهي جنهن ڪري لوھ تي ڪٽ ( Rust)  ٺهي پوندي آهي جنهن کي آئرن آڪسائيڊ  Ironoxideچئبو آهي ۽ آڪسيجن  جي لوھ سان ان ڪيميائي ردعمل کي ( Oxidation) چئبو آهي.


ڀڙڪو يا ڀڙڪ   COMBUSTION ؛ .. جڏهن آڪسيجن تمام تيزيء سان ٻين عنصرن سان ملي ڪو ڪيميائي ردعمل ڪندي آهي ته ڀڙڪو پيدا ٿيندو آهي. ان قسم جو ئي ڪيميائي ردعمل هڪ راڪيٽ جي انجن ۾ ٿئي ٿو  جتي پاڻِياٺي حالت واري آڪسيجنLiquid oxygen    ۽ هائڊروجن ڀڙڪو کائي ٻرنديون آهن.

                                                       شفيق شاڪر


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو