Monday, May 23, 2016

ٻار لاء سڀ کان اهم آواز سندس ماء جو آواز آهي. جديد سائنسي تحقيق


ٻار جي زندگيء ۾ سڀ کان اهم آواز ان  هن جي ماء جو هوندو آهي ۽ هاڻي سائنس به تصديق ڪري ڇڏي آهي ته سچ پچ ماء جي آواز ۾ ڪا خاص شيء آهي.اسٽين فورڊ يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسين سان لاڳاپو رکندڙ محققن پنهن جن سائنسي مقالن ۾ پئدائش کان پوء هڪ سيڪنڊ کان به گھٽ وقت اندر،ٻار طرفان ماء جي آواز کي سڃاڻڻ تسليم ڪيو ويو آهي.نفسياتي شعبي ۽ روين جي سائنس سان لاڳاپيل سائنسدانن جي هڪ ٽيم معلوم ڪيو ته ٻارن جي دماغ اڻ واقف عورتن جي آوازن جي  ڀيٽ ۾ سندن مائرن جي آواز تي وڌيڪ ردعمل ظاهر ڪيو هو توڙي جو ٻارن ماء جي آواز کي صرف ٿوري دير لاء ٻڌو هو.انهن سائنسدان  لکيو آهي ته هتي اسان ٻارن جي دماغ جي انهن خاص سرڪٽس طرف اشارو ڪيو آهي جيڪي صرف ماء جو آواز ٻڌڻ سان ئي حرڪت ۾ اچن ٿا،

ٻارن جي دماغ جي اندرين عملن کي ڏسڻ لاء تحقيق ڪندڙن ستن کان 12 سالن جي وچ واري عمر جي 24 تندرست ٻارن جي دماغ جا اسڪين وٺڻ لاء ايم آر آئي جو استعمال ڪيو. اسڪين دوران سمجھه ۾ نه ايندڙ لفظن جي ٿوري دير واري ريڪارڊنگ ٻڌائي ويئي، جن مان ڪي آواز انهن جي مائرن جا هئا. ان کان سواء ڪي آواز انهن عورتن جا به هئا جن کي ٻار بلڪل نه سڃاڻندا هئا توڙي جو اها ريڪارڊنگ هڪ سيڪنڊ کان به گھٽ وقت جي هئي پر ٻار اٽڪل 97 سيڪڙو کان به مٿي پنهن جن مائرن جي آوازن جي صحيح سڃاڻپ ڪري سگھيا ٿي.تنهن هوندي به نئين تحقيق جي نتيجن مان اها ڳالهه سامهون آئي ته ماء جو آواز ٻڌڻ سان ٻارن جي دماغ ۾ هڪ کان وڌيڪ نظام حرڪت ۾ آيا ٿي جن جو ٻڌڻ جي صلاحيت سان ڪو واسطو ئي نه هو.

مهراڻ سائنس ڪلب

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو