Sunday, May 22, 2016

ڪائنات جي سڀ کان وڏي حقيقت....

ڪائنات جي سڀ کان وڏي حقيقت....
ساگر سهنديرو

. اوهان جتي به آهيو اتي اوهان کي پنهنجي اردگرد ڪيتريون ئي بيشمار شيون نظر اينديون، جيڪڏهن اوهين ڪنهن ڪمري ۾ ويٺا آهيو ته اوهين هڪ لمحي لاءِ سڄي ڪمري ۾ نظر ڦهلايو، اوهين ڏسندئو ته ڪمري ۾ هر شيءِ ٺاهي وئي آهي، ڪمري جون ديوارون، ان ۾ رکيل ڪرسيون، انهن مٿان سجايل گلاس، ديوارن ۾ لڳل گهڙيال جيڪو اوهان کي وقت جو احساس ڏياريندوآهي ۽ ٻيون کوڙ ساريون شيون جيڪي اوهان سان گڏ ان ڪمري ۾ موجود هونديون آهن اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن تخليق ڪيون آهن اهي سڀ معمولي کان معمولي ۽ وڏين کان وڏيون شيون پاڻمرادو وجود ۾ ڪو نه آيون آهن ايتري تائين جو اوهان جي ڪمري ۾ هيٺ وڇايل قالين ۽ ان ۾ لڳل ڌاڳا اهي به ڪنهن نه ڪنهن ٺاهيو هوندو ۽ پوءِ ڌاڳن کي ملائي ڪري هي خوبصورت ۽ دلڪش قالين تيار ٿيو هوندو ، اهڙي نموني جيڪڏهن اوهين ڪنهن ميدان ۾هوندا آهيو ته اوهان جون اکيون کوڙ ساريون قدرتي ۽ مصنوعي شيون ڏسنديون آهن جيڪي ان ميدان جي ارد گرد ڦهليل هونديون آهن اوهان ميدان ۾ ٻارن کي بال سان کيڏندي ڏسندا آهيو اوهان جو ذهن هڪ دم ان احساس ۾ وڪوڙجي ويندو آهي ته اهو بال به ڪنهن جي تخليق جو ڪمال آهي ۽ ان ئي ميدان ۾ اوهين ڪنهن وڻ کي هوائن ۾لڏندي ڏسندا آهيو ته اوهان کي احساس ٿي ويندو آهي ته اهو وڻ ڪنهن نازڪ ٻوٽي مان وڻ ڪيئن ٿيو ۽ پوءِ اوهان جو ذهن هڪ دم ان راز کي سڃاڻي ويندو آهي ته اهو وڻ ڪنهن وڏو ڪيو، اهڙي نموني اوهان جڏهن ڪنهن لائبريري ۾ ويندا آهيو ته اوهان کي کوڙ سارا ڪتاب ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ اوهان پاڻمرادو سمجهي ويندا آهيو ته هي ڪنهن نه ڪنهن تخليق ڪيو آهي ۽ جڏهن ان ڪتاب تي ان جي تخليقڪار جو نالو پڙهندا آهيو تڏهن اوهان کي اطمينان ٿي ويندو آهي ته اهو ڪنهن تيار ڪيو پر جڏهن اوهان ان ئي لائبريري ۾ ڪا تصوير، ڪا پينٽنگ ڏسندا آهيو تڏهن اوهين تجسس ۾ پئجي ويندا آهيو ته آخر اها شاهڪار ڪنهن ايجاد ڪئي آهي پوءِ اوهان جو ذهن اندر ئي اندر ڪمپيوٽر وانگر ان مالڪ جو نالو سرچ ڪرڻ لڳندو آهي جنهن اها تصوير ٺاهي هو ندي آهي، اهڙي نموني اوهان ڪڏهن به ڪٿي به ڪا شيءِ ڏسندا آهيو تڏهن اوهان پاڻمرادو سمجهي ويندا آهيو ته هن کي ڪنهن نه ڪنهن وجود ۾ آندو            
هوندو  اوهين انهن شين کي ڏسي ڪڏهن به ائين نه ٿا چئي سگهو ته اهي ائين ئي اتفاق سان پاڻمرادو وجود ۾ آيون هونديون                                                                                                                               
                                                                                                                             
.
کوڙ عرصي کان هن دنيا جا سائنسدان ان تجربي ۾ لڳا پيا آهن ته هيءَ دنيا ائين ئي حادثاتي طور وجود ۾ آئي آهي ۽ بگ بئنگ جهڙا وڏا ۽ مهانگا تجربا ڪرڻ به ان ئي ڪڙي کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش آهن پر شايد دنيا جي سائنسدانن ۽ بيوقوف ماڻهن کي ان ڳالهه جو احساس ناهي ته هيءَ دنيا پهريان ڪنهن جو خيال هئي ۽ پوءِ ئي هيءَ وجود ۾ آئي، ان ڳالهه کان ڪو به مسلمان انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته هيءَ دنيا اڪيلي خدا جي جوڙيل آهي پر ڳچ عرصي کان يورپي، آمريڪي ۽ مسلم دنيا جي ڀليل سائنسدانن جي تجربن ڪرڻ واري مهم ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته هيءَ دنيا گهڻو عرصو پهريان ٿيل هڪ حادثاتي ڌماڪي جي پيداوار آهي پر يقين ڄاڻو هرگز هرگز ائين ناهي هيءَ دنيا هڪ سوچيل سمجهيل خيال مطابق ان خالق تعمير ڪئي آهي جنهن هن ڪائنات جي ذري ذري کي جنم ڏئي پنهنجي پنهنجي ڪرت سان لڳائي ڇڏيو آهي ۽ پوءِ ڪڏهن ڪنهن ذري پنهنجي ڪم کان علاوه ڪو ٻيو ڪم ناهي ڪيو، اوهان هڪ ماڪوڙي کي ئي ڏسو ان به ڪڏهن غلطي ۾ ڪرڙي وارو ڪم نه ڪيو هوندو، ڀلا اوهان جي اکين ڪڏهن ڪنهن ستاري کي چنڊ جي جاءِ تي چمڪندي ڏٺو، يقينا اوهان جي اکين سواءِ انسان جي ٻئي ڪنهن کي به فطرت جي ابتڙ ڪم ڪندي ڪين ڏٺو هوندو، اهو انسان ئي آهي جنهن پنهنجي جاءِ تي روبوٽن کي تيارڪري پنهنجي ڪم کي گهٽائي ڇڏيو، پر شايد انسان اهو وساري ويهي رهيو آهي ته هن دنيا جي ذري ذري کي خالق ڪائنات ئي هلائي رهيو آهي ۽ اها ئي ڪائنات جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي جنهن کان هن دنيا وارا انڪاري ٿي رهيا آهن، اوهان ٿورو غور ڪيو جيڪڏهن ڪنهن انسان کي بک ناهي لڳندي ته هو ڪيڏو پريشان ٿي ويندو آهي، هن کي سڪون ئي ناهي ايندو جيستائين هن کي بک نه لڳي ۽ هو ماني نه کائي پر ڪڏهن ان ئي انسان کي ماني کائڻ سان ئي سور ٿيندو آهي ۽ هو هڪ دفعو وري پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ۽ اسپتالن جا چڪر لڳائيندو آهي، اها ئي قدرت آهي جيڪا پنهنجي وقت تي ڪم ڪري ٿي پئي ۽ انسان جي لک چاهڻ باوجود به پنهنجي ڪم کان پوئتي ناهي هٽندي توڙي جو انسان بيشمار ڪوششون ڪندو آهي ته هن سان ائين مسئلا نه ٿين پر نه ڄاڻ ڇو اهي ننڍڙا ننڍڙا مسئلا ئي ماڻهو کي منجهايو ڇڏين، پر افسوس جو ان ويل به ڀليل انسانن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ناهي ايندي ته اهو سڀ ان ئي خالق ڪائنات جو ڪمال آهي جنهن هن      ڪائنات کي انسانن لاءِ خوبصورت کان خوبصورت ڪري تعمير ڪيو ۽ پوءِ رڳو 
  ڪائنات  جي 10 سيڪڙو منظرن کي ڏسڻ سان ئي انسان حيران ٿيو وڃي.

دنيا جا وڏا سائنسدان جتي ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ مصروف آهن ته هيءَ دنيا خدا تعاليٰ جي تخليق ڪيل ناهي پر اها حادثاتي طور هڪ وڏي ڌماڪي کان پوءِ وجود ۾ آئي هئي اتي ئي اڄوڪي سائنس انهن اڳيان اهو راز فاش ڪري ڇڏيو آهي ته اڄ تائين سائنسدانن جيتري به ڪائنات  جو مشاهدو ڪيو آهي يا هنن جيڪي به ايجادون ۽ تجربا ڪيا آهن اهي رڳو هن دنيا جي 10 سيڪڙو حصي جو ڪمال آهي، باقي 90 سيڪڙو دنيا انهن سائنسدانن، سائنسي ڪئميرائن ۽ عام ماڻهن جي اکين کان اوجهل آهي، مائونٽ ايورسٽ تائين پهچڻ، چنڊ تي پڪنڪ ملهائڻ، سج جون تصويرون ڪڍڻ يا مريخ تي پاڻي ۽ آبادي جي ڳولا وارا سمورا عمل اهي سڀ رڳو 10 سيڪڙو دنيا جو ڪمال آهن، جديد سائنس اهو انڪشاف ڪيو آهي ته اسان جي زمين جهڙا اربين ۽ کربين ستارا هن ڪائنات ۾ موجود آهن جڏهن ته اسان جي زمين کان 500 سهوڻ دفعا وڏا بيشمار ستارا جيڪي اڃان تائين جديد سائنس جي اکين کان اوجهل آهن اهي هن دنيا ۾ موجود آهن، جديد سائنس جي اهڙن انڪشافن کان پوءِ هن دنيا جا سائنسدان حيرت ۾ پئجي ويا آهن ۽ انهن پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي تيز ڪري ڇڏيو آهي پر اهي سائنسدان اهي نه ٿا ڄاڻن ته هو پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي جيترو تيز ڪندا اوترو ئي هي پنهنجي منزل کان ڏور ويندا ڇو جو انساني عقل ۽ دماغ ۾ ان کان وڌيڪ برداشت جي سگهه موجود ناهي جو هو خدا جي خدائي کي سمجهي سگهن، بلاشڪ يورپ جي سائنسدانن خوشبوئن کي محفوظ ڪرڻ وارا ڪمپيوٽر تيار ڪري ورتا آهن پر پوءِ به انهن جو ذهن انهن جي سائنس اهڙي ڪا به ايجاد نه ٺاهي سگهندي جنهن سان هن ڪائنات جي تخليق جو راز معلوم ڪري سگهجي، فيوچر ڪمپيوٽرن جي ايجاد ( جيڪي ٻه ڏينهن اڳ ايندڙ ڏينهن جي معلومات ڏيڻ جي سگهه رکن ٿا ) کان پوءِ به هن دنيا جا سائنسدان ان حقيقت کان پردو نه هٽائي سگهندا ته هيءَ ڪائنات خالق ڪائنات جي سڀ کان وڏي ۽ خوبصورت ايجاد آهي ۽ اها ئي هن دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي ته هيءَ ڪائنات سوچيل سمجهيل منصوبي تحت تيار ڪئي وئي هئي ڇو جو هن دنيا جو وجود ئي ٻن شين تي آهي هڪ خيال تي ۽ ٻيو پيش ڪرڻ تي جيئن هيءَ دنيا پهريان الله تعاليٰ جو خيال هئي ۽ پوءِ ان کي تعمير ڪري پيش ڪيو ويو اهڙِي نموني دنيا جي هر شيءِ جڏهن دنيا اڳيان پيش ٿيندِي آهي ان کان اڳ اها ڪنهن جو خوبصورت خيال هوندي آهي بلڪل ائين جيئن ڪو سنگتراش ڪنهن مجسمي کي تراشڻ کان اڳ سوچيندو آهي ان تي غور فڪر ڪري ان جي تياري تي غور ڪندو آهي ۽ پوءِ ڏينهن جي محنت کان پوءِ ان کي پيش ڪندو آهي ٺيڪ اهڙي طرح خدا تعاليٰ به پهريان سوچيو هو ته منهنجي ڪائنات هيئن هوندي ۽ پوءِ رڳو حڪم ڪيائين ته هيءَ ڪائنات وجود ۾ آئي ......!!!؟؟؟

مهراڻ سائنس ڪلب





No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو