Wednesday, May 25, 2016

ننڊ پوري نه ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا .( تازي رپورٽ)

شفيق شاڪر



ٿي سگهي ٿوته  اوھان دفتر  ۾ گھڻو مصروف هجويا ممڪن آهي ته ڪنهن ٻار جي سار سنڀال لهي رهيا هجو.جيڪر ايئن ناهي  ته پوء ٿي سگهي ٿو اوھان کي اوچتو  خبر پئجي ويئي هجي ته اڄ رات جو ٽي وي تي هڪ تمام پسنديده  پروگرام آهي.   ..  يا توهان رات دير تائين نيٽ تي ويٺل هجو.مطلب ته لکين بهانا ۽ جواز ٿي سگھن ٿا مڪمل ننڊ نه ڪرڻ جا!جن سان توهان پنهن جو پاڻ کي تسلي ڏيئي سگھو ٿاته فلاڻين فلاڻين مجبورين ڪري طبي ماهرن طرفان تجويز ڪيل گھٽ ۾ گھٽ اٺن کان ست ڪلاڪ روزانو ننڊ توهان مڪمل ڪري نٿا سگھو.  پر هتي چند سبب ٻڌايا ويا آهن جيڪي ان  بيان  لاء مددگار ثابت ٿي سگهن ته  هر رات   مقرر ٿيل ننڊ ڪرڻ ڇو ضروري آهي؟
طبي ماهرن مطابق جيڪي مآڻهو رات جو 6 ڪلاڪن کان گھٽ سمهن ٿا    ته اهڙن ماڻهن جي ميڊيڪل رپورٽ مطابق سندن ذهني صلاحيتون  سست ٿي وڃن ٿيون،اها عادت نه صرف ياداشت تي خراب اثر ڇڏي ٿي  پر  شين تي ڌيان مرڪوز ڪرڻ واري صلاحيت به گھٽجي وڃي ٿي.جيئن  عام شين يا کاڌي جي باري ۾ ويسر، گاڏين  ۽ جاين جي تلاش ڪرڻ ۾ ڏکيائي ،ڪنهن معاملي ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ ڪمزوري ،طبيعت ۾ غصو وڌي وڃڻ، هڪ ٻي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ننڊ جي کوٽ دماغ جي جذباتي مرڪز تي ايترو ته اثرانداز ٿئي ٿي جو اهي مرڪز 60 سيڪڙو وڌيڪ متحرڪ ٿي وڃن ٿا.سولن لفظن ۾ اهي مرڪز توهان جي جذبن کي پراسيس ڪرڻ ۽ حالتن مطابق مناسب ردعمل کان روڪي چڏين ٿا.ننڊ پوري نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ ٻي شيء به طبيعت جو حصو بڻجي وڃي ٿي سا آهي اجايو خرچ ڪرڻ.جيڪر اوهين بنان مقصد جي شيون خريد ڪري بعد ۾ پڇتايو ٿا ته ان جو ذميدار پنهن جي ننڊ جي کوٽ کي به قرار ڏيئي سگھو ٿا.دماغ جو اهو حصو جيڪو پريشانيء کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿوان کي پري فرنٽل ڪورٽيڪس       
                                   (PREFRONTAL CORTEX)           چيو وڃي ٿو  ۽ ننڊ جي  گھٽتائيان کي  گھڻو   متاثر ڪري ٿي.

جنهن جي نتيجي ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت ڪمزور ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهو نتيجن تي نظر رکڻ سواء فيصلا ڪرڻ لڳي ٿو.
ننڊ مڪمل نه ڪرڻ وارا ماڻهو گھڻي کائڻ جي مرض جو شڪار به ٿيندا آهن.جيڪر اوهان ننڊ ڪرڻ جي وقت جاڳندا رهندا آهيو ته گھريلين(GHRELIN) نالي هڪ هارمون جيڪو اوهان کي بک جو احساس ڏياريندو آهي انهن جو تعداد وڌي وڃي ٿو جڏهن ته پيٽ ڀرجي وڃڻ وارو احساس ڏياريندڙ هارمون لپٽين جي سطح گھٽجي وڃي ٿي انهيء ڪري اوهان جي بک وڌي وڃي ٿي.

اهڙيء طرح ننڊ پوري نه ڪرڻ جي صورت ۾ ماڻهو وکريل ۽ کنڊريل نظر ايندو آهي.چهري جي خوبصورتيء لاء به ننڊ تمام اهم آهي ۽ ننڊ مڪمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ اکين جي چوڌاري ڪارا داغ ٺهي وڃن ٿا ۽ چهري مان رونق ختم ٿي وڃي ٿي. هڪ تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ننڊ ۾ تمام گھڻي حد تائين گھٽتائي توهان جي چمڙيء کي تڪڙو پوڙهپڻ طرف ڌڪي سگھي ٿي.جنهنجو سبب جسم ۾ ٽينشن پيدا ڪندڙ هارمون ڪورٽيسول جو گھڻي مقدار ۾ وهڻ آهي.جنهن جي گھڻائي چمڙيء کي نرم ۽ ملائم رکڻ واري پروٽين ڪولاگين کي صحيح نموني ڪم ڪرڻ نٿي ڏئي.

گھڻو بيمار ٿيڻ به مڪمل ننڊ نه ڪرڻ جي سبب کان آهي.هڪ هاڻوڪي تحقيقي رپورٽ مطابق اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪي ماڻهو 6 ڪلاڪن کان گھٽ سمهن ٿا انهن ۾ نزلي ۽ زوڪام جي شڪايت وڌيڪ پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.ته جيڪر اوهان ڪنهن خاص موسم ۾ ان بيماريء جو شڪار ٿيو ٿا ته ان کان بچاء جو آسان طريقو صرف پوري ننڊ ڪرڻ آهي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو